67
1 ﻋﻮرت ﺟﻲ آزادي ﻋﺒﺪاﻟﻤﺆﻣﻦ ﻣﻴﻤﮡ ﺣﻖ ۽ واﺳﻄﺎ ﮀﭙﺎﺋﻴﻨﺪڙ وٽ ﻫﭥﻴﻜﺎ ﻛﺘﺎب ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ: ﻋﻮرت ﺟﻲ آزادي ﺗﻠﺨﻴﺺ: ﻋﺒﺪاﻟﻤﺆﻣﻦ ﻣﻴﻤﮡ ﻛﻤﭙﻮزﻧﮓ: اﺣﻤﺪ اﻟﺪﻳﻦ راﭴﭙﺮ@ ﮘﺎﮢﻴﭩﻮ: ﻫﻚ ﻫﺰار ﻫﻚ ﺳﺌﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﮀﺎﭘﻮ: ﺳﻴﭙﭩﻤﺒﺮ2010 ع

Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

Embed Size (px)

DESCRIPTION

Oorat babat Abdul Momin memon jo mazmon jehn main hun oorat ji azadi mutaliq bayan kayo aaje.

Citation preview

Page 1: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

1

عورت جي آزادي

عبدالمؤمن ميمڻ

هٿيكاڇپائيندڙ وٽ حق ۽ واسطا

عورت جي آزادي : كتاب جو نالو

عبدالمؤمن ميمڻ : تلخيص

@احمد الدين راڄپر : كمپوزنگ

هك هزار هك سئو : ڳاڻيٹو

ع 2010سيپٹمبر : پهريون ڇاپو

Page 2: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

2

مهاڳ

كورٽ جي هك فاضل جج قاسم امين هي مصر جي ها

هن كتاب . ع ۾ لکيو1902جي نالي سان عربي ۾ ” ةأتحريرالمر“كتاب

. جي لکجڻ کان پو مصر جي هر طبقي ۾ هن كتاب جي مخالفت ٿي

اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمتن، فتوائن جا انبار لڳي ويا، هر مجلس ۽ محفل ۾

وئي، پهرين جنگ عظيم جي خاتمي قاسم امين جي مخالفت كئي

کانپو مصر ۾ آزادي جي تحريك شروع ٿي ته مصري مردن سان گڎ

عورتن به ڀرپور حصو ورتو، نتيجي ۾ مصر جي آزادي جي تحريك نه رڳو

مصر جي پر عورتن جي آزادي جو پيش خيمو به بني، پو سعد زاغلول

مين جو نالو به وڏي عزت سان ور تو وڃڻ لڳو، سان گڎ قاسم ا

ة أالمر“جو جواب ” ةأتحريرالمر“مصر جي مشهور مصنف فريد وجدي

ع ۾ موالنا 1910جي نالي سان لکيو، جنهن جو اردو ترجمو ” المسلمة

جو اردو ترجمو موالنا عبيدا� سنڌي ” ةأتحريرالمر“. ابوالكالم آزاد كيو

ر جي شاگرد ۽ سندس فكر ۽ نظريات جي ترجمان پروفيسر محمد سرو

ع ۾ سنڌ ساگر اكيڈمي الهور شايع 1948صاحب كيو جيكو

پروفيسر سرور صاحب جو چوڻ آهي ته عالمه فريد وجدي اڃا تائين . كيو

زنده آهي اهو انهن خيالن کان، جيكي ان اڄ ) ع جي زماني تائين1948(

کان چاليهه سال پهرين كتاب مذكوره ۾ لکيا هئا، كڎهو كو توبهه

ي ان مترجم موالنا آزاد، دهلي ۾ ڇوكرين جي باق. تائب ٿي چكو آهي

هك كاليج ۾ تقسيم استاد فرمائيندي چيو آهي ته اسان جي معاشرتي

زندگي ۾ مردن سان كلهوكلهي ۾ مالئي عورت جيستائين شريك

نه ٿي ٿئي ۽ ٻئي گڎجي زندگي کي سنوارن ۽ ٺاهڻ ۾ جدوجهد نه ٿا كن

۽ اسان . نه ٿي كري سگھي تيستائين اسان جي قوم كڎنهن به ترقي

موجوده پست مان كڎهن به نكري نه ٿا سگھون،

محترم عبدالمؤمن جڎنهن مسلمان عورت جو ترجمو كيو هو ته

اهو كتاب به منهنجي نظرن مان كڍايو هئائين ان ئي وقت مون سندس

توجھه ان طرف ڇكايو هو ته هي كتاب جنهن كتاب جي جواب ۾

موالنا ابوالكالم آزاد اسان . ان کي ڏسڻ گھرجيلکيو ويو آهي سو به اوه

جي اكابرن مان آهي پر پروفيسر محمد سرور ۽ سندس سنڌ ساگر

اكيڈمي الهور کي اهو شرف حاصل آهي ته انهن جي ذريعي كيترائي

شاه ولي ا� جي فلسفي ۽ موالنا سنڌي جي فكر تي لکيل كتاب ڇپجي

مسلمان عورت، كتاب جي “ان پروفيسر سرور ۽ سندس اداري پار. عام ٿيا

ان ڳالهه جو ” ةأتحريرالمر“بجا جي چونڈ كرڻ، عبيداللهي فكر وارن ال

دليل آهي ته انهن کي هن نقطه نظر ۾ كهڑي راهه اپنائڻ گھرجي، بهرحال

منهنجي ٻڌائڻ کان پو عبدالمؤمن هٿ ڌوئي منهنجي پٺيان پئجي ويو ته

ريسرچ الئبريري سنڌاالجي نيٺ اهو كتاب. اهو كتاب هٿ كري ڏي

جي محمد عثمان ڏيپالئي كارنر مان کيس فوٹو كاپي كرائي ڏنم ۽

. ٿورن ئي ڏينهن ۾ ان جو اختصار سنڌي ۾ جوڙي ورتائين

ٹائيم گھٹ هئڻ كري مان هن تلخيص اختصار کي اصل سان ڀيٹي

جيكي . البته چونڈيل مضمونن جو جائزو ورتو ويو آهي. نه سگھيو آهيان

تهائي اهم مضمون آهن، عورت جي آزادي بابت مصنف جا خياالت ان

يورپ جي ڇڑواڳي جي حق ۾ ناهن، مصنف عورتن مان كن جي

ماڳهين اخالق جا ليكا لتاڙڻ، مردن جي هٿن ۾ رانديكو بنجڻ يا بازار

جي رونق بنجڻ کي به رد كيو آهي، ان کي سرمائيدارانه نظام جي نحوست

کي هن ڳالهه جو نتيجو قرار ڏنو آهي ته عورت آزادي يا ان. قرار ڏنو آهي

مصنف جو چوڻ . جو تقدس لتاڙي ڇڑواڳي کي وڃي ڀاكر ۾ ورتو آهي

آهي ته اسالم اعتدال پسند مذهب آهي ۽ آزادي به معتدل رهڻ سان ئي

قائم دائم رهي سگھي ٿي، مصنف عورت جي تعليم تي تمام گھڻو زور

عورت کي سماج جي مختلف شعبن ۽ سندس چوڻ آهي ته . ڏنو آهي

پردي بابت مصنف جيكا را اختيار . خدمتن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گھرجي

كئي آهي تنهن ۾ ان فقيهن جي تائيد سان پنهنجو موقف پيش كيو

Page 3: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

3

ان طرح مصنف عورت سان متعلق انتهائي اهم ۽ ڏکين بحثن ۾ هٿ . آهي

.وڌو آهي ۽ انهن کي ڀرپور استدالل سان سمجھايو آهي

مصنف جڎهن هي كتاب لکيو تڎنهن يورپ ان کان به اڳ يعني

اڻويهين صدي جي آخر ڌاري عورت جي آزادي جي تحريك ۾ كامياب

ٻي دنيا ان آزادي جي تحريك کان نئون نئون متاثر ٿي رهي . ٿي چكو هو

پر پو به کيس داد ڏيڻو . خود مصنف به ان تحريك کان متاثر ٿيو. هئي

. اسالم جي اعتدال واري راه نه ڇڎي پوندو ته ان

يورپ ۾ عورت جي آزادي جيكي رنگ كڍيا، خانداني زندگي

عورت ۽ مرد مان . تباهه ٿي وئي، ازدواجي تعلقات انتهائي كمزور ٿي پيا

هك ٻئي ال محبت ۽ احترام وفاداري ۽ اوالد ۽ خاندان جي اهميت

تي خود غرض تعلقات جا ورتي، جنهن جي نكري وئي ۽ ان جي جا

نتيجي ۾ عورت كپڑا به ايترا جلدي نه ٿي مٹائي جيترو جلدي مڑس ٿي

مٹائي، ان جي مقابلي ۾ اسان مسلمان نه سياسي آزاديون ماڻي سگھيا

آهيون نه سماجي شعبن ۾ كا تبديلي آڻي سگھيا آهيون، نه ئي عورت

ها خاص كري سنڌ ۾ عورت انت. کي ان جو جائز مقام ڏئي سگھيا آهيون

عورت جو قتل . درجي جي غالمي ۽ ذلت جي زندگي کي گذاري رهي آهي

ايترو آسان بنايو ويو آهي جو كنهن موڏي جانور جو قتل به ايترو آسان

. ناهي

منهنجي خيال ۾ يورپ جي ڇڑواڳي جا نتيجا به اسان جي سامهون

آهن ۽ پنهنجي پست حالت به ساري پئي آهي، انهن ٻنهي ذلتن منجھان

سکي اڄ اسان ال عورت جي آزادي جي معاملي ۾ صحيح راء رکڻ سبق

ان موضوع تي هي كتاب سنڌي ٻولي ۾ . وڌيك آسان ٿي پئي آهي

. هك اهم اضافو ثابت ٿيندو

محمد انس راڄپر

***

ٻه اکر

عورت انسانذات جو اڌ آهي، كٿي وڌ كٿي گھٹ پر هن زمين جي

ادي رکي ٿي، ۽ اها به هك سائنسي گولي تي هو پنجاهه سيكڑو آب

حقيقت آهي ته دنيا جي گولي تي انسانذات جي ابتدا کان مرد سان خوشين

۾، غمين ۾، پورهئي ۾، تخليق ۾، واقعن ۾، جنگين جھيڑن ۾، زلزلن،

حادثن ۾، ٻوڏن ۽ طوفانن ۾، هميشه گڎ رهي آهي ۽ هر قسم جي

ن تاريخن جا ورق کولجن ٿا پر اڄ جڎه. كاروهنوار ۾ برابر ڀائيوار رهي آهي

فنون لطيفه جي كنهن به شاخ ۾ .... يا ادب، شاعري، مصوري، راڳ، رقص

ڏسجي ٿو ته سندس ذكر مرد جي ڀيٹ ۾ بنهه كونهي يا كو ورلي

هك اهڑي هستي جيكا پنهنجي پيٹ مان ڄاول ٻار کي ٿڃ ڌارائڻ . ملندو

الئق بڻائي ٿي، سندس کاڌو کارائڻ کان وٺي پير پير هلڻ ۽ زماني ۾ اٿڻ ويهڻ

ان کي اهو ساڳيو ئي ٻار وڏو ٿي پاڻ کان گھٹ ... تعليم ۽ تربيت كري ٿي

عقل، كمتر سمجھي سندس حصي جي خدمت کي مڃڻ کان انكاري

...بنجي تاريخ جي ورقن مان خارج كري ڇڎي ٿو

هك عورت، زال بنجي پنهنجي مرد سان جذباتي، جسماني ۽ روحاني

اڃ اجھائي ٿي، سندس تسكين جو سامان رشتا ڳنڍي سندس بک ۽

كري ٿي ۽ سندس نسل کي اڳتي وڌائي ٿي، اهائي عورت پنهنجين انهن

ئي خوبين جي كري مجرم بنجي وڃي ٿي ۽ مرد کيس رسمن رواجن جي

زنجيرن ۾ جكڑي پنهنجو غالم بنائي ڇڎي ٿو ۽ ان جو نالو به ٻئي

جي نالي ۾ كنهن جي زبان تي ٻڌڻ نٿو چاهي، ۽ جڎهن چاهي غيرت

...قتالم كندي كو حيا نٿو كري

ٿي سگھي ٿو ته كي سماجيايت جا ماهر ان جي اها تاويل ڏين ته

عورت هك كمزرو وجود آهي ان كري ان جي حفاظت خاطر مرد

ائين كندو هجي، يا ٿي سگھي ٿو ته هو سندس كمزوري جو فائدو وٺي

يا مڑسي جو ڌاكو وهارڻ مٿس قابض ٿي سماج ۾ پنهنجي مردانگي

Page 4: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

4

چاهيندو هجي يا ائين به ٿي سگھي ٿو ته هو زور زبردستي كري مٿس

مالكي کي پختو كندو هجي ته متان كو ٻيو سندس مرضي کان

سندس مرضي سان ڀلي عيوض ۾ مٹا ... (سوا کانئس ان کي ڦري نه وٺي

!). سٹا ۾ كو وٺي وڃي

اهو نتيجو اخذ كيو مون پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي بنياد تي

آهي ته قدرت، عورت مٿان مهربان هئي ۽ ٻار جي جنم ۽ پرورش ال

منجھس اضافي خوبيون ڀري ڇڎيون هئائين، اهوئي سبب آهي جو مرد

Insecureهو پاڻ غير محفوظ . هميشه کان عورت کان خائف رهيو آهي

تاريخ جي كنهن دور ۾ هن محسوس كري ورتو آهي ته هكجهڑا . آهي

سو کيس عورت -عا ملڻ تي عورت متان کائنس اڳتي نكري وڃيموق

جي جن جن صالحيتن ۽ لياقتن کان خوف ٿيو هن انهن کي دٻائڻ شروع

جنهن جنهن جسماني پورهيي سان عورت جي جسماني سگھه قائم . كيو

رهي سگھي ٿي اهو کانئس کسي، کيس چادر ۽ چوديواري جو دلبو ڏئي گھر

ختم كيائين ته آهستي آهستي هو اندر واڙي، جسم جي كسرت

جڎهن محسوس كيائين . جسماني سگھه ۾ کانئس كمزور ٿيندي وئي

ته تخليقي صالحيتن ۾ عورت کيس مات ڏئي سگھي ٿي تڎهن سندس

ٹڻ شروع كيائين ۽ سندس تخليق كيل فن ۽ تخليقي صالحيتن کي گھ

ندو ويو يا هنر کي مڃتا ڏيڻ کان انكار كيائين يا اهي پنهنجي کاتي ۾ لک

مرڳو انهن جو ذكر كرڻ ڇڎي ڏنائين ۽ عورت پاڻ به انهن کان پاسيري

جڎهن محسوس ٿيس ته علم ۽ ڄاڻ جا هكجهڑا موقعا ملڻ تي . ٿي وئي

متان هو مٿس حاوي پئجي وڃي تڎهن هن مٿس علم جا دروازا بند

عورت جون . كري ڇڎيا ۽ هو ڄاڻ جي کوٽ جو شكار بڻجي وئي

ند كرڻ کان پو صدين جي اهڑي گھٹ ۽ دٻڑ ڌؤنس کان سڀئي واٹون ب

وئي ته ) ٿي tame(پو جڎهن عورت كنهن پالتو جانور وانگر هري مري

پر پو به هن کي . هن کيس مٹا سٹا، عيوض ۽ وكري جي وٿ بنائي ڇڎيو

اهو ئي ان جي حاوي پوڻ جو خوف جنهن هن کي . سک كونه آيو

threatened هئڻ، مان ” عورت“خود عورت جي محسوس كرايو، هن کي

سندس ڏوهه بنجي وئي، قدرت عورت ” جنس“ائين سندس -محسوس ٿيو

هو . کي ما بنائڻ ال منجھس اها قوت مرد کان وڌيك سگھاري رکي آهي

ان جي ان صالحيت کي بنهه ختم به نٿي كري سگھيو جو اها سندس به

ن تي ضابطو رکڻ ضرورت هئي پر ان کي پنهنجي قبضي ۾ كرڻ ال ۽ ا

ال هن سماج جي هر رسم ۽ هر رواج، هر ريت ۽ هر روايت کي انهي محور

تي آڻي بيهاري ڇڎيو آهي، اڄ هك طرف سندس تخليق كيل ادب ۽ فن

۾ عورت ۽ ان جو جسم اهم ترين موضوع آهن، ڊراما، فلم ۽ ٿيٹر عورت

تصور پيش كن ٿا، كمرشل دنيا (stereotype)جو هك مخصوص

عورت هك ماڊل طور پيش كئي وڃي ٿي ۽ كوبه اشتهار سندس ۾

عورت جي آزادي کي يورپ ۽ امريكا جي . ذات کانسوا اڌورو آهي

كپڑن کان آجين كجھه سيكڑو عورتن جو مثال ڏئي سبوتاز كيو

ٻئي طرف اڌ شاهدي، اڌ وراثت جي آڙ وٺي كڎهن كارو . وڃي ٿو

جي نالي ۾ كڎهن كاري، غير ت عزت جي نالي ۾ كڎهن مذهب

” عورت“سماجي اخالقيات جي نالي ۾ سمورا قانون ۽ قاعدا عورت جي

هئڻ واري حيثيت کي قابو كرڻ ال استعمال ٿين ٿا ۽ انهن کي جواز ڏيڻ

ال كن آسماني كتابن مان هٿ ٺوكيون تاويلون پيش كيون وڃن

ٿيون ۽ انهن جون تفسيرون پنهنجي مرضي، مسلك ۽ نظريي موجب

ون وڃين ٿيون، يا عورت جي حق ۾ چيل ڳالهين کي ڍكي، ان جي كي

سڀاويك انساني كمزورين کي وائکو كري جواز ڏنا وڃن ٿا، ۽ جڎهن

جڎهن كنهن ا� جي نيك بندي، كنهن نبي سڳوري عورت جي

outحالت بدالئڻ ال كجھه چيو ته اهڑين حديثن کي عام كرڻ بدران

of context کي عام كرڻ جي كوشش ٿيان جي ابتڑ ڳالهين ...

اتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته عورت جيكڎهن عقل ۾ گھٹ نه هئي،

منجھس تخليقي صالحيتن جي کوٽ نه هئي ۽ هو مرد کان كمزور به نه

ڇو نه اهڑي مرد جي خالف -هئي ته پو هن اهو سڀ كجھه ٿيڻ ڇو ڏنو

ھاتي كئي جنهن اتي ساڻس قدرت ويساهه گ... ان جي سامهون ٿي بيٺي؟

هن جي دل کي ممتا ۽ محبت جي جذبن سان سرشار كري جذباتي طرح

هو جنم ڏيڻ واري پٹ جي حياتي، . كمزور ۽ ڏکڻو كري ڇڎيو هو

سک ۽ سالمتي ال دعائون كندڙ هستي پنهنجي ممتا کي ماري سندس

Page 5: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

5

خالف ٿي نه سگھي، هو پنهنجي سڳي ما ڄائي ڀائڑي سامهون بيهي

جھيڑي نه سگھي، هن پنهنجي ابي جي اکين ۾ اکيون وجھي ڳالهائڻ ساڻس

جو ساهس نه ساريو ۽ ٻئي طرف هن جي كک کي سائو كندڙ مڑس

کيس محبت جي مار ڏئي ويو ۽ ائين هو پنهنجي خوني رشتن جي اڳيان

. ۽ چپ چاپ ڄاڻي واڻي هار قبول كري ويهي رهي. سينو ساهي نه سگھي

بقول كنهن شاعر جي ته؛

هن جيون ۾ ڄاڻي واڻي هارائيندو آيو

آهيان،

جيئن تون کٹين ۽ ٹڑي پوين هر بار

.خوشي ۾

اڄ جي عورتن جي اكثريت اڃا به انهي مفرورضي ۾ جيئي ٿي ته

مرد کانئس برتر آهي، سندس سر جو سائين آهي ۽ جيئن چاهي تيئن وهنوار

ڙيل جنسار جي كري سگھي ٿو، پر كي ارڏيون عورتون انهي هٿراڌو جو

ساڻن گڎ كي باضمير مرد به پنهنجي !حقيقت ڄاڻي چكيون آهن ۽ ها

هم جنسن جي ويساهه گھاتين کي سمجھي صدين کان ٿيندڙ انهن ظلمن

- جو كو تدارڪ كرڻ ال ساڻس گڎجي جدوجهد ال تيار ٿيا آهن

كن سائنس جي هٿيار کي استعمال كيو آهي، كي سماجياتي علم

ته كي مذهبي حواال ڏيئي عورت کي سندس جائز ۽ وسيلي دليل ڏيئي

آ سمجھان ٿي ته اهي عورت يا مرد ... برابري وارو مقام ڏيارڻ ۾ رڌل آهن

شال ڌڻي . جي نه پر انسانذات جي مان مرتبي ۽ عزت جي ال كوشان آهن

سندن حوصال بلند كري ۽ کين پنهنجين كوششن ۾ كامياب تعالي

. ات جي مجموعي ڀالئي آهيكري جو ان ۾ ئي انسانذ

آخر ۾ ايترو هن كتاب جي حوالي سان ضرور چونديس ته محترم

ڀا عبدالمؤمن ميمڻ پڻ پنهنجي وس آهر، پنهنجي علم ۽ عقل، تعليم ۽

تربيت آهر هك اهڑي ئي كوشش كئي آهي، كجھه مهينا اڳ هن

كتاب جو هك ابتدائي خاكو ٻه اکر لکي ڏيڻ ال مون کي ڏياري

يو هئائين، جنهن ۾ پيش كيل كيترن خيالن سان مون کي موكل

اختالف هو ان كري مون اهو کيس موٹائي ڏنو هو ۽ ان بابت پنهنجا

تاثرات کيس ڏياري موكليا هئا جنهن کانپو ان ۾ تبديلي آڻي ٻيهر لکي

توهان “: موكليائين جنهن سان گڎ موكليل خط ۾ قبول كري ٿو ته

ئي بلكه پنهنجي تاثرات ۾ مون ال اهڑا نه رڳو تاثرات جي عنايت ك

. نكتا تحرير كيا جن مون کي نئين انداز سان سوچڻ جا نوان رخ ڏنا

اوهان جي ئي ان رهنمائي کان پو مون هك نئون كتاب تيار كيو

... ”عورت جي آزادي“:آهي

آ ڀانيان ٿي ته هن ۾ پيش ٿيل كن ڳالهين سان سهمت نه هوندي

ديس ته هي هك سٺي كوشش آهي جنهن ال ڀا به اهو ضرور چون

. کيرون لهڻي

ڊاكٹر فهميده حسين

Page 6: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

6

دل جي ڳالهه

. مرد ۽ عورت، ٻئي زندگي جو گڎيل سرچشمو آهن/ عورت ۽ مرد

ٻنهي مان كنهن به هك کي نظر انداز كبو يا خارج كري ڇڎبو ته

.زندگي تي سكتو طاري ٿي پوندو

ن عورت ۽ مرد کي هك ٻئي ال الزم ملزوم ثابت كرڻ اسين جڎه

بجا ٻنهي جي حيثيت جي تعين جي چكرن ۾ پئون ٿا ته ان جو مطلب

اهو آهي ته اسان جا ذهن به جاگيرداراڻي ۽ سرمائيداراڻي روڳ جي سينور

عورت جي پنهنجي هك مستقل حيثيت آهي ۽ مرد . سان سينواريل آهن

ٻئي انسان . تي هكڑا مستقل وجود آهنجي پنهنجي۔ ٻئي پنهنجي جا

. آهن ۽ ٻنهي جون بشري تقاضائون عين هكجهڑيون آهن

اهو ساهدار، جنهن ۾ خلقڻهار جو روح ‘: جي تعريف آهي’ انسان‘لفظ

موجود آهي، جيكو آزاد آهي جيكو سوچيندو، لوچيندو ۽ شيون ايجاد

ن کي خوبصورت ۽ خوشگوار بڻائي، هر كري زندگي کي ترتيب ڏئي ا

پيار، اكير، محبت جو اهڃاڻ بڻجي، پروردگار جي معرفت ال مخلوق ال

ته، ڇا ان تعريف جي روشني ۾ مرد ۽ عورت جي ’ .لوچيندو رهندو آهي

برابر حيثيت نه ٿي بيهي؟ پو ڀال كهڑي كارڻ اسين ٻنهي بابت مفروضا

جي كڍ جوڙي زندگي ۾ ڏار وجھي ان کي اڌو اڌ كري اڌ مئو كرڻ

! پئجي ويا آهيون؟

جي ها، اڄ تائين اسان کي اسالم، روحانيت ۽ تهذيب جي آڙ ۾

ي ۽ مذهب جي اڙ وٺي، مل. حقيقت کان شعوري طرح بي خبر رکيو ويو هيو

مفتي ۽ مبلغ اسان . پير اسان کي جهالتن جي پستين ۾ ڌوكي رکيو هيو

اگيردار، ج. کي قبر ۽ حشر جي داٻن دهمانن سان هيسائي رکيو هيو

سرمائيدار ۽ حكمران، اسان کي پيرن ۽ ملن جي آشيرواد ۽ داللي سان

تڎهن ئي ته اسين اڄ تائين پنهنجن ذهنن کان . ٻوگھلو بڻائي رکيو هيو

تڎهن ئي ته اسان جا چپ ٹوپيل . سوچڻ جو كم وٺڻ کان ويسال هياسين

سان جا تڎهن ئي ته ا. تڎهن ئي ته اسان جون زبانون گونگيون هيون. هيا

تڎهن ئي ته اسان جا جسم نٻل ۽ نستا . روح ٻوساٹيل ۽ ساهه هيسايل هيا

جڎهن حقيقت تان پردا هٹيا آهن، فطرت بي نقاب ٿي اسان جي ! پر اڄ... هيا

اسالم جي حقانيت تري مان نكري كناري تي ظاهر . سامهون آئي آهي

ٿي آهي، جهالت جا كارا ككر هٹي چكا آهن ۽ علم و دانش جي

اسين : صاف ۽ شفاف ٿي چكي آهي، تڎهن اسين ڄاڻي ورتو آهي ته فضا

جيكي عوام آهيون، سي حق آهيون، اسين جيكي غالم بڻايا ويا

اسين، جيكي ٻكرين . آهيون، سي آزادي جا مهندار ۽ علمدار آهيون

اسين، جن . جي ٻي ٻي ۾ پلجندي بزدل بنايا ويا هياسين، سي شينهن آهيون

جي ٺينگ ٹپن تي هيرايا ويا هياسين، سي شاهين جا پر كاٹي جھركين

اسين جيكي رڍن وانگر ممڑا بڻايا ويا هياسين، سي كا قهري . آهيون

هن هميشه ... ها، قدرت ازلئون اسان جي ڀرجھلو رهي آهي. گجگوڙ آهيون

ڏئي هك نئين روشني

نٻل بڻايل پورهيت کي پنهنجي گنج مان پنهنجو ٻل

رهيت، جيكي هن جا دوست آهيون، ان جي ٻل ڏني آهي ۽ پو اسين پو

تي اٿي کڑا ٿيا آهيون ته كڎهن ابراهيم جي قيادت ۾ نمرود جي مٹي

جي اڳواڻي ۾ فرعونن جا پٹكا ڌوڙ پليد كئي اٿئون، كڎهن موسي

جي سٿ سان وقت جي رئيسن ۽ ملسو هيلع هللا ىلص۾ ماليا اٿئون، كڎهن محمد

، كڎهن لينن ۽ سردارن جي غليظ انان کي گندگي ۾ ماليو اٿئون

ماركس جي سرواڻي ۽ رهنمائي ۾ وقت جي سرمائيدارن جا ڏورا ڏؤڙا

كري کين نستو كيو اٿئون ته كڎهن ابوالكالم آزاد ۽ عبيدا�

سنڌي جي بي باڪ ۽ بي لوث رهنمائي ۾ جڑتو پيرن، ويكائو ملن ۽

....مذهبي ٺيكيدارن کي بي نقاب كري کين ذليل ۽ رسوا كيو اٿئون

ايجادات هن دؤر ۾ قدرت ... هي دؤر علم جي آفاقي روشني جو دؤر آهي

كري خلقيون

جو نئون شان آهن، جيكي هن پنهنجن دوستن ال ٻل

: اها الڳ ڳالهه آهي ته هن جي دشمنن يعني اسان پورهيت جي ويرين... آهن

سرمائيدارن وري ايجادات کي پنهنجين مكارين ۽ چاالكين سان اسان

پر تنهن هوندي به .. خالف استعمال كرڻ جا حربا به هاليا آهن جي ئي

بهرحال اسان کي جيتري روشني گھربل آهي، اها كنهن نه كنهن

... صورت ۾ كٿان نه كٿان مليو وڃي

Page 7: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

7

اسين خدا جا ساٿي آهيون، : اسين ايترو، سو ضرور سمجھي ورتو آهي ته

يو آهي، هن هو اسان جو دوست آهي، هن اسان کي آزاد كري پيدا ك

اسان کي ڌرتي به ڏني آهي، ٻولي به ڏني آهي ۽ انمول تهذيب به ڏني آهي ۽

شاندار ميراث به ڏني آهي، پر اسان جو ويري هميشه جيان اڄ به اسان جو

سرمايو اسان کان ڦرڻ ۽ کسكائڻ جي اٹكل بازين ۾ تيزي سان مشغول

چكا آهيون آهي، پر ڇاكاڻ ته اسين بيداري جي لهر جي كري جاڳي

تنهنكري هينئر اسين نه ملي جي داٻن ۽ دهمانن ۾ اچڻ وارا آهيون، نه

پيرن ۽ جڑتو فقيرن جي مكارين جي شكار ٿيڻ جي موڊ ۾ آهيون ۽ نه

ئي ڀوپن ۽ فنكارن جي تعويذن، ڌاڳن ۽ ڦيڻن جي لچاين جي ڄار ۾ ڦاسڻ

اسان جي هينئر وقت جي حقاني عالمن، رباني مفكرن. جي ال تيار آهيون

هنن اسان ... دوست جو كالم اسان کي آساني سان سمجھائي ورتو آهي

جي دوست جي محبوب جي سيرت جي حقيقت به اسان جي آڏو کولي رکي

آهي، جنهن ۾ اسين ڏسئون ٿا ته خود خدا جو محبوب به اسان منجھان ئي

هن اسان جي ... هيو ۽ هن به اسان جي آزادي جي ئي جنگ وڙهي هئي

ئرن، ڀينرن ۽ نياڻين کي ذلت ۽ پستين جي مٹي مان اٿاري اسان جي سر ما

هن پنهنجين عورتن سان سهڻو سلوڪ هلي ... جو تاج بڻائي ڇڎيو هيو

كانئر ذهنن کي كاپاري ڌڪ وهائي كڍيا، هن اسان کي اسان جي

عورتن متعلق به بار بار پارتون كيون ته انهن سان كڎهن به گستاخ نه

ن كڎهن به ٻاڙو نه ٻولجو، انهن تي كڎهن به وات ته ڇا ٿجو، انهن سا

سو هاڻي اسين پنهنجي ... نظرن جا دهمان كرڻ جي به جسارت نه كجو

ايڎي وڏي محسن جي تعليمات ۽ احكامات کان كيئن ٿا وڌيك

! ... ويسال رهي سگھئون؟

اوهان جي هٿن ۾ موجود هي كتاب، دراصل انهن ئي خيالن جي

هي كتاب بنيادي طرح تلخيص آهي مصر جي ... آهياجمال جو تفصيل

مون ارادو !! جي’ ةأتحرير المر‘: جڳ مشهور ڏاهي قاسم امين جي كتاب

كيو هو ته ان كتاب جو جيئن جو تيئن ترجمو كري شايع

پر اٹكل هك صدي اڳ لکيل هن كتاب جي تڎهوكي . كرائيندم

سوچ ويچار اسلوب ۽ استدالل مون کي ائين كرڻ نه ڏنو ۽ مون وڏي

کانپو اهو فيصلو كيو ته هن كتاب جي سلوڻي انداز ۾ اختصار سان

.تلخيص پڑهندڙن جي آڏو آڻجي

: هن كتاب کان اڳ، مون هن ئي كتاب جي رد ۾ لکيل كتاب

جو به سنڌي ۾ ترجمو كيو هيو، جيكو سنڌيكا ’ ة المسلمةأالمر‘

. ٿي چكو آهي جي نالي سان شايع به’ مسلمان عورت‘اكيڈمي پاران

هر . ان سان گڎو گڎ عورت جي حوالي سان مون ٹي ٻيا به كتاب لکيا

’ آئيڈيل عورت‘۽ ’ اڄ جي عورت‘عورت جي عظمت ۽ ذميداري، ‘:هك

بظاهر ... جيكي به انسان دوست فورم هنڱورجا پاران شايع ٿي چكا آهن

منهنجا پهريان لکيل عورت بابت كتاب هن كتاب جي ڀيٹ ۾ بنهه

شكار آهن، مگر منهنجي خيال ۾، شعور جي ارتقاء ۽ حاالت جي تضاد جو

تقاضائن پٹاندڙ، مطالعي جي وسعت ۽ حقيقت پرستي جي تناظر ۾ منهنجو

هي كتاب، عورت بابت تحرير كيل منهنجن پهرين كتابن جي

منهنجا پڑهندڙ مون کان اهڑي حقيقت بابت معلومات وٺڻ . تكميل آهي

كير .... ل سان کين حقيقت کان آگاهه كندمچاهيندا ته آئون کلي د

مطمئن ٿيندو ۽ كير مطمئن نه ٿيندو؟ منهنجو ان ڳالهه سان كو به

مان جنهن حقيقت تائين رسائي ماڻي آهي، پاڻ تي ... سروكار كونهي

. فرض سمجھي اها حقيقت منظر عام تي آندي آهي

ي، آئون ڄاڻان ٿو ته وقت جو ويكائو مذهبي پيشوا ۽ سندن حوار

ڇاكاڻ جو انهن کي هن كتاب جي . مڇربا منهنجي هن محنت تي يقينا

اهڑن دقيانوسن . ذريعي پنهنجي دكانداري متاثر ٿيندي محسوس ٿيندي

سان آئون وڌيك ڳالهين كرڻ بجا کين صرف اهو مشورو ڏيندس ته

خدارا، پنهنجي گذر سفر ۽ عياشين ال مذهبي مهنداريون، دكانداريون،

۽ درگاهون ڇڎي كري، حق حالل جي پورهيي جي ذريعي فنكاريون

پنهنجي معاش جو انتظام كريو، معقول محنت سان كمايل حالل جي

ڳڀن کائڻ کانپو ئي توهان جو دماغ ٺكاڻي ايندو ۽ تڎهن وڃي توهان کي

هن كتاب جي حقيقت سمجھه ۾ ايندي، ٻي صورت ۾ توهان جيترو

تهه نه چاڙهي سگھندؤ، اهي دؤر پڄرندؤ، پچندؤ ۽ كڑهندؤ، حقيقت تي

ويا، جنهن ۾ توهان جون فتوائون ۽ تقريرون ماڻهن کي مڇرائي وجھنديون

Page 8: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

8

مون بابت توهين جيكو كجھه كندؤ، اهو آئون هاڻي کان ئي .. هيون

پر ا� جي واسطي، منهنجي ڏنل مشوري تي هك ڀيرو دل جي ... ڄاڻان ٿو

! حضور سان سوچجو ضرور

اڻ ماڻهو کان ڳجھي آهي ته وقت جو اها حقيقت كهڑي سڄ

ويكائو مذهبي پيشوا، مذهبي معلومات جي آڌار تي پنهنجي مخصوص

وضع قطع جي ڍونگ سان عوام جو ذهني استحصال كري، انهن کي

ڦريندو ۽ لٹيندو به رهيو آهي، انهن جي گھرن ۾ كاهي انهن جي ننگن ۾

کان مرعوب رکڻ ال به ميريون نظرون وجھندو رهيو آهي ۽ انهن کي پاڻ

انهن تي علمي ۽ روحاني داٻا به كندو رهيو آهي ۽ وري الٹو ويچاري عوام

عوام جڎهن انهن .. سان بدتميزيون ۽ بدفضيلتايون به كندو رهيو آهي

جي مكتبن ۽ درگاهن تي ويو آهي ته اتي هنن، انهن کي شدت سان نه رڳو

۽ تحقير کان به انهن نظر انداز كيو آهي بلكه ان جي هر طرح جي تذليل

اهڑن مذهبي دهشتگردن، جتي غريب ۽ پورهيت عوام . وسان ناهي گھٹايو

کي حقارت جي نظرن سان ڏٺو آهي، اتي هنن روحاني غنڈن، خوشحال ۽

دولتمندن جي آڏو، انهن جي رعبائتين گاڏين ۽ هيكاندي دولت جي اثر

، هو سببان، پنهنجون گوڏيون به ڍريون ٿيندي محسوس كيون آهن

هميشه انهن جي آڏو چاپلوسي ۽ خوشامد كندي ڏٺا ويا آهن، ڇاكاڻ

ته انهن جي خيال ۾ انهن جا رزاق ۽ رب، اهي ئي سرمائيدار ۽ دولتمند هوندا

كائنات جو ڳنهندا آهن، پر حقيقت اها آهي ته -هو نان ته خالق. آهن

مذهبي لباس ۽ . هنن جو خلقڻهار سان كوبه سروكار ناهي هوندو

ذهبي مهنداري هنن جي ال فقط ڍال هوندي آهي، پنهنجين لچاين کي م

... لكائڻ جي

آئون علي االعالن چوان ٿو ته اسان جي غالمين ۾ اهڑن ئي روحاني

رهزنن جا هٿ آهن، پو اهي رهزن ايشيا ۾ موجود كهڑي به مذهبي

! مسلك سان وابسته ڇو نه هجن

پيشه ور مذهبي مهندارن کان :آزادي جي سفر ڏانهن پهرين وک آهي

منهنجو هي كتاب اهڑي بغاوت جي هك اهم وک ! عام بغاوت -سر

مان پنهنجي قوم کي دعوت ڏيان ٿو ته هو، حقيقت جي مومل ... آهي

ماڻڻ ال ضرور بغاوت جي وک کڻڻ شروع كري، جيستائين عوام،

جي مذهبي مهندارن جي لچاين کي بي نقاب نه كندو تيستائين نه عورت

سچي ڳالهه اها آهي ته قوم ... آزادي ممكن آهي نه ئي قوم جي آزادي

هي كتاب اهڑي . جي آزادي جو سڄو دارومدار عورت جي آزادي تي آهي

هر پڑهندڙ حقيقت پسي ! كاش. جي حقيقت جو هك آئينو آهي دعوي

. سگھي ته، هوند آزادي جي خوابن کي كا ساڀيان ملي سگھي

عام تي اچڻ کانپو، كهڑن حلقن ۾ -ظرهن كتاب جي من

منهنجي حمايت ٿيندي ۽ كهڑن حلقن ۾ منهنجي مخالفت ٿيندي؟ مون

مون . کي اهڑي قسم جي موافقت يا مخالفت جي كابه پرواهه نه ٿيندي

ته پنهنجي شعور سان جيكا حقيقت پسي آهي، اها امانت سمجھي

منهنجي منهنجو ناتو . پنهنجي قوم جي حضور ۾ پيش كئي آهي

مون کي اون آهي ته فقط ان جي رضا جي ۽ مون کي . پروردگار سان آهي

هر سڄاڻ بندو، هن جي ڀاتين : يقين آهي ته هن جي رضا ان ۾ ئي آهي ته

يعني عوام کي، هن جي دشمنن يعني ويكائو مذهبي پيشوائن، پيرن،

حكمرانن، سرمائيدارن مطلب ته هرقسم جي استحصالي قوتن مان نجات

ي کين آزاد فضائن ڏانهن وٺي اچي، جتي كوبه انسان كنهن به ڏيار

انسان جو محتاج ناهي هوندو يعني اهڑين آزاد فضائن ڏانهن جنهن بابت

: ڀٹائي گھوٽ فرمايو آهي

هلو ته هلؤن كاڪ تڑئين، جتي نينهن اڇل

. ڀكا پسي پرين کينه كا جھل نه پل، س

Page 9: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

9

آخر ۾ آئون مناسب سمجھان ٿو ته پنهنجي پروردگار جي پاران فرمايل

: الفاظ اچاري اجازت وٺان

و ف ◌ و ا

ي ا� وا� بصير بال ◌ ير ◌ ماض

عباد ◌ ال

آئون پنهنجو حال ا� جي حوالي كريان ٿو، اهو پنهنجن بندن تي ‘

. ’نظر رکندڙ آهي

چـڱايـون، مٺايون مـٺنچڱا كن

جو وڙ جڑي جن سـين، سـو وڙ سـي ئـي

.كن

عبدالمؤمن ميمڻ

3 11 9 12 6_0300 هنڱورجا

2010جون 11

كتاب بابت: معروضات هكجھ

هن كتاب ۾، مون پنهنجي دؤر جي نهايت اهم مسئلن تي مٿاڇرو

حث هيٺ آيل هون حقيقت اها آهي ته هن كتاب ۾ ب. بحث كيو آهي

پر مون ڄاڻي . هر هك مسئلي تي هك الڳ الڳ كتاب لکيو وڃي

مون . ٻجھي انهن مسئلن بابت هن كتاب ۾ مختصر بحث كيو آهي

كوشش كئي آهي ته بحث هيٺ آيل سڀئي مسئال هك اهڑي ترتيب

سان سامهون اچن جو انهن ۾ اهڑو ربط هجي جو پڑهندر کي، هي سڀ

. جون كڑيون معلوم ٿينمسئال هك ئي سلسلي جي زنجير

هن كتاب لکڻ مان منهنجو مقصد اهو آهي ته آئون پنهنجي دؤر

جي ماڻهن جو هك اهڑي اهم مسئلي ڏانهن ڌيان ڇكرايان جنهن کان

. اسان جا ماڻهو شديد غفلت جو شكار آهن

آئون ڄاڻا ٿو ته عوام کي كمال ڏانهن وٺي وڃڻ كا سنهنجي

كردارن جون محنتون وڏي وقت ان ڏس ۾ جاکوڙيندڙ. ڳالهه كونهي

قومن ۾ جيكي انقالب برپا . کان پو وڃي پنهنجو اثر ڏيکارينديون آهن

ٿيندا آهن، انهن انقالبن جو جيكو اثر ظاهر ٿيندو آهي اهو كنهن چرچي

بلكه اهو انقالب . جي بازي هرگز ناهي هوندو، جو اهو آيو ۽ ڇانئجي ويو

ين تبديلين جو، جيكي پهريان نتيجو هوندو آهي قومن جي طرحين طرح

قومن جي ڄڻي ڄڻي ۾ ڌيرج سان پيدا ٿينديون آهن ۽ پو سمورن فردن

جي زندگين ۾ اهي تبديليون ڊوڙي اينديون آهن، نيٺ هك وقت اهڑو به

ايندو آهي جو پوري قوم ان رنگ ۾ رنگجي ويندي آهي ۽ آخركار قوم

. پنهنجي جوڻ بهرحال بدالئي وٺندي آهي

سين جن حالتن منجھان گذري رهيا آهيون، انهن کي هن وقت ا

اسان جي ال ههڑي دؤر ۾ پيدا . امالك بدالئي ڇڎڻ ايترو آسان هرگز ناهي

ٿيڻ كا ميار جوڳي ڳالهه به كونهي، ڇاكاڻ جو هر دؤر جي حقيقتن

Page 10: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

10

رهي . جو جائزو پنهنجي پنهنجي دؤر جي معيار مطابق ئي ورتو ويندو آهي

مخواه پنهنجو پاڻ کي كمال تي ڏسڻ جا عادي ڳالهه ته اسين خواه

هجئون ۽ پنهنجي كوتاهين تي اک ئي نه ٻڎي، پنهنجين خامين بابت انهن

تي ڳت ڏئي بيٺا رهون ۽ پنهنجو پاڻ کي مڑني جي خوبين هئڻ جي دعوي

ملكن جي قومن کان بهتر سمجھڻ جو پاڻ تي ڀوت سوار كري ويهي

ال باآلخر تباهي جو ئي كارڻ اسان جي رهون ته اهڑي حقيقت يقينا

! بڻجي پوندي

حق کان انكار كرڻ يا دؤر کي . حق هميشه حق ئي هوندو آهي

لنوائي ڇڎڻ سان حق تي كوئي فرق ناهي پوندو بلكه انكار كندڙ ۽

. لنوائيندڙ ئي پوئتي رهجي برباد ٿي ويندا آهن

سري سگھيون آهن، جن پنهنجين دنيا ۾ هميشه اهي قومون ئي ا

خامين جو جائزو ورتو آهي ۽ انهن خامين مان پنهنجي جند ڇڎائڻ ال انهن

. كي جوڳا اپا ورتا آهن

پنهنجي خامين جو بهتر ازالو ته اهي ئي قومون كري سگھنديون

آهن جن کي ٺيك طرح پنهنجي خامين جو ادراڪ هجي ۽ کين سڌاري

جو به بندوبست جو اونو لڳاتار ستائيندو رهي ۽ گڎوگڎ اهي انهن وسيلن

. كري وٺنديون آهن جيكي سڌاري جي مقصدن ال اڻٹر هوندا آهن

مان سمجھان ٿو ته اسان وٽ شايد ئي كو اهڑو پڑهيو ڳڑهيو شخص

آئون هن ! هوندو، جنهن کي پنهنجي قوم جي حالت سڌارڻ جي اون نه هجي

كتاب جي ذريعي اهڑن ئي پڑهيل ڳڑهيل شخصن کي مخاطب ٿيندم

اهو به احساس ڏيارڻ چاهيندس ته قوم، جن مصيبتن ۾ ڦاٿل آئون کين

توهان جي علمي، فكري ۽ پختن . آهي ان جي ذميواري توهان تي ئي آهي

ارادن واري شخصيت کي اها ڳالهه كنهن به صورت ۾ نه ٿي سونهي جو

هن وقت قوم . پنهنجي قوم تي عاجزي، چنڈائپ ۽ مايوسي مسلط رهڻ ڏيو

يقت اها آهي ته اها سستي جي تصوير آهي، جي جيكا حالت آهي، حق

بزدلي جو اظهار آهي ۽ هك اهڑي شخص جي كيفيت جو مظهر آهي

جنهن کي نه پنهنجو پاڻ تي ڀروسو هجي، نه پنهنجي خاندان تي نه پنهنجي

مٹن مائٹن تي، نه پنهنجي قوم تي نه پنهنجي ملت تي، نه شريعت تي ۽ نه

! ئي وري پنهنجي خدا تي

ڏسان پيو ته منهنجي ديش واسين پنهنجو پاڻ کي زماني جي آئون

هي . سيالب جي حوالي كري ڇڎيو آهي، جنهن ۾ هو لڑهندا پيا وڃن

! ويچارا كکن كهڄرن وانگر لهرن جي رحم كرم تي آهن

هن موضوع تي قلم کڻڻ پنهنجي قوم جي اصالح جي هك

. آهياصالح جا دروازا ته تمام گھڻا آهن، هي دستك . كوشش آهي

۽ هي كوشش هك . مون پنهنجي حصي جي كوشش كئي آهي

جيكڎهن قوم هن اصالح جي . نهايت اهم ۽ بنيادي اصالح خاطر آهي

مهم ڏانهن ڌيان ڌريو ته تمام خوشگوار تبديلين جي اميد كري سگھجي

مون کي يقين آهي ته مون هن كتاب ۾ بلكل ٺيك ڳالهيون . ٿي

لطي ٿي هوندي ته منهنجي جيكڎهن مون کان كا غ. لکيون آهن

منهنجون . پرخلوص نيت منهنجي غلطي جي گناهه کي ڌوئي ڇڎيندي

ڳالهيون جن به پڑهندڙن کي صحيح لڳن ٿيون، انهن کي منهنجي وينتي

آهي ته هو منهنجي هنن ڳالهين کي پنهنجي ديش جي ڄڻي ڄڻي تائين

پهچائڻ جي كوشش كن ۽ پنهنجي عمل ۽ زبان سان منهنجي ڳالهين

.جي تائيد ۽ پرچار جاري رکن

***

Page 11: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

11

باب پهريون

سماجي زندگي ۾ عورت جي اهميت

كنهن به سماج ۾ عورت جي حيثيت، دراصل ان قوم جي

آئون حق جي هر متالشي کي دعوت . اخالقيات جو آئينو هوندي آهي

ڏيان ٿو ته هو مونسان گڎجي كري پنهنجي قوم جي عورت جي حالت

مون کي يقين آهي ته اهو به ان ئي نتيجي تي پهچندو جنهن . جائزو وٺيجو

ها حقيقت هي آهي ته پنهنجي ديش جي . نتيجي تي آئون پهتو آهيانا

. عورت جي موجوده حالت کي تبديل كرڻ جي اڄ سخت ضرورت آهي

جنهن جو آئون، اڄ اعالن كري رهيو آهيان، وڏي ! هي حقيقت

مان تڎهن الكون ان . ۾ گھمي رهي هئيعرصي کان منهنجي دماغ

حقيقت جي هر پهلو کي اٿالئيندو رهيم، ان جو جائزو ورتم، ان کي

جڎهن هي حقيقت هر ان غلطي . پرکيندو رهيم، ان جو تجربو كيم

کان، جيكا ان سان چنبڑيل هئي پاڪ ۽ صاف ٿي وئي ته اها منهنجي

کي اتان ڌكاري دماغ ۾ ٺكاڻو ٺاهي ويهي رهي ۽ هر ٻئي خيال

ڇڎيائين، مطلب ته ان حقيقت جو منهنجي دماغ تي مكمل طرح قبضو

ٿي ويو، هاڻي منهنجي دماغ جي حالت اها رهي جو هر وقت ان حقيقت جو

ان ۾ عمل دخل رهندو آيو، هو بار بار پنهنجين سٺاين ڏانهن منهنجو ڌيان

پنهنجي ڇكائيندي رهي ۽ مون کي اتساهيندي رهي ته موجوده دؤر ۾

نيٺ آئون مجبور . ديش واسين کي ان جي كيڎي نه سخت ضرورت آهي

هاڻي اها حقيقت . ٿي ويس ۽ منهنجي ال نٹائڻ جي كابه گنجائش نه رهي

پيش آهي اوهان جي خدمت ۾، جيكا اڄ کان پهريان منهنجي دماغ مان

اڀرندي اڀرندي اتي ئي رهجي ويندي هئي پر اڄ اها فكر جي حدن کان

سان جي اکين آڏو گھمي رهي آهي ۽ اسان کي تبديل ٿيڻ ال اشارا گذري ا

. ڏئي رهي آهي

انسانيت جي ترقي ۽ ان جي خوشحالي ۽ ان جي بهتر مستقبل جو، جن

انهن منجھان هي هك عجيب . ٺوس حقيقتن تي دارومدار هوندو آهي

قوت آهي، جيكا هميشه انسان کي هن ڳالهه تي اتساهيندي رهندي آهي

كوبه علمي يا ادبي خيال جڎهن دماغ ۾ ولوڙجي ولوڙجي وڃي ته

كمال تي رسي ته پو اهو لوڪ جي آڏو کڻي اچجي پوري يقين سان ته

. ان ئي خيال سان ترقي پلئه پوندي. اهو خيال تبديلي جو اوس اهڃاڻ بڻبو

ڀلي پو اهڑي خيال پيش كرڻ سان كي ماڻهو مڇرجي ڇو نه پون، يا

اهڑي ! كندڙ کي ڦٹكار ۽ نقصان ئي ڇونه ڀوڳڻو پويکڻي خيال پيش

قوت جو تسلط اهوئي شخص ڄاڻي سگھي ٿو جنهن کي ان منجھان

ان حالت ۾ اهڑي ماڻهو جيكڎهن پنهنجي . كجھه حصو مليو هجي

منزل ڏانهن اسهڻ ۾ ڦڑتي نه كئي ۽ جنهن شي جو اها قوت کانئس

اها تيار ٿي چكي آهي، مطالبو كري رهي آهي ۽ ان کي عمل ۾ آڻڻ ال

جيكڎهن هن ان شي کي ممكن بنائڻ ال پنهنجون سموريون

صالحيتون ان ۾ نه لڳايون ۽ هن ان طاقت سان سينو ساهڻ چاهيو ته اها

جيكڎهن هن ان قوت کي روكيو . غالب اچي ويندي قوت هن تي يقينا

هو ته اها هن جي خالف ٿي ويندي، جيكڎهن هن ان کي دٻائڻ چاهيو ته

پاڻ دٻجي ويندو ۽ اها قوت بهرحال اوس ظاهر ٿي رهندي ۽ اهڑي قوت جو

ان جو مثال بند گيس جيان سمجھو، گيس . ائين ظاهر ٿيڻ چڱو كونهي

دٻائڻ سان دٻبي ناهي بلكه ايئن كرڻ سان ڌماكو ٿيندو آهي ۽

. ڌماكو آس پاس جي ماحول کي هيكاندو هاڃو رسائي وجھندو آهي

اري ۾ مون جو كجهھ چيو آهي گذريل دؤر هن عجيب قوت جي ب

. جي تاريخ منجھان ان جي تائيد ۾ اڻ ڳڻيا مثال پيش كري سگھجن ٿا

توهين قومن جي تاريخ جا ورق اٿاليو، توهين ڏسندا ته اهي اهڑين لڑاين جي

. داستانن سان ڀريل آهن جيكي افكار ۽ مذهبن جي خاطر لڑيون ويون

ته ٻئي کي ميساري ان جي جا يعني هك فكر جي خواهش هوندي هئي

ڀري وٺي ۽ ٻئي جي كوشش هوندي هئي ته هو ٻئي کي گھٹيا ثابت

ان ڇكتاڻ ۾ كڎهن حق کي . ثابت كري كري ۽ پاڻ کي اعلي

اسالم جي ابتدائي ۽ . غالب اچڻ جو وارو ملندو هيو ته كڎهن باطل کي

Page 12: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

12

ري درمياني تاريخ جي دؤرن ۾ خود مسلم قومن ۾ به اهڑي قسم جي فك

۽ ذهني ڇكتاڻ برابر رهندي آئي آهي ۽ اها ڇكتاڻ اڄ سوڌو هلندي

اچي بلكه سچي ڳالهه اها آهي ته اهڑي ڇكتاڻ اڄكلهه ته اڃا به

يورپي قومن کي ڏسي چوڻو ٿو پوي ته انهن . وڌيك سخت ٿي چكي آهي

جي زندگي حق ۽ باطل، غلط ۽ صحيح نظرين ۽ خيالن جي وچ ۾ هك

هك ڇكتاڻ ته انهن جي . هيمستقل كشمكش ۾ جكڑيل آ

داخلي آهي جيكا هك ئي قوم جي مختلف ماڻهن ۾ علمن، فنن ۽

صنعتن بابت جاري آهي ۽ ٻي ڇكتاڻ خارجي آهي، جيكا ٻن مختلف

قومن جي درميان جاري آهي ۽ خاص كري هلندڙ صدي جي نت نين

ايجادن، فاصلن کي گھٹائي دنيا کي پاڻ ۾ مالئي هك ڳوٺ مثل بڻائي

علمي تيزي جي صورتحال اها آهي ته كنهن به ٻولي جو . آهيڇڎيو

شاهكار كتاب جيئن ئي ڇپجي ماركيٹ ۾ اچي ٿو ته دنيا جي اڻ

. ڳڻين ٻولين ۾ ان جا ترجما ڇپجي دنيا جي كنڈ كڑڇ ۾ پهچي وڃن ٿا

. اهڑي طرح داخلي ۽ خارجي ڇكتاڻ پنهنجي عروج تي پهتل آهي

ڳو اسان پاريون قومون ئي آهن جن وٽ ترقي جي هن مشيني دؤر ۾ ر

حالت اها آهي جو اسين . ماٺار ۽ كاهلي محبوب مشغال بڻيل آهن

پنهنجن عقلن کان كم وٺڻ ڇڎي ڏنو آهي يعني اسين جهڑوكر بنجر

. زمين بڻيل آهيون جنهن ۾ كنهن به قسم جو سلو ڦٹي نه سگھندو آهي

جو هر مفيد خيال نكمائپ ۽ فراريت اسان جي حالت اها بڻائي ڇڎي آهي

. کي اسين ٺكرايو ڇڎيئون

ايجادات مان فائدو وٺڻ ۽ انهن کي كتب آڻڻ جي محنت بجا اسين

اهو چئي جند ڇڎائڻ لڳندا آهيون ته هي ايجاد اسالمي لحاظ کان هك

كنهن به کري . بدعت آهي ۽ ايئن چئي مطمئن ٿيا ويٺا رهندا آهيون

يندا آهيون، ڇاكاڻ جو حقيقت کي اسين صرف ان كري ٺكرائي ڇڎ

ان بابت اسان کان تحقيق ۽ ان کي اپنائڻ ال اسان کان محنت ٿيڻي ناهي

ايجادات بابت مسلمانن جي ٻولي ٻڌي ايئن لڳندو آهي، ڄڻ ا� . هوندي

مسلمانن کي فطرت جي قانونن جي پاسداري کان آجيو كري ڇڎيو تعالي

ڎهن ڇپجي اوهان جي ايستائين جو منهنجو لکيل هي كتاب ج. هجي

هٿن تائين پهتل هوندو ته هن كتاب بابت به اوهان کي اهڑائي ٻول ٻڌڻ

ملحد ۽ زنديق كنهن ! هليو آهي پٹ قوم کي تبديل كرڻ: ۾ ايندا ته

!! كمتري جو مريض -جا جو، يورپين كلچر کان مرعوب، احساس

و سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته ويچارن مسلمانن جي سوچڻ جو انداز ايڎ

پاران انسانن جي سک ۽ روح جي ا� تعالي! پست ۽ سطحي ڇو ٿو هجي؟

۽ اڳتي ! تسكين ال تخليق ٿيل هر ايجاد تي ڦٹكار، هر ايجاد بابت فتوائون

هلي وري کين ئي اهي ايجادون كتب آڻڻ تي مجبور ٿيڻو پوندو آهي ۽ پو

! وري عجيب و غريب تاويلون كري وكڑ کائڻ لڳندا آهن؟

مسلمان اهو ڇو ٿا سمجھن ته سندن عادتن ۽ اخالق ۾ تبديلي آخر

ٿي نه ٿي سگھي، ڇو اهو طئه كري ويهي رهيا آهن ته مٿن فرض آهي ته

قيامت تائين کين، ان حالت ۾، جنهن ۾ هو هينئر مبتال آهن، کين رهڻ ڏنو

نيٺ ڇو هو ان خيال تي ڳت ڏنيون ويٺا آهن، ڇا کين اها خبر . وڃي

سندن عادتون ۽ اخالق هن كائنات جو حصو آهن، كونهي ته هو ۽

جي ڇا مسلمان ا� تعالي. جنهن ۾ هر پل تبديلي جو عمل جاري رهي ٿو

ان فطرت جي مخالفت كري سگھن ٿا، جيكا سندس مخلوقات ۾ هر

، تبديلي کي زندگي ۽ ترقي جو هك ضروري ا� تعالي! وقت جاري آهي؟

۽ ماٺار کي موت ۽ پستين جو هك الزمي شرط قرار ڏنو آهي، هن جمود

عادت، كنهن مخصوص ‘: ڇا مسلمان نه ٿا ڄاڻن ته. نتيجو ٻڌايو آهي

ملك ۽ مخصوص زماني ۾ كنهن قوم جو پنهنجي معيشت ۽ معامالت

؟ آخر اهو كهڑو ماڻهو ٿي ’۾ هك خاص طريقي تي هلڻ جو نالو آهي

ني عقل جو سگھي ٿو جيكو ڄاڻندو به هجي ته عادتون اصل ۾ انسا

نتيجو هونديون آهن، جڎهن ته انساني عقل وقت جي رفتار سان گڎوگڎ

هميشه تبديل ٿيندو رهندو آهي، اهو پهه پچائي ڇڎي ته كنهن قوم

جون عادتون هميشه هك جهڑيون ئي رهنديون، انهن ۾ كابه تبديلي نه

ڇا اها حقيقت ناهي ته رو زمين جي هر حصي ۾ مسلمان ڦهليل . ايندي

ن، ڇا كو ماڻهو چئي سگھي ٿو ته هي جيكي سمورا مسلمان آهن، آه

اهي پنهنجين عادتن ۽ پنهنجي رهڻي كرڻي ۾ هك جهڑا آهن؟ ڀال

Page 13: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

13

كري سگھي ته جنهن شي کي هك سوڊاني مسلمان كير ٿو دعوي

جو عقل سٺو سمجھي ٿو، ان کي چيني، تركي، هندستاني ۽ سنڌي

ڇا هك صحرائي بدو جي ! ؟مسلمان جو عقل به سٺو سمجھندو هجي

عادت کي كو شهري ماڻهو پسند كندو؟ آخر كهڑو اهڑو ماڻهو

هوندو، جيكو اهو سمجھندو هجي ته كنهن قوم جون عادتون، ڀلي

اهي كهڑيون به هجن، سڀ جو سڀ شروع کان وٺي هاڻي تائين بنا

! كنهن تبديلي جي هك جهڑيون رهيون آهن؟

پنهنجي پنهنجي دؤر ۾ مخصوص حقيقت اها آهي ته هر قوم جا

اخالق ۽ اقدار هوندا آهن جيكي ان قوم جي پنهنجي دؤر جي عقلي

اهڑن اخالق ۽ اقدار ۾ آس پاس جي دنيا، . حالت مطابق هوندا آهن

موروثيت، ٻين سان ميل جول، علمي ايجادات، ادبي رجحانن، ديني عقيدن،

ان لڳاتار تبديليون سياسي نظامن ۽ اهڑي طرح جي ٻين شين جي اثرن سبب

ٿيندو هينئن آهي ته كنهن قوم جو عقل جڎهن . ٿينديون رهنديون آهن

وڌيك اجاگر ٿيندو آهي ته ان جو اثر ان قوم جي عادتن، اخالق ۽ اقدار تي

توهين ڏسو، مثال طور هك سوڊاني ۽ تركي جي . الزمي طور پوندو آهي

عادتن ۾ به فرق عقلن ۾ جيكو فرق ڏسجي ٿو، ان حساب سان ٻنهي جي

اها هك ايڎي ٺوس حقيقت آهي جنهن ۾ كنهن به قسم جي . هوندو

مطلب ته جيئن كنهن سوڊاني ۽ . شك جي كابه گنجائش كانهي

تركي ۾ فرق ڏسجي ٿو، ايئن ئي عقل جي پد جي لحاظ کان هك يورپي

. ۽ مصري، هندستاني ۽ سنڌي ۾ به الزمي طور فرق هوندو

ن قوم جي فرد جون سوچون ۽ لڇڻ ان جي حقيقت اها آهي ته كنه

جڎهن كنهن سڌريل ۽ اڻ سڌريل . عقل ۽ تربيت جو نتيجو هوندا آهن

قومن جي تعليم ۽ تربيت الڳ الڳ ٿيندي آهي ته پو ٻنهي جا اخالق

هكجهڑا كيئن ٿا ٿي سگھن؟ قومن تي سڀ کان وڌيك سگھاري

عادتن کي قومون پنهنجين. حكمراني انهن جي عادتن جي ٿيندي آهي

ڇا به ٿي پوي، كابه قوم پنهنجين . حد کان وڌيك محبوب رکنديون آهن

عادتن ۾ كابه تبديلي گوارا نه . آهي عادتن سان، بهرحال چنبڑيل رهندي

حقيقت اها آهي ته كابه قوم پنهنجين عادتن مان . كئي ويندي آهي

نقالب تيستائين جند ڇڎائي نه ٿي سگھي، جيستائين خود ان قوم جي اندر ا

وارد نه ٿو ٿئي يا وري ان قوم جو عقل يا ته ٿورو وڌي وڃي يا وري گھٹجي

تنهنكري ماڻهن کي سنديون عادتون ايڎيون پياريون هونديون آهن . وڃي

جو اهي عادتون هر تحريك، هر كردار ايستائين جو شرعي قانونن تي به

نون قومي توهين ڏسو، اسان وٽ جيكو به قائدو يا قا. غالب رهنديون آهن

اصالح جي مقصدن خاطر جڑندو آهي، اهو فوري طور قوم کي هك ٻي

خرابي ڏانهن وٺي وڃڻ جو ذريعو ٿي پوندو آهي ۽ اها كا عجيب ڳالهه به

عادتون مذهب تي : اسين پهريان عرض كري چكا آهيون ته! كونهي

به غالب رهنديون آهن، عادتون مذهب کي ان حد تائين مسخ كري

ن جو ان مذهب جو ڄاڻو ماڻهو ان قوم جون عادتون سندن ڇڎينديون آه

کان انكار كرڻ تي مذهب تي حاوي ڏسي انهي قوم جي مذهبي دعوي

. مجبور ٿي پوندو آهي

:قومن جا عورت بابت تصوراتمختلف

جيكا قوم جيتري پست ۽ جاهل هوندي آهي، ان قوم ۾ عورت

قوم جيتري بلند خيال ۽ ۽ جيكا. جي حيثيت انتهائي گھٹيا هوندي آهي

تعليم يافته هوندي آهي، ان قوم ۾ عورت جي حيثيت ۽ رتبا اوترا بلند

هي هك اهڑو اصول . ملزوم آهن -اهي ٻئي حقيقتون الزم. هوندا آهن

تاريخ پڻ ان اصول جي . آهي جنهن جو اسين روزانو مشاهدو كندا رهون ٿا

ڳاٹي دؤر ۾، جڎهن جديد تحقيقات ثابت كيو آهي ته آ. تائيد كري ٿي

ماڻهن پاڻ ۾ رلي ملي رهڻ شروع كيو ته انهن وٽ عورت جي حيثيت،

يونان ۽ روم جو . كنهن به لحاظ کان هك غالم کان گھٹ نه هئي

جي حكمراني کان پهريان ڇوكري، پنهنجي پي دستور هيو ته شادي

. شادي کان پو، مڑس ان جو مالك بڻبو هيو. هيٺ رهندي هئي

ڎهن مڑس مري ويندو هيو ته وڏو پٹ پنهنجي ما تي حكمران جيك

ان زماني ۾ كٹنب جو جيكو سربراهه هوندو هيو، ان . بڻجي ويندو هيو

اهو انهن کي . کي پنهنجين عورتن تي مالكاڻا حق حاصل هوندا هيا

Page 14: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

14

. وكڻي سگھندو هيو، كنهن ٻئي کي گفٹ كري سگھندو هيو

. ختم به كري سگھندو هيوجيكڎهن چاهي ته ان کي مورڳو ماري

هك سربراهه جي مرڻ کان پو عورتون، ان سربراهه جي وارث مرد کي

ورثي ۾ ملنديون هيون ۽ اهو به انهن تي ساڳي طرح مالكاڻا حق رکندو

عربن ۾ پڻ اهو رواج هيو ته پي نياڻي کي قتل كري سگھڻ جو . هيو

ريون عورتون، کين وڻن، مردن کي اها به اجازت هئي ته هو جيت. مجاز هيو

اوتريون بغير كنهن قانون جي پابندي جي پاڻ وٽ رکي سگھندا هيا، انهن

افريقه ۽ امريكه . کي پنهنجي مرضي سان استعمال كري سگھندا هيا

جي پراڻن وحشي قبيلن ۾ ته اڃا سوڌو عورت سان اهو سلوڪ هلندو

موت کان پو “: تهايشيا جي به كن قومن جو اڃا اهو ئي خيال آهي . اچي

: انهن جو اهو به عقيدو آهي ته. ”عورت جو روح به فنا ٿيو وڃي

“ ڦوهه جواني جيكڎهن كنهن عورت جو مڑس مري وڃي، ڀلي اها پو

اهڑين قومن ! ”۾ ئي ڇو نه هجي، ان کي زنده رهڻ جو كوئي حق كونهي

هماني وٽ اڃا سوڌو اهو رواج به هلندو اچي ته هو پنهنجن مهمانن کي، م

. ۾ ٻين شين سان گڎ پنهنجون عورتون به پيش كندا آهن

اهي ڳالهيون انهن معاشرن ۾ هونديون آهن جن جو بنياد، كنهن

اهڑن . نظام جي بجا خاندانن ۽ قبيلن جي تعلقات تي بيٺل هوندو آهي

. معاشرن ۾ نظام ۽ قانون جي جا تي طاقت کي تسليم كيو ويندو آهي

موجوده دؤر ۾ به انهن ملكن جي اهڑي . ندي آهيطاقت ئي قانون هو

حالت آهي جتي ماڻهن جي مٿان ڏاڍ جي حكومت آهي، جتي قانون جي

ان جي برعكس، اهي ملك، جيكي . بجا طاقت جو سكو رائج آهي

اتي اسين ڏسؤن ٿا ته اتان جون . تهذيب ۽ ترقي ڏانهن وڌي رهيا آهن

اتي مردن ۽ . وڌي رهيون آهنعورتون پستين مان نكري بلندين ڏانهن

. اهي گھٹبيون پيون وڃن. عورتن ۾ جيكي وٿيون هيون

:عورت جو آزادي ڏانهن سفر

كنهن ملك ۾ عورت تيزي سان آزادي ماڻي رهي آهي، كٿي

. عورت آزادي ال پير پير پنڌ كري رهي آهي، كٿي ڊوڙي رهي آهي

آڌار تي، عورت آزادي مطلب ته هر ملك ۾ پنهنجي ترقي ۽ تهذيب جي

ان ڏس ۾ امريكي عورت سڀ کان اڳڀري . جو سفر طئه كري رهي آهي

آهي، ان کان پو يورپ جي انگريز عورت ڳڻي سگھجي ٿي، ان جي پويان

جرمن عورت ٻرانگھون هڻي رهي آهي، ان کان پو فرانس، آسٹريليا ۽ روس

دت سان اهو ڄاڻايل ملكن جي عورتن ش. جي عورت وکون کڻي رهي آهي

محسوس كري ورتو آهي ته هو فطري طور، هر لحاظ کان انساني آزادين

آزادي جي حاصالت ال اهي باشعور عورتون . جون اولين حقدار آهن

۽ حقيقت به اها ئي آهي ته واقعي دنيا جي مڑني ) 1.(وسيلن جي تالش ۾ آهن

ن ۽ هو ان قومن جون عورتون پوري طرح آزادي ۽ حريت جون حقدار آه

ڀال ڇو نه كن جدوجهد . سلسلي ۾ جدوجهد جاري رکنديون اچن

پنهنجي آزادي ال، آخر اهي به ته انسان آهن ۽ عورتون به فقط اهو ئي ته

.طلبين ٿيون، جيكو هك آزاد انسان کي مطلوب هوند آهي

:عيسائين جي غلط فهمي

سند كندو كوبه يورپي، موجوده زماني ۾ عام طور تي اها ڳالهه پ

آهي ته هو پنهنجي هر شي کي پنهنجي مذهب ڏانهن منسوب كري

تنهنكري هو اهو سمجھڻ لڳو آهي ته هينئر تائين يورپ ۾ عورت

جيكا ترقي كئي آهي ان ڏس ۾ يورپي عورت کي پنهنجي آزادي ماڻڻ

پر يورپي قومن جو اهو . ۾ عيسائي مذهب منجھان وڏي مدد ملي آهي

عيسائيت ۾ كوئي اهڑو نظام كونهي جنهن .خيال بلكل غلط آهي

۾ كئي آهي هينئر ڄاڻايل ملكن جي عورت جي اها جدوجهد 1302هي ڳالهه مصنف 1

م.ع. منزل به ماڻي چكي آهي

Page 15: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

15

۾ عورت جي آزادي جي ڳالهه ٿيل هجي نه ئي وري عيسائيت وٽ كو

نه ئي وري . اهڑو قانون آهي جنهن ۾ عورتن جا حق طئه ٿيل هجن

. عيسائيت ۾ عورتن جي ورثي ۽ تركي بابت كا وصيت موجود آهي

ان اثر پاتو آهي، بلكه عيسائيت جو حال ته اهو آهي جو جنهن به قوم ۾

بلكه جنهن به قوم . ان قوم ۾ هن كوبه ذكر جوڳو اثر نه ڇڎيو آهي

اڄ تائين عيسائيت کي قبول كيو آهي، ان قوم جون عادتون عيسائيت

تي هميشه غالب رهيون آهن، بلكه انهن قومن پنهنجين عادتن کي

جيل نه ته حقيقي عيسائيت، جيكا اوريجنل ان. (عيسائيت بڻائي ڇڎيو آهي

عليه السالم پاران آيل آهي، اها ته پنهنجي دؤر وانگر هر ۽ حضرت عيسي

دؤر ۾ حق رهڻي آهي، جنهن کي اڳتي هلي اسالم پاڻ ۾ ضم كري پايئه

ها، جيكڎهن قومن جي عادتن ۽ ) م.تكميل پهچائي ڇڎيو آهي ع

اخالق تي كنهن مذهب جو واقعي اثر ٿي سگھيو پئي ته اڄ مسلمان

جهان جي عورتن ۾ سڀ کان وڌيك ترقي جي بلندين تي -عورت، دنيا

! جيكا اڄ آهي. ڏسجي ها، ان جي اها حالت هرگز نه هجي ها

اسالم ۽ عورت

ٻين مڑني مذهبن جي ڀيٹ ۾، اسالم ئي اهو واحد مذهب آهي، جنهن

جنهن زماني ۾، . سڀ کان اول عورت ۽ مرد جا برابر حق تسليم كيا

ي تي پهتل هئي، اسالم عين ان زماني ۾ عورت پستين جي آخري ڇيڑ

عورت جي آزادي ۽ خود مختياري جو اعالن كيو ۽ کيس سمورا انساني

خريدو فروخت : سمورن انتظامي معاملن، جهڑوڪ. حق عطا كيائين

كرڻ، جائداد ۽ مال گفٹ كرڻ ۽ ملكيت بابت وصيت كرڻ جهڑن

ن ۾ پي، مڑس ۽ وارث حقن ۾ کيس مرد جي برابر ڄاڻايائين ۽ ڄاڻايل معامل

اسالم عورت کي . جي اجازتن جي ٻنڌڻن کان به کيس آزاد كري ڇڎيائين

جيكي حق ڏنا آهن انهن جي اهميت جو ان مان اندازو كري سگھجي

ٿو ته اهڑا حق دنيا ۾ سڌريل تهذيبن وارا ليکجندڙ ملك يعني يورپ ۽

ت ۽ انساني اسالم جي عظم. امريكه وارا به عورت کي نه ڏئي سگھيا آهن

آزادين جي ڏس ۾، ڇا اهو دليل گھٹ آهي، جو هن عورت کي عظمتون

ڏئي ان کي مرد جي برابر قرار ڏنو آهي؟ بلكه سچ اهو آهي ته اسالم

اسالم عورت . عورت کي اڃا به وڌيك نرمي ۽ رعايت عنايت كئي آهي

تي معاشي ذميداريون نه رکيون آهن نه ئي وري عورت جي سر تي گھر ٻار

نه ئي وري عورت تي ٻارڙن جي كفالت جو ٻوجھه . ئڻ جا بار سٿيا آهنهال

جڎهن ته يورپ ۽ امريكه ۾ عورت کي فرضن جي حوالي سان . رکيو آهي

ته مرد جي برابر بيهاريو ويو آهي پر جيستائين ڳالهه آهي عورتن جي حقن

. جي ته ان ڏس ۾ اتي مرد کي وري به امتيازي رعايتون حاصل آهن

معاملن ۾ عورت ۽ مرد جي مساوات جو رجحان اسالم ۾ حقن جي

ايستائين جو اسالم، مرد ۽ عورت جو هك ٻئي کان الڳ . صاف ظاهر آهي

ٿيڻ ۽ نكاح کي فسخ كرڻ جهڑن نازڪ مسئلن ۾ به ٻنهي کي برابر

ان ڏس ۾ اسالم جا ٻڌايل كجهھ طريقا اهڑا آهن، جيكي . مڃيو آهي

اسين ستت ئي . جي قابل آهننهايت اهم هئڻ جي كري خاص توجهه

انهن بابت كجھه تحرير كنداسين جن مان پڑهندڙن کي پتو پئجي ويندو

ته ان ڏس ۾، نه رڳو يورپ وارا بلكه خود مسلمان به اهڑن وهمن جو

صرف هك مسئلو . اسالم، انهن وهمن جي بنهه خالف آهي. شكار آهن

ي، اهو آهي مرد آهي، جنهن ۾ اسالم، مردن کي عورتن کان ممتاز رکيو آه

اصل ۾ مرد . کي كن شرطن سان هك کان وڌيك زالن رکڻ جي اجازت

کي جيكا هك کان وڌيك زالن رکڻ جي اجازت آهي ۽ عورت کي

هك ئي وقت هك کان وڌيك مڑسن رکڻ جي اجازت كونهي، ان جو

اسالم ۾ نسب هك اهڑي اهم شي ! نسبي سلسلو: بنيادي سبب آهي

جيكڎهن . زندگي جي عمارت بيٺل آهيآهي جنهن تي ئي خانداني

. نه ٿي رهي نسب كليئر نه آهي ته پو خانداني زندگي جي كابه معني

مطلب ته اسالم ۾ عورتن . اڳتي هلي پاڻ ان مسئلي کي به ڇيڑينداسين

بابت جيكي احكام آهن ۽ جن مقصدن تحت اهڑا احكام جاري

ي اچي جنهن جي ٻل تي، كيا ويا آهن انهن ۾ كابه اهڑي ڳالهه نظر نه ٿ

بلكه هتي ته . اسالم کي، عورت جي پستين جو ذميوار قرار ڏئي سگھجي

اسالم ته عورت کي معاشري ۾ نهايت . معاملو ان جي بلكل ابتڑ آهي

Page 16: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

16

پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته . بلند ۽ عزت وارو مقام عطا كيو آهي

يا عالئقائي ههڑي آفاقي مذهب تي به ان جي علمدارن جون اهي قبيالئي

عادتون غالب پئجي ويون جيكي اسالم قبول كندڙن ۾ اسالم قبول

يعني اهي جن كرتوتن ۽ لڇڻن جي كري . كرڻ وقت موجود هيون

اسالم قبول كرڻ کان اڳ اڻ سڌريل ليکيا ويندا هيا، انهن تي اسالم ته

. حاوي نه كري سگھيا بلكه انهن کي اسالم تي حاوي كري ڇڎيائون

آهي ته اهڑين قومن ۾ اڃا علمي اهڃاڻ پيدا ئي نه ٿي سگھيا هيا، ڳالهه اها

. جو هو عورت کي اهي حق ڏئي سگھن، جيكي اسالم کيس عطا كيا

اهڑا بڇڑا لڇڻ هلندڙ دؤر تائين جيكي مسلمانن ۾ هلندا اچن، : ٻي ڳالهه ته

ان جو هك كارڻ اهو به آهي ته مسلمانن تي لڳاتار، شخصي ۽ داداگير

يعني اهڑن خانداني موروثي حكمرانن . لط رهيون آهنحكومتون مس

عوام ۾ شعور پيدا ٿيڻ ئي نه ڏنو آهي جو عوام کي پنهنجي اهميت،

عظمت ۽ حيثيت جو ادراڪ ٿئي ته جيئن عوام، حكمرانن کان پنهنجا

رهندو اهڑن حكمرانن، . سياسي، سماجي ۽ اخالقي حقن جا مطالبا كري

دقيانوس مالن عوام جي كڍ بڇي ڇڎيا، درٻار جي ٹكرن تي پلجندڙ اهڑا

جن شعوري يا کڻي الشعوري طور اسالم کي ٹوڙي مروڙي ايڎو ته سطحي

كري پيش كيو جو مذهبي عوام سوا گگدامن جي هجوم جي ٻيو

يعني حكمران، سرمائيدار ۽ ملي جي ڳٺ جوڙ سان ! كجهھ به نه رهيو

من جي اها مسلمان قو. عوام کي ڄاڻي ٻجھي گگدام رکيو پيو وڃي

بدنصيبي رهندي آئي آهي جو کين هميشه اهڑا حكمران پلئه پوندا رهيا

آهن جن عوام سان انصاف وارو ورتا كرڻ جي بجا هميشه پنهنجين

ڌكاريل ۽ ذليل خواهشن کي اهميت ڏئي، پاڻ عياشين ۾ مگن رهي

! عوام کي چيهاڙيو ۽ چيٿاڙيو آهي

:عورت سان زيادتي جو آغاز

ڏاڍين ۽ داداگير حكومتن جي نحوست اها هوندي آهي جو اهڑين

-اهي جنهن قوم تي مسلط ٿينديون آهن ان جا اثرات صرف حاكم

تائين محدود نه رهندا آهن، بلكه اهي اثر وڻ ويڑهي جيان عوام اعلي

نيٺ صورتحال اچي اتي بيهندي . کي به پنهنجي لپيٹ ۾ وٺي ڇڎيندا آهن

ي داٻا كرڻ ۽ مٿس حكمراني جا حق جتائڻ آهي جو هر ڏاڍو، هيڻي ت

. لڳندو آهي

اهڑين ئي رذيل حكومتن جو اثر هيو جو مردن پنهنجي طاقت جي

ت هئڻ كري، عورت کي كمزور سمجھي کيس حقارت سان نشي ۾ ڌ

. ڏسڻ شروع كري ڏنو

داداگير حكومتن جو سڀ کان پهريون اثر، جيكو عوام تي ٿيندو

تار ۽ هيكاندين غالمين سبب عوام جو لڳا: آهي اهو هوندو آهي

ممكن آهي ته . اخالقيات جي حوالي سان پستين ڏانهن ڌوكجي وڃڻ

! عورت کي حقارت سان ڏسڻ جي بڇڑائي جو هك سبب اهو به هجي

مظلوم ۽ محكوم قومن جي ذهن جي فضا كڎهن به صاف سٿري

غالم قومن جي اخالقي سرزمين فضيلت جي پوک ال. نه رهندي آهي

غالمن جي مزاجن ۽ ذهنن ۾ جيكڎهن ! موزون ناهي هوندي قطعا

! گنجائش هوندي آهي ته فقط منفي ۽ سطحي سوچن، رجحانن ۽ لڇڻن جي

دنيا جي مڑني قومن اهي لقاء اکيين ڏٺا آهن ته اهڑي غالم قوم ۾ جيكو

ننڍڙي سطح جو طاقتور هوندو آهي، ان کان وڏي سطح جو طاقتور جڎهن

دو آهي يا کيس ڦريندو لٹيندو آهي ته اهو ننڍڙي سطح ان جي تذليل كن

وارو طاقتور اها باهه اچي پنهنجي آس پاس جي الچارن ۽ مسكينن تي

! كڍندو آهي

داداگيري جي فضا ۾ ماڻهو، طاقت کانسوا كنهن به شي جو

احترام ناهي كندو ۽ خوف کانسوا كابه شي ان جي راهه ۾ ركاوٽ

اهڑي ماحول ۾ ڇاكاڻ جو عورت كمزور . هيوجھي نه سگھندي آ

Page 17: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

17

هئي تنهنكري مرد پنهنجي طاقت جي ٻل تي عورت جا حق هضم

كري ڇڎيا ۽ ساڻس حقارت ۽ ذلت سان پيش اچڻ لڳو، هن عورت جي

شخصيت کي پنهنجي پيرن ۾ لتاڙي ڇڎيو، نيٺ ٿيو ائين جو عورت نهايت

زال هجي، ما ڀلي اها خاندان ۾. پست زندگي گھارڻ تي مجبور ٿي پئي

هجي يا کڻي نياڻي، نه ان بابت كنهن جي دل ۾ كو مقام هوندو هيو نه

ئي کيس معامالت ۾ كا اهميت ڏني ويندي هئي، نه ئي وري هن جي

هو مرد جي اطاعت كندي هئي ڇاكاڻ . كا پنهنجي را هوندي هئي

يعني عورت جي شخصيت مرد جي ! جو هو مرد هيو ۽ هي عورت

پو هيڎي ساري وسيع كائنات . موئجي بلكل فنا ٿي وئيشخصيت ۾ س

عورت جي ال گھر جون چؤديواريون ئي رهجي ويون جتي هو باندي ۾

بڻجي ويهجي وئي، جهالت ان جو نصيب بڻجي وئي، اونداهي ۾ رهڻ ان جو

، جڎهن مقدر بڻجي ويو، هو فقط مرد جي لذت جو سامان بڻجي رهجي وئي

جڎهن . به مرد چاهي، هن جي جسم سان کيڎي ۽ لطف اندوز ٿيندو رهي

مرد چاهي، کيس ٻانهن کان وٺي ڌكي كڍي کيس رالئي ۽ ڀٹكائي

مرد ! يعني مرد جي ال آزاد زندگي ۽ عورت جي ال نسوري غالمي. ڇڎي

مرد کي موكرا پيچرا ۽ ! جي ال علم جي روشني ۽ عورت جي ال جهالت

مرد ! فضا گھرجي ۽ عورت کي ٻوساٹيل ماحول يعني گھر جو قيد خانو آزاد

جو كم حكم كرڻ ۽ منع كرڻ آهي ۽ عورت جو فرض اطاعت

هن كائنات ۾ جو كجھه به آهي، مرد جي ! كرڻ ۽ صبر كرڻ آهي

ال آهي ۽ عورت بس كائنات جو هك جزء آهي ۽ مرد ان جو

!!!حكمران

:عورت جو جنسي استحصال

ان جو ئي نتيجو آهي جو . نهن حقارت سان عورت کي ڏسي ٿومرد ج

هو هك کان وڌيك، چار يا ان کان به وڌيك زالون رکي ٿو صرف

جي ال چئن زالن رکڻ جي صورت ۾، مرد ! پنهنجي لذت ۽ حوس پرستي

جي مٿان جيكي زالن سان انصاف كرڻ جا شرط آهن مرد جي انهن

کي حقير سمجھڻ جو ئي نتيجو اهو عورت! شرطن تي اک ئي كونه ٻڎي

آهي جو مرد جڎهن چاهي، كو سبب هجي نه هجي، عورت کي طالق ڏيو

ڀال ان کان وڌيك عورت جي عظمت سان ٻي كهڑي حقارت ٿي . ڇڎي

ال کدڙا ۽ ” حفاظت“سگھي ٿي، جو وڏيركن ۽ پيراڻن گھراڻن ۾ عورت جي

ا رهندا آهن كند” نگراني“محافظ رکيا ويندا آهن جيكي هر وقت ان جي

ايستائين جو هو جيڎانهن به ويندي آهي، اهي هن سان پاڇي وانگر گڎ

. رهندا آهن

اها عورت سان حقارت ناهي ته ٻيو ڇاهي، جو وڏيرا ۽ پير عورت کي

كوٹن ۾ بند رکي ۽ سينو ٺوكي فخر سان چوندا آهن ته هاڻي ته بس هن

آهي جو مرد بكندا اها به عورت جي تحقير. جو کٹولو ئي گھران نكرندو

! ’عورت کي کڑي ۾ عقل هوندو آهي‘: وتندا آهن ته

مرد جي اهڑن كلورن جو ئي نتيجو آهي جو عورت کي موقعا نه ڏيڻ

هن جون زبردست . جي كري هن جي ذهانت جو سرمايو ضايع ٿيو وڃي

صالحيتون بيكار ٿيو وڃن جهڑوكر هو هك روبوٽ بڻجيو رهجيو

و آهي ۽ كم كرڻو آهي، كڇڻو پڇڻو بنهه وڃي، جنهن کي بس ٻڌڻ

! ناهي

اها حقيقت آهي ته هن وقت ميڈيا جي تيزي جي كري كن

سڄاڻ عورتن پاران، عورت جي آزادي جي ڏس ۾ تحريكن هالئڻ جي

نتيجي ۾ مسلمان ملكن جي حكمرانن کي عورت بابت مٿي بيان

ي كيل كلورن کي كجھه ٻنڈو ڏيڻ ۽ عورت کي انساني حق ڏيڻ ت

مجبور ٿيڻو پيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ تعليم، هنر ۽ زندگي جي تقريبا

مڑني شعبن ۾ عورت حصو وٺڻ ۽ پنهنجي كاركردگي ڏيکارڻ لڳي

Page 18: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

18

آهي، پر ان جي باوجود اڃا سوڌو کوڙ اهڑا دقيانوس مرد موجود آهن،

مگر گھڻي . جيكي عورت بابت مٿي ڄاڻايل فرسودگين جا روادار آهن

مرد کي بهرحال عورت جي معاملي ۾ پنهنجون سوچون ۽ رويا ڀاڱي هينئر

تبديل كرڻ تي مجبور ٿيڻو پيو آهي ۽ عورت کي بهرحال ايتري آزادي ڏيڻ

تي آماده ٿيڻو پيو اٿن، جو عورت به مرد وانگر فطرت جي حسين نظارن مان

لطف اندوز ٿيڻ لڳي آهي، پنهنجي شخصيت کي بحال كري کوڙ ساترا

اها به حقيقت آهي ته كي . ڻ ادا كرڻ لڳي آهينمايان كردار پ

عورتون، مورڳو اخالقيات جا ليكا لتاڙي پاڻ کي دانسته طور رانديكو

بڻائي مردن کي کيجائي يا بازار جي رونق بنجڻ جي حد تائين به جرئت

پر حقيقت اها آهي ته عورت جون اهڑيون حركتون ... كرڻ لڳيون آهن

حوستن جو نتيجو آهن يا وري آزادي جو يا ته سرمائيداراڻي نظام جي ن

نه ته حقيقت اها آهي ته اسالم ! تقدس لتاڙي ڇڑواڳي کي ڀاكر پائڻ جو

سراپا اعتدال آهي آزادي به بهرحال معتدل رهڻ سان ئي قائم دائم رهي

سگھندي آهي ٻي صورت ۾ نان ته آزادي جو هوندو پر حقيقت ۾ اها

. ڇڑواڳي هوندي

***

باب ٻيون

عورت ۽ ان جي تعليم ۽ تربيت

. عورت ڇا آهي؟ كاش اسين سمجھي سگھؤن ته عورت ڇا آهي

جسماني عضوا ۽ انهن مان كم . عورت به مرد وانگر هك انسان ئي آهي

وٺڻ ۾، احساسن ۾ ۽ غور و فكر كرڻ ۾ ۽ انهن سڀني شين ۾ جيكي

نديون آهن، مرد کان عورت انسان ال انسان جي حيثيت ۾ ضروري هو

رهي ڳالهه صنفي نوعيت جي فرضن جي، . كنهن به طرح مختلف ناهي

. ته انهن ۾ عورت مرد کان برابر مختلف آهي

هي جيكو اسان پارين قومن جو الميو آهي ته جسماني طاقت ۽

عقلي صالحيت ۾ مرد کي عورت تي فوقيت حاصل آهي ته ان جو

كون پنهنجي جسم ۽ دماغ مان كم كارڻ اهو آهي ته مرد صدين ال

وٺندو رهيو آهي ان جي برعكس عورت کي جسم ۽ عقل مان كم

وٺڻ جا موقعا ئي نه ڏنا ويا آهن، بلكه عورت کي زبردستي پستين ۽ ذلتن

ها، عورت جي اها ذلت ۽ پستي مختلف دؤرن ۽ مختلف . ۾ رکيو ويو آهي

اٹل حقيقت ملكن ۾ كٿي وڌ ته كٿي گھٹ رهي آهي، باقي اها به

آهي ته اسان وٽ عورت کي پنهنجين فطري صالحيتن مان كم وٺڻ جو

ٻيو ته ٺهيو، اسان وٽ اڄ . كو اطمينان جوڳو موقعو ئي نه ڏنو ويو آهي

به اهڑا گٺل پٺل دماغن وارا ماڻهو موجود آهن، جن جي خيال مطابق

. تعليم ۽ تربيت غير ضروري شيون آهن عورت جي ال اعلي

Page 19: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

19

:دقيانوس ذهنيت مرد جي

هك ڀيري مون هكڑي شخص کي ڏٺو جنهن سان گڎ ان جي

ان . هك نياڻي به هئي، جيكا مان سمجھان ٿو نون ورهين کن جي هئي

نياڻي جي موهيندڙ صورت ۽ متاثر كندڙ ذهانت مونکي تمام گھڻو سرور

پهچايو مون ان جي پي کي گذارش كئي ته پنهنجي هن پياري نياڻي کي

ننڍڙي جي پي مون کي ٺهه پهه ڏاڙهيندي . تعليم ڏيارجان اعلي ضرور

ڇا تون چاهين ٿو ته مان پنهنجي نياڻي کان نوكري كرايان؟ : چيو ته

ڇا تو وٽ تعليم جو معيار ‘: مون هن جي ڳالهه كٹيندي کيس چيوته

؟ ان تي هن ’اهو آهي ته ان جي آڌار تي بس نوكري ئي كري سگھجي ٿي

جيتري تعليم گھر هالئڻ ال ضروري آهي، اها ته آئون هن کي ‘: هوراڻيو ت

اها ڳالهه هن . ’ڏياريندس باقي ان کان وڌيك تعليم جو آئون روادار ناهيان

هو ان معاملي تي وڌيك ! ايڎي اعتماد سان كئي جهڑو پٿر تي ليكو

. ڳالهائڻ کان ئي پڑ كڍي بيهي رهيو

سلطنت کي كاميابي حقيقت اها آهي ته هك عورت کي گھرجي

۽ وقار سان هالئڻ ال نهايت ضروري آهي ته هن کي گھريلو كمن

. كارين سان گڎوگڎ عقلي ۽ ادبي معلومات به هئڻ گھرجي

مثالي ما:

جيكڎهن عورت کي لکڻ پڑهڻ جو ڏان اچي وڃي، هو وڏين وڏين

علمي حقيقتن کان به سونهي ٿي وڃي، دنيا جي جاگرافيكل حالت ۽

ومن جي تاريخ جو به مطالعو كندي رهي ۽ ٿورو گھڻو فزكس ۽ ق

مذهبي عقيدن، آداب ۽ اخالقيات . كيميسٹري کان به واقف ٿي وڃي

عورت هك اهڑي ما جي علمن سان به ڀرپور هجي ته ان صورت ۾ يقينا

ثابت ٿي سگھي ٿي جيكا سوسائٹي کي اهڑا كردار ميسر كري ڏيندي

. جنت جهڑو جڳ بڻائي ڇڎيندا اجيكي معاشري کي يقين

تعليم ۽ تربيت

مطلب ته جن به فردن تي اوالد يعني پٹن خواهه نياڻين يا کڻي

كهڑن به نوخيز رشتن جي تربيت جي ذميداري عائد ٿئي ٿي، انهن تي

تعليم، مثالي بهرحال الزم آهي ته هو نه رڳو پنهنجي نياڻين کي اعلي

ين بلكه هنن ال پاڻ کي انهن نوخيز نياڻين اخالق ۽ انمول تربيت سان نواز

تربيت ۽ . جي ال هك مثالي نمونو بنائڻ به نهايت نهايت ضروري آهي

تعليم ئي اهي حقيقتون آهن جن جو اڳتي هلي قومي زندگي جي نظام تي

اهڑي ئي تربيت ۽ تعليم هر قوم جي نياڻين ال . اوس اثر پوڻو هوندو آهي

سمجھان ٿو ته اهڑي تعليم ۽ تربيت کان سوا مان. تمام ضروري آهي

كنهن به عورت جي ال ممكن ئي كونهي جو اها خاندان يا

. سوسائٹي ال پنهنجا فطري فرائض پورا كري سگھي

جيكڎهن . هر قوم ۾ لڳ ڀڳ اڌ آبادي عورتن جي هوندي آهي

ه عورتن کي تعليم ۽ تربيت کان محروم رکجي ته ان جو مطلب اهو ٿيو ت

. پوري اڌ آبادي بنهه بيكار بلكه سوسائٹي ال روڳ بنجي سامهون ايندي

اهڑن كلورن جو جيكو نزلو قوم تي ڳڑندو رهندو ۽ قوم کي جيكو

! كجھه ڀوڳڻو پوندو اهو كنهن کان ڳجھو ٿي سگھي ٿو؟

منهنجو مطلب آهي ته عورت ال تعليم بهرحال نهايت ضروري آهي،

ته جيئن هو به هك مكمل انسان بڻجي سگھي، جيكو ڇو؟ هن ال

انسان سوچي ۽ سمجھي سگھندو آهي، پنهنجي مرضي سان كم كري

پر اسان وٽ عورت کي پستي جي ان حد تائين ڌوكيو ويو . سگھندو آهي

آهي جو جڎهن به عورت جو تصور كيو ويندو آهي ته امالك ذهن ۾

جيكو . ڌڻي هوندو اهو الزمي شرط اڀري ايندو آهي ته ان جو كونه كو

. ان جي رکوالي كندو هوندو، جيكو ان جي كفالت كندو هوندو

مطلب ته اسان وٽ كنهن به عورت ال ان جي ڌڻي کانسوا ان جو

ڀال سوسائٹي ۾، ڇا اهڑيون عورتون ناهن . وجود ممكن ئي كونهي

هونديون جن جو كو به ڌڻي ناهي هوندو، جيكو انهن جي پرگھور يا

مثال طور هك ڇوكري آهي جنهن جا كل مٹ . كندو هجيسنڀال

Page 20: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

20

مائٹ مري چكا آهن ۽ هو آهي به كنواري، يا هك عورت آهي،

جنهن کي طالق اچي چكي آهي، يا كا بيواه آهي جنهن جو مڑس مري

چكو آهي، يا هك اهڑي ما آهي جنهن کي پٹ جي اوالد آهي ئي

جيكڎهن : رض كريوف. كونه، يا جيكڎهن آهي به ته اها صغير آهي

اهڑيون عورتون تعليم کان وانجھيون هونديون ته انهن ال زندگي گذارڻ ۽

ٻارن جي پالنا كرڻ كيڎو نه اڻانگو پنڌ هوندو؟ اسان وٽ عام طور تي

تنهنكري مٿي . ڇاكاڻ جو عورت کي تعليم کان وانجھو رکيو وڃي ٿو

ون ڳڀي ڄاڻايل نوبتن منجھان كنهن به هك نوبت كڑكڻ تي ويچاري

ٹكر ماڻڻ ال اهڑي واٽ وٺڻ تي مجبور ٿينديون آهن جيكا واٽ اخالق

يا وري جيكڎهن عورت پنهنجي ... کي نهوڙي ڇڎيندڙ هوندي آهي

عصمت کي چيهاڙڻ کان بچائي وٺندي آهي يا وري ويچاري جسماني طور

عياش ذهنن ال قابل قبول ناهي هوندي ته، يا ته ان کي كنهن سيٺ،

پير جي گھر ۾ ماسي بڻجي گھٹيا كمن كرڻ تي مجبور ٿيڻو وڏيري يا

پوندو آهي يا وري ويچاري جو ساهه هميشه خيرات ۽ زكواة ۾ اٹكيل

كجھه دوستن جو چوڻ آهي ته جنسيات جو شكار، . رهندو آهي

مگر تحقيقي رپورٹن اها . عورتون محض جسماني لذت ال ٿينديون آهن

ي ته جسماني لذت خاطر جنسيات ڳالهه ثابت كري سامهون آندي آه

جو شكار فقط خوشحال گھراڻن جون عورتون ٿين ٿيون، نه ته گھڻي ڀاڱي

كنهن عياش جي حوالي كندي آهي ته جيكا به عورت پنهنجو پاڻ

چند روپين ... ان کي صرف ۽ صرف كجھه ڏوكڑ گھربل هوندا آهن

ان ال خاطر عورت کي پنهنجي جسم فروشي تي مجبور ٿيڻو پوي، صرف

! ته هو تعليم يافته نه آهي، اها عورت جي كيڎي نه تذليل چئبي؟

:تعليم نه هئڻ جا نقصان

فرض كريو، جيكڎهن عورت، واقعي به كنهن اهڑي ڌڻي

کانسوا جيكو هن جي ضرورتن جو كفيل هجي، نه ٿي رهي سگھي ته

ناهي ڇا ان صورت ۾ هن مقصد تحت عورت ال تعليم ۽ تربيت ضروري

ته هن جو مڑس، جيكڎهن غريب آهي ته روزي كمائڻ ۾ هو ان جو

هٿ ونڈائي سگھي، يا جيكڎهن کڻي مرد مالدار به آهي ته عورت هن جي

. معاشي بار کي گھٹائي سگھي

پر جيكڎهن عورت پاڻ خوشحال آهي يعني هن وٽ ايتري

ت ملكيت آهي، يا سندس آمدني جا كي جوڳا ذريعا آهن ته ان صور

۾ به عورت کي پنهنجا معامالت پاڻ سنڀالڻ ۽ انهن کي برقرار رکڻ ۽ اڳتي

! وڌائڻ ال تعليم ۽ تربيت كيڎي نه اڻٹر آهي؟

ٿيندو گھڻي ڀاڱي ائين آهي ته كي خوشحال عورتون، تعليم يا فته

نه هئڻ كري پنهنجي ملكيت پاڻ نه سنڀالي سگھنديون آهن ۽ هو

نه كو مٹ مائٹ يا مالزم وكيل طور پنهنجا معامال هالئڻ ال كو

. متعين كرڻ تي مجبور هونديون آهن

ان صورت ۾ ان وكيل جي عورت سان تمام گھٹ سچائي هوندي

پو ٿيندو ائين آهي ته وكيل ته مالدار ٿيو وڃي ۽ عورت ويچاري . آهي

. ڏسندي ئي ڏسندي كنگلي ٿيو وڃي

ڑن دستاويزن تي تعليم يافته نه هئڻ كري اهڑيون عورتون اهڑن اه

پنهنجو اڱوٺو هڻڻ تي مجبور ٿي پونديون آهن، جن دستاويزن جي مواد بابت

کين كابه ڄاڻ نه هوندي آهي ۽ اڱوٺو لڳڻ کانپو انهن ويچارن جي

سموري مڎي سندن هٿن مان کسكيو سندن مالزمن ۽ وكيلن جي

. قبضي ۾ اچيو وڃي

Page 21: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

21

:عورت ال تعليم جي اهميت

انسان جيكو هن دنيا ۾ مادي يا روحاني سعادتن مطلب ته هر اهو

تعليم ئي اهو . جو خواهشمند آهي، ان ال تعليم نهايت ئي ضروري آهي

جنهن سان انسان پستين مان نكري بلندين ڏانهن اڏامي . ذريعو آهي

انسان ۾، قدرت اڻ كٿ ۽ اٿاهه صالحيتون سمايون آهن، اهي . سگھي ٿو

ڇا صالحيتن کي ! فقط تعليم جي ذريعي اجاگر ٿي سگھن ٿيون ته فقط ۽

اجاگر كرڻ خاطر مرد ال تعليم ضروري آهي ۽ عورت ال ضروري ناهي؟

آسماني كتاب کڻي ڏسو، انهن ۾ ڇا مردن سان گڎو گڎ عورتن کي به

لطيفه آهن، صنعتون ۽ -مخاطب نه بڻايو ويو آهي؟ هي جو آرٽ ۽ فنون

دن جو ته پاڻ ڏانهن توجه ڇكائين هنر آهن، ايجادات ۽ فلسفا آهن، اهي مر

ٿا، باقي عورتن کي ڇا اهي لنوائيندا آهن؟ اهڑو كهڑو انسان ٿي سگھي ٿو،

جيكو علم ۽ فن جي مطالعي ۽ خزانن مان لطف اندوز ٿي دنيا ۽ آخرت

جون سعادتون ماڻڻ جي خواهش نه رکندو هجي؟ ڇا اهڑي خواهش، مرد ۽

حقيقت جي . تجربو آهي ته مرد کانعورت ۾ برابر نه ٿي هجي؟ اسان جو ته

. تالش جي جستجو عورت ۾ وڌيك ڏٺي وئي آهي

اهڑين حقيقتن جي هوندي آخر كهڑو بدنصيب انسان هوندو،

جيكو هك پنڃري ۾ ان صورت ۾ قيد ٿي رهڻ تي راضي ٿئي جو ان جا

پر به كٹيل هجن، كنڌ به نميل هجي ۽ نيڻ به ٻوٹيل هجن ۽ ان پنڃري

ڻ كٿ ۽ المحدود فضا به هجي جنهن ۾ آسمان جي جي سامهون هك ا

ڇت هجي ۽ ان ڇت جي ڏينهن وارن نظارن ۾ بادلن جا رنگ هجن ۽ رات

جو كاري بخملي رنگ ۾ چاندي جا ستارا ٹاكيل هجن جيكي

كائنات جو روح ان سان پروليون به اوريندو . چلكندا ۽ جركندا رهن

... !! ساهيندي هجي هجي ۽ موسمن جي ٻولي ان کي راز پروڙڻ تي ات

:مرد جي عورت سان مكاري

اچو شريعت تي، ڇا شريعت جا . اهي فطري حقيقتون پنهنجي جا تي

احكام مرد ۽ عورت ٻنهي ال اوامر ۽ نواهي جي لحاظ کان هكجهڑا

عقل صرف مردن کي ڏنو آهي ۽ عورت کي عقل کان ناهن؟ ڇا ا� تعالي

و ئي چئي سگھجي ٿو ان ظالم انسان کي، وانجھو رکيو اٿس؟ مت جو موڙه

وڏو كو عقل جو انڌو . جيكو عورت کي كم عقل چوندو هجي

هوندو اهو انسان، جيكو عورت ال اهو سوچيندو هجي ته هو فقط ۽

فقط گھر جي چؤديوارين ۾ قيد رهڻ ال آهي، سماجي معامالت ۾ ان جو

حقيقت ۽ ! ماڻهو خيالي دنيا جا رهاكو آهن، اهڑا. كوبه حصو كونهي

انهن ماڻهن جي وچ ۾ هك پردو حائل آهي جنهن جي كري انهن جون

جيكڎهن . نگاهون، زندگي جي حقيقتن پسڻ کان منڍؤن قاصر آهن

کين اندازو ٿي ! مسلمانن جي عالمن ۾ ذرو به عقل ۽ بصيرت هجي ته هوند

وڃي ته عورت کي ان جي پهرين فرض کان محروم رکڻ جي ئي نتيجي ۾

. سمورن حقن کان محروم رهندي آئي آهيهو

عورت جو اهو پهريون فرض اهو هيو ته هو پنهنجي روزي كمائڻ

پر جڎهن مرد کي عورت جي . ال پنهنجن پيرن تي بيهڻ جو سوچي ها

سموري كفالت جو ذميوار قرار ڏنو ويو ته ان جو الزمي نتيجو اهو نكتو

س ٿي ويا ۽ مرد جي نظر ۾ جو عورت جا سمورا اختيار مرد جي هٿ و

ڀائيندڙ ساهدار جي رهجي وئي. عورت جي حيثيت فقط هك وندرائيندڙ ۽ ل

مرد پاڻ کي عورت جو ساٿي نه بلكه مالك سمجھڻ لڳو ته هو هن جون

مرد پنهنجين انهن . ضرورتون پوريون كري ٿو، هن جو خيال رکي ٿو

لڳو ۽ ان جي ذميوارين کي فرض سمجھي نه، بلكه احسان سمجھي نڀائڻ

. بدلي ۾ هو عورت مان وندرجڻ ۽ ورونئجڻ لڳو

. صدين الكون عورت، مرد جي ان ڏاڍ هيٺان دٻيل رهندي آئي آهي

مرد ان مان فقط لطف اندوز ٿيندو رهيو، عورت کي هن زندگي کي معني

مرد، وڏي مكاري . ڏيڻ جي حوالي سان كنهن به طرح الئق نه سمجھيو

نتيجي ۾ عورت . زندگي جا درواز بند كري ڇڎيا سان عورت ال آزاد

پنهنجن پيرن تي بيهڻ جون سڀ صالحيتون کوهي ويٺي، اهڑي صورتحال

Page 22: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

22

۾ عورت جي ال وڃي اهو چارو باقي رهيو ته هو يا ته فقط هك زال آهي

تنهنكري كنهن جي ٻنڌڻن ۾ اچي سموري زندگي ان جي مرضي سان

جڎهن . وكڻي پنهنجو پيٹ پالي گذاري ڇڎي، يا وري پنهنجي لڄ

صورتحال اچي اتي بيٺي ته پو عورت پنهنجون سموريون صالحيتون مرد

مرد کي خوش . کي پنهنجي طرف مائل كرڻ ال صرف كرڻ لڳي

مرد جي . كرڻ ال پاڻ کي مرد جي خواهش مطابق ٺاهڻ سنوارڻ لڳي

. لڳي وئي حوس گيرين تي قابض ٿيڻ ال هو نت نوان طريقا اپنائڻ ۾

جڎهن عورت سان اهڑو ظلم كيو ويو ۽ هن جي تعليم ۽ تربيت جا

جوڳا اپا نه ورتا ويا ته نتيجي ۾ هن جي فكري ۽ دماغي قوت كمزور

ٿيندي وئي، هاڻي نفساني خواهشن عورت جي سمورن ارادن جي واڳ

هينئر عورت جي زندگي جي ابتداء انتها . پنهنجي هٿ وس كري ڇڎي

هاڻي يا ته هو كنهن سان محبت كرڻ لڳي . اهش ئي رهيبس وڃي خو

جيكڎهن كنهن سان محبت كرڻ لڳي ته نهايت ! يا وري بنهه نفرت

! ۽ جنهن سان نفرت كرڻ لڳي سا به نهايت شدت سان. خلوص سان

محبت واري جي ال تمام وڏا كارناما سرانجام ڏيڻ لڳي ۽ نفرت واري جا

پر اهو سڀ هن پنهنجي عقلي يا فكري . ترا لڳائڻ کان به نه كيٻايائين

بلكه محض پنهنجي غالمانه احساسن کي . را سان طئه نه كيو

ان ڏس ۾ عورت کرن يا کوٹن، خوشگوار يا ! تسكين ڏيڻ جي حد تائين

. خطرناڪ نتيجن کان به بلكل بي نياز بڻجي بنهه بي خوف بڻجي بيٺي

م ڏئي سگھي ها، اهڑا ئي كارناما عورت مثبت انداز ۾ سرانجا! كاش

. جيكر هو تعليم ۽ تربيت سان آراسته هجي ها

ڳالهه کٹائڻي، سو جڳن کان عورت انڌيرن ۾ ڀٹكندي ڀٹكندي

هينئر . پنهنجو عقل اتي کوهي آئي آهي ۽ هاڻي هو عقل کان محروم آهي

صحيح . سندس حالت اها آهي جو جنهن شي جو کيس شوق هوندو آهي

ي سگھڻ جون صالحيتون نه هئڻ جي كري هو طريقن سان پورو نه كر

مجبور ٿي پوندي آهي طرحين طرحين جي اڍنگن طريقن سان ان کي پورو

مرد سان، جيكو جهڑوكر سندس آقا ۽ مالك هوندو ! كرڻ ال هو

آهي، اهڑو ورتا كندي آهي، جهڑو كو قيدي قيد خاني جي داروغي

مكر ۽ فريب جون اهو ئي سبب آهي جو عورت ۾ . سان كندو آهي

يعني عورت جي حالت كنهن پروفيشنل ! صالحيتون زورائتيون ٿي ويون

هن جهڑي به روپ ۾ پاڻ کي ظاهر معني. ۽ ماهر ايكٹر جهڑي ٿي وئي

پر . كرڻ چاهيو، ان روپ ۾ مكمل كاميابي سان ظاهر ٿيڻ لڳي

افسوس، عورت جي اها جلوه گري سندس عقل ۽ فهم جي بجا محض

پر، انهن حقيقتن جو الزام اسين عورت تي نه ٿا . هوندي آهياٹكل تي

هن آزادي ان كري کوهي ! مڑهي سگھون، ڇاكاڻ جو هو آزاد ناهي

ان ڏس ۾ قصور . وڌي جو منجھس چڱي مٺي جي فرق جي طاقت نه رهي

منهنجو مطلب آهي اهي مرد، جن عورت کي ! وار مرد آهي صرف مرد

جون شعوري يا الشعوري حركتون تعليم ۽ تربيت کان محروم رکڻ

. كيون

باب ٹيون

خانداني زندگي ۽ عورت

اسان وٽ عورتن کي تعليم نه ملڻ ۽ سندن صحيح تربيت نه ٿيڻ

كري، هتي جيكا خاندانن جي بري حالت آهي، اها ڏسي كري، هر

سمجھدار ماڻهو اقرار كندو ته اها مصيبت هاڻي وڌيك برداشت نه ٿي

ن لکندي منهنجي دماغ ۾ اهي واقعا گردش هي سٹو. كري سگھجي

انهن . كري رهيا آهن جيكي روح ٻوساٹيندڙ ۽ پگھرائي ڇڎيندڙ آهن

منجھان كهڑن واقعن جو ذكر كجي؟ مان سمجھان ٿو اهڑن واقعن

. کان نه امير جو گھر محفوظ آهي نه كنهن غريب جو گھر محفوظ آهي

گرن واقعن جو بنياد آهي جهالت، خاص طور تي عورت جو جاهل ۽ اهڑن ا

! هجڻ

Page 23: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

23

:زال مڑس جي ذهني هم آهنگي جي اهميت

. اسان جي قوم ۾ سڀ کان غريب ۽ هيٺيون طبقو آهي هارين جو

هاري اكثر ڳوٺاڻا هوندا آهن ۽ اها حقيقت آهي ته ڳوٺاڻيون عورتون اسان

. جي شهري عورتن کان عقل ۽ سمجھه ۾ كافي اڳڀريون هونديون آهن

ارياڻي عورت اهو سڀ كجھه بهتر طور ڄاڻندي آهي، هك ه: مثال طور

ٻنهي جون عقلي صالحيتون هك . جيكو سندس مڑس ڄاڻندو آهي

جيتريون هونديون آهن، ان ڏس ۾ ٻنهي منجھان كنهن کي به ٻئي تي

. كا فوقيت حاصل نه هوندي آهي

طبقن جي گھراڻن ان جي ابتڑ اچو پنهنجي سماج جي وچولن ۽ اعلي

ڻن جي مردن ۽ عورتن جي عقل ۽ سمجهھ ۾ توهان کي وڏو تي، هنن گھرا

ان جو سبب اهو آهي جو هنن طبقن جا مرد ته تعليم . جھول نظر ايندو

يافته آهن جيكي سماج جي تهذيب ۽ ترقي مان به فائدا ماڻي رهيا آهن،

اهو ئي . پر انهن جون عورتون ان ڏس ۾ مردن کان گھڻو پٺتي پيل آهن

راڻن جي مردن ۽ عورتن جي صالحيتن ۾ ايڎو جھول سبب آهي جو هنن گھ

هئڻ كري ٻنهي ۾ داخلي ۽ روحاني طور تي ايڎي وٿي آهي جو انهن جون

مرد پڑهيو لکيو آهي ۽ جديد . گھريلو زندگيون نسورو عذاب بڻيل آهن

تهذيب کان سونهون آهي، هو چاهيندو آهي ته سندس گھر صاف سٿرو

هن جو شين سان لطيف . هجيهجي، سندس رهڻي كرڻي سليقي سان

سندس طبيعت جو الڙو شاهكار آرٽ، نازڪ احساسن . ذوق هوندو آهي

۽ پاكيزه خيالن ڏانهن هوندو آهي ۽ كي ته وري ان ڏس ۾ ايڎا نازڪ ۽

حساس ٿيو وڃن جو سندن ڌيان مادي شين کان هك حد تائين بلكل

هك هنن جي ذهانت جي اها كيفيت هوندي آهي جو. بي نياز ٿيو وڃي

لفظ منجھان سموري ڳالهه سمجھيو وڃن، سندن خواهش اها هوندي آهي

اهڑا كردار ... ته هو لفظ بجا هك اشاري منجھان ئي ڳالهه سمجھي وٺن

اكثر خاموش رهندا آهن، جڎهن ڳالهائڻ جي محل ايندي آهي ته مختصر

۽ جامع ڳالهه كري ڇڎيندا آهن، مسكرائڻ جو موقعو ايندو آهي ته

ندا آهن ۽ كڎهن كڎهن زنده دل ماڻهن سان گڎجي ٹهك مسكرائي

انهن ماڻهن وٽ سوچ ۽ لوچ هوندي آهي، جن . كري وٺندا آهن Shareبه

هنن وٽ سوچڻ جو هك نرالو انداز هوندو آهي، . تي هو ساهه ڏيندا آهن

سندن كنهن نه كنهن نظرياتي ۽ آدرشي . جنهن ۾ هو مگن رهندا آهن

ابستگي هوندي آهي، جنهن جي پليٹ فارم سياسي يا قومي تنظيم سان و

وطن دوستي جي كردار ۾ پاڻ . تان هو عوام جي خدمت كندا آهن

هو پنهنجي قوم، وطن ۽ نظريي کي ساهه ۾ سانڍي رکندا . موکيندا آهن

ڌيرج سان . انهن جون پنهنجون معنوي خوشيون ۽ اهنج هوندا آهن. آهن

ن رهنديون آهن جيكي سلسليوار سندن من ۾ سهڻيون سوچون اڀرنديو

اهڑين كيفيتن ۾ قدرتي طور تي . سندن اعصاب تي اثر انداز ٿينديون آهن

كاش سندن كو ساٿي هجي، جنهن سان : سندن خواهش هوندي آهي ته

هو پنهنجا سهڻا خيال ۽ كيفيتون اوري سگھن جنهن سان پنهنجون

كن ۽ جنهن سان آئيڈياز تي ڳالهيون كن ۽ پنهنجي Shaerسوچون

جي ها، هي .....! در جي جذبن جو كتاب ان ساٿي جي آڏو کولي رکنان

هك فطري ضرورت آهي، جيكا قدرتي طور تي هر ماڻهو کي پيش

ايندي آهي، جنهن سبب هو بي چين ٿي پوندو آهي ته جيكر کيس كو

اهڑو دلنواز ۽ سهڻو ساٿي ملي پوي جيكو هن جي هر خيال، هر سوچ ۽ هر

۽ ان جي احساسن جو ڀرم ثابت ٿئي پر فكر کي سمجي سگھي

جيكڎهن اهڑي ماڻهو جي زال اڻ پڑهيل هجي، جيكا پنهنجي ور جي

معنوي كيفيات کي سمجھڻ ۽ پرجھڻ جي صالحيتن کان وانجھي هجي

ته الزما اهڑو كردار پنهنجون خوشيون ۽ اهنج فقط، پاڻ تائين ئي محدود

ان ! وري سگھندورکندو، پنهنجي ڇسي زال سان ته كونه كجھه ا

صورتحال جو نتيجو اهو نكرندو جو هو پنهنجي دنيا ۾ پاڻ کي تنها

: محسوس كندو

یہر طرف ہر جگہ بے شمار آدم

یکا شکار آدم ںویتنہائ یپھر بھ

Page 24: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

24

هوڏانهن سندس وني به هك اهڑي دنيا ۾ پاڻ پسندي جنهن ۾ هن

جي نظر ۾ مڑس جو كم فقط ايترو هوندو ته هو سندس ال قيمتي

كپڑا ۽ زيورات خريدي ۽ ساڻس روزانو پيار ڀريون كجهھ ساعتون گھاري

سندس ور، ور ته نه ٿيو، جهڑوكر هك گڎو ٿيو، جيكو ننڍپڻ معني _

! ۾ سندس پي کيس بازار مان آڻي ڏيندو هيو ۽ هي ان سان کيڎندي هئي

جي ها، جڎهن هك آدرشي ۽ پڑهيو ڳڑهيو ور، پنهنجي وني کي

پستين ۾ ڏسندو آهي ته ان جي دل ۾ پنهنجي وني جهالت جي

العظمت جي اهڃاڻن بجا حقارت پيدا ٿيندي آهي ۽ پنهنجي آدرشي

زندگي ۾ پنهنجي وني جي هئڻ نه هئڻ کي هكجهڑو ڄاڻي پاڻ تي

هميشه ال اهو احساس طاري كري ڇڎيندو آهي ته بس، هو پنهنجي

ارا ۾ ازدواجي حوالي سان تنها تنها آدرشن ۽ قومي زندگي جي اجتماعي ڌ

هوڏانهن وري جڎهن هك آدرشي ور جي ڇسي وني ڏسندي آهي ته ! آهي

سندس ور کانئس منهن موڙيو ٿو وتي، هن جي كابه پرواهه نه ٿو كري

ته هو پنهنجي پر ۾ پنهنجي ور کي كيسي ۽ ظولمي سمجھڻ لڳندي

يب تي روئڻ سندس دل ڏک سان ڀرجي ويندي آهي، پنهنجي نص. آهي

لڳندي آهي، اندر ئي اندر ۾ پنهنجن مائٹن کي پئي كوسيندي رهندي

نتيجي ۾ وني جي ! آهي ته ههڑو ور ڏئي مونکي كهڑي ٻوهي ۾ وڌو اٿن؟

دل ۾ ور ال بغض ۽ كينو ڀرجي ويندو آهي، جنهن جو گندو نزلو سندن

ما ۾ هم آهنگي ٻارڙن تي ڳڑڻ لڳندو آهي ۽ اهي ٻارڙا ويچارا پنهنجي پي

اهڑين زندگين ! نه ڏسي كري نفسياتي الجھائن جو شكار رهڻ لڳندا آهن

۾ هك ور ۽ وني جي ازدواجي زندگي بي رنگ ٿي پوندي آهي، مان ڀانيان

ٿو اهڑي زندگي جهنم جي زندگي کان كنهن طرح گھٹ نه ٿي چئي

ندا اهڑي حالت ۾ ور وني ٻئي پيا پنهنجي منهن سان ائين سوچي. سگھجي

ته جيكر هك ٻئي جي زندگي ۾ ئي نه هجن ها ته سندن زندگيون

. ايئن پيا سموري زندگي پنهنجي اندر ۾ لوئبا! بهشت نما هجن ها

گھڻي ڀاڱي . ان ڏس ۾ ڳالهه نيك يا بد هئڻ جي هرگز ناهي هوندي

مرد ۽ عورت ٻئي بااخالق، شريف ۽ صالح هوندا آهن، ان جي باوجود ٻنهي

سچي ڳالهه اها آهي ته ان ۾ قصور نه مرد . ي رهندي آهي۾ اڻ بڻت جار

جو آهي نه عورت جو، جيكڎهن قصور آهي ته ان تربيت جو، جنهن مرد

. کي كجھه ٻيو ۽ عورت کي كجھه ٻيو بڻائي ڇڎيو

صحيح تربيت نه هئڻ جي كري زال ۽ مڑس ۾ كابه هم آهنگي

۾ محبت اهڑي صورتحال ۾ كڎهن به زال مڑس. پيدا ٿي نه ٿي سگھي

جي فضا سازگار ٿي نه سگھندي ۽ جنهن زندگي ۾ محبت جو مٺاس نه

! هجي اها كهڑي زندگي چئبي؟

جيكڎهن . حقيقت اها آهي ته مرد ۽ عورت، زندگي جا ٻه پاسا آهن

مرد جي زندگي ۾ عورت يا عورت جي زندگي ۾ مرد ناهي ته ان جو

ڎهن مرد هك گل آهي جيك. مطلب اهو آهي ته زندگي اڃا اڌوري آهي

جيكڎهن مرد چنڈ آهي ته عورت . ته عورت ان گل جي خوشبو آهي

جيكڎهن . جيكڎهن مرد جسم آهي ته عورت روح آهي. چانڈاڻ آهي

تنهنكري زندگي کي . مرد زندگي آهي ته عورت آكسيجن آهي

مكمل بنائڻ ال كنهن به مرد ۽ عورت ۾ هك ٻئي سان هر لحاظ کان

جيكڎهن ڌرتي کي جنت . هه هك اڻٹر حقيقت آهيهم آهنگي هئڻ بن

بنائڻو آهي ۽ زندگي کي زندگي بنائڻو آهي ته مرد ۽ عورت ۾ مطابقت

. مرد ۽ عورت ٻئي هك ٻئي جو ڀرم آهن. نهايت نهايت ضروري آهي

. جيكڎهن پنڌ ڏورڻو آهي ته هك قدم مرد آهي ته ٻيو قدم عورت آهي

پوري مطابقت ۽ هم آهنگي جيستائين ٻئي قدم هك ٻئي سان گڎجي

! سان نه کڄندا ته كيئن منزل ملي سگھندي، زندگي کي؟

***

Page 25: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

25

باب چوٿون

جنسي محبت ۽ حقيقي محبت

ا� پاڪ، هر جاندار مخلوق ۾، ايستائين جو نباتات ۾ به جنسي

كجهھ اهڑا نباتات به آهن، جڎهن انهن ۾ نر . كشش پيدا فرمائي آهي

مادي جي ميالپ جي مند ايندي آهي ته ٻنهي ۾ هك اهڑو فطري ميالن

اهو ئي فطري ميالن ! ڏسڻ ۾ ايندو آهي جيكو حيران كندڙ هوندو آهي

۽ نر مادي جي هك ٻئي ڏانهن كشش آهي جيكا محبت جي وجود

. کي شكل ڏيڻ ۾ بنيادي عنصر طور كار فرما هوندي آهي

وصال جو موهه ۽ روحاني ميالن

اهڑو ميالن جڎهن مرد ۽ عورت جي وجود ۾ اسرڻ لڳندو آهي ته

۽ جڎهن . ٻنهي ۾ هك ٻئي کي قريب ٿيڻ جي خواهش پيدا ٿيندي آهي

هو اهو قرب ماڻي وٺندا آهن ته وصال جي لذت ۾ ٻئي ايڎو ته موهجي

پوندا آهن جو ان موهه جو سرور هن کان اڳ جو لفظن ۾ بيان كن،

ڻ جون انهن جي دلين ۾ جيكي لهرون اڀري راحت ۽ لذت، خوشي ۽ سرها

پونديون آهن، اهي نگاهن جي ٻولي ۾ هك ٻئي جي نيڻن ۾ گھڻو

جهڑوكر . ايئن محسوس كرڻ لڳندا آهن. اوتي ڇڎينديون آهن هكجه

ارواح واري جڳ کان سڃاڻندا هجن، كو حادثو ٿيو -هك ٻئي کي عالم

. ٻئي سان مليا هجنهجي ۽ ٻئي وڇڑي ويا هجن ۽ صدين پڄاڻان وري هك

هاڻي جو هي ملي چكا ته سندن من ۾ هيكانديون آسون ۽ اميدون پيدا

پر هي آسون ۽ اميدون هنن مادي ۽ جسماني قربتن کان تمام . ٿي پيون

مرد ۽ عورت جي سنگم جي ! جي ها. مٿاهيون ۽ نياريون هونديون آهن

ريان نتيجي ۾ جسماني ميالپ جي اها جنسي لذت جيكا کين پهريان په

نصيب ٿيندي آهي، اها اڳتي هلي ابتدائي وصال جيان باقي نه رهندي آهي،

. بلكه وقت گذرڻ سان گڎوگڎ اها ڌيرج سان ماٺي ٿيندي ويندي آهي

جيكڎهن ازدواجي سنگم جو بنيادي مقصد، بس رڳو اها جنسي لذت ئي

ان لذت ۾ ماٺار اچڻ سان مرد ۽ عورت جو هك ٻئي هجي ها ته پو يقينا

انهن ڌيان هٹندو وڃي ها ۽ اها گرمجوشي نه رهڻ جي كري ٻنهي ۾ ڏ

پر ا� . ايترو ته جھول اچي وڃي ها، جنهن جو ڇيهه وڃي طالق تي ٿئي ها

نكاح جي سنگم سان عورت ۽ مرد ۾ جسماني ميالپ سان گڎ تعالي

ٻيون به كي روحاني ۽ معنوي قوتون سمائي ڇڎيون آهن جن جي ذريعي

ني لذتن جي خوبصورتين سان گڎوگڎ جنسي لذت جي هو پنهنجي جسما

ماٺار کانپو هو پنهنجي زندگي جي هن سنگم کي عقل ۽ وجدان جي

. روحاني لذتن ڏانهن موڙي وٺندا آهن جن جو كوئي به ڇيهه ناهي هوندو

اها لذت . اهڑين كيفيتن جي نواڻ كڎهن به پراڻي ٿيڻي ناهي هوندي

ل يو‘: قدرت جي فرمانجيان هر پل هك نئين رنگ، ’ و في شانم ه ◌ ک

خيز ڍنگ ۽ تازگي ڏانهن ارتقاء كندي زندگي کي جيئن پو تيئن معني

. بڻائي وڃي كمال تي رسائيندي آهي

:ظاهري ۽ معنوي سونهن

ها، انسان خوبصورت چهري، نشيلين كارين اکين، لچكدار جسم ۽

و آهي، پر اهڑي سونهن ريشمي وارن جي ظاهري سونهن تي به موهت ٿيند

جي تاثير سان ان جي روح ۾ به عشق جو جذبو جاڳي پوندو آهي ۽ هو ايئن

. محسوس كرڻ لڳندو آهي، ڄڻ هو جوڙيو ئي ان جذبي خاطر ويو آهي

هاڻي سندس روح، هن جسماني جمال سان گڎوگڎ ان جي عادتن جي

، لطافت، ان جي ذوق جي پاكيزگي، ذهانت جي تيزي، عقل جي اوچائي

معلومات جي وسعت، ان جي سهڻي تدبير، كم كار ۾ مهارت، نظام

جي پابندي، ظاهر ۽ باطن جي صفائي، دل جي نرمي، زبان جي سچائي،

ذميداري جو احساس، امانت داري، خلوص، وفا، نڀا، نڇاوري، نماڻائي،

فدائيت ۽ اهڑيون اڻ ڳڻيون معنوي عظمتون ۽ فضيلتون جيكي

Page 26: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

26

هن جي نظر ۾ جسماني ۽ مادي لذتن کان تمام سمجھدار ۽ سڄاڻ ماڻ

محبوب . مٿاهيون ليکبيون آهن، محبوب جي هستي ۾ پسڻ لڳندو آهي

جي اهڑين معنوي ادائن منجھان، انسان جي اندر قدرت جيكي صالحيتون

هي هك ٻيو عنصر آهي جنهن سان محبت تشكيل ٿيندي . رکيون آهن

هو طبعي الڙو جيكو مرد مطلب ته هك اهو معنوي عنصر ۽ ٻيو . آهيا

۽ عورت جي وچ ۾ پيدا ٿئي ٿو، هي ٻه اهڑا جزء آهن جن سان محبت جو

. فارمولو مكمل ٿئي ٿو

:مادي ۽ روحاني لذت

فالڻي، عورت سان نج ! سائين: رهي ڳالهه ماڻهن جي انهن حوالن جي ته

يا فالڻي، عورت جي صالحيتن کان هٹي كري، ... روحاني محبت كئي

ته ان جو ... جي جسماني بيهك جي كري ان سان محبت كئي رڳو ان

مطلب اهو ٿيو ته پهريون ماڻهو ته خيالي دنيا جو رهاكو ٿيو ۽ ٻيو ٿيو نج

نه ته حقيقت ۾ تجربن منجھان اها حقيقت پڌري ٿي ! شهوت پرست جاهل

سامهون آئي آهي ته شهواني جذبن جي گرم جوشي گھڻي وقت تائين نه

اها ته كکن پنن جي باهه مثل هوندي آهي، جيكا رهي سگھندي آهي،

اها هك اٹل حقيقت آهي ته ! امالك ڀڑكي پئي ۽ امالك وسامي وئي

هك ئي لذت مان وري وري لطف وٺڻ، پو اها لذت اکين جي هجي،

كنن جي هجي، ڇهڻ جي هجي يا کڻي چکڻ جي، هك وقت اهڑو اچي

ماڻهو جي ان ۾ ويندو آهي جو ان جي كابه اهميت نه رهندي آهي،

بلكه هك وقت اهڑو به اچي ويندو آهي . كابه رغبت نه رهندي آهي

جو ان لذت ال احساس ۾ حركت اچڻ به ماٺي ٿي ويندي آهي، پر اهو

باقي جيستائين معنوي يا روحاني لذت جو . جسماني لذت جو حال آهي

ي معنو. تعلق آهي ته ان جو معاملو جسماني لذت کان بنهه مختلف آهي

لذت جي خاصيت اها آهي جو هر ڀيري ان جو نئون ۽ نرالو لطف هوندو

جڎهن . مٹ يارن جو مثال وٺو -ٻن پڳ. آهي، اهو لطف وڌندو رهندو آهي

اهي پاڻ ۾ كچهري كندا آهن ته ان كچهري جو ڇا ته لطف هوندو

هك دوست پنهنجي روح جو ڄڻ سمورو سرمايو ٻئي دوست جي . آهي

كچهري جي دؤران ٻنهي جا عقل هك ٻئي . آهي روح ۾ اوتي ڇڎيندو

سان گڎجي هك موضوع کان ٻئي موضوع تي پهچندا آهن ۽ جزئيات

كڎهن سندن روح مصيبتن ۽ . کان كليات جو سفر طئه كندا آهن

ڏکن جي پيچرن تان گذرندا آهن، كڎهن خوشين ۽ امنگن سان ڀاكيون

ن ۽ كڎهن پائيندا آهن، كڎهن سونهن ۽ سرهاڻ جا سير كندا آه

هركم، هر سوچ، هر حادثي ۽ هر . مداين ۽ كوتاهين کي پار كندا آهن

۽ اهڑين . ايجاد جي ذكر سان ٻنهي يارن جا عقل تازي غذا ماڻيندا آهن

هر هك جي عقلي ۽ . ڳالهين سان هنن جا ساهه سرهاڻ ماڻيندا آهن

ت وجداني زندگي جي تاثير سان گڎ ٻنهي جي اندر علم، ادب، ذوق ۽ جذبا

جون كيفيتون وارد ٿينديون آهن جيكي هك ٻئي تي پنهنجا

عكس ڇڎينديون آهن، جنهن سان ٻنهي جي من ۾ نت نئين لذت پيدا

ٿيندي آهي ۽ اهي ئي كيفيتون ٻنهي جي دوستي جي ٻنڌڻن کي تهائين

. مضبوط كنديون رهنديون آهن

:حقيقي محبت جو غلبو

ن تي حقيقي محبت جو ان مان توهين اندازو كريو ته هك انسا

آخر هر سمجھدار ماڻهو هك سچي محبت . كيترو ته غلبو ٿي سگھي ٿو؟

ماڻڻ کي تمام وڏي سعادت ڇو ٿو سمجھي؟ حقيقت اها آهي ته

جيكڎهن مال ملكيت زندگي جي سونهن آهي ته محبت پنهنجي پر ۾

اها محبت مرد ۽ عورت ۾ تيستائين ممكن كانهي . خود زندگي آهي

ضروري ناهي . انهن ٻنهي جي تعليم ۽ تربيت ۾ مناسبت نه هجيجيستائين

ته هك پڑهيو لکيو ماڻهو پنهنجي زال سان محبت كندو هجي ته ان جي

ڳالهه اها آهي ته حقيقي . زال به الزمي طور ان سان محبت كندي هجي

هك جزء آهي . محبت جا ٻه جزء آهن جن جو پٺتي ذكر ٿي چكو آهي

ماڻهو . قيقي محبت جو سڄو دارومدار آهي احترام تي۽ ح! مادي، ٻيو روحاني

هك جاهل . احترام ان جو كندو آهي جنهن کي هو ڄاڻندو آهي

Page 27: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

27

اها ڇا احترام . عورت، جيكا پنهنجي ور جي صالحيتن کان بي خبر هجي

كندي پنهنجي ور جو؟ جڎهن اها ور جو احترام نه ٿي كري ته ان سان

حقيقي محبت كٿان كندي؟

ل مردن کان پڇي ڏسو ته ڇا سندن زالون ساڻن محبت توهين پرڻي

پر . ها، هو اسان سان محبت كنديون آهن: كنديون آهن، سڀ چوندا

مون اكثر خاندانن ۾ ڏٺو آهي . سچ اهو آهي ته هو كوڙ ڳالهائيندا آهن

. ته نه مڑس زال سان ۽ نه ئي وري زال مڑس سان حقيقي محبت كندا آهن

، جن ۾ ظاهري طور تي اتفاق نظر ايندو آهي، رهي ڳالهه اهڑي زال مڑس جي

عام ويڑهه جھڳڑو ناهي -سو ان جو مطلب اهو آهي ته انهن جي وچ ۾ سر

ان جو سبب اهو هوندو آهي جو يا ته مڑس هر شي تان هٿ پٹي . ٿيندو

ٿكجي ماٺڑي كري ويهي رهيو يا وري زال پنهنجو پاڻ، مكمل طرح

ي جيكو وڻي سو زال سان مڑس جي حوالي كري ڇڎيو، هاڻي مڑس ک

پيو كري، بلكل ائين جيئن كو مالك پنهنجي خريديل شي سان

يا وري ان جو سبب اهو هوندو آهي ته زال مڑس ٻئي جاهل . كندو آهي

باقي . هوندا آهن ۽ انهن کي زندگي جي حقيقتن جي پروڙ ئي ناهي هوندي

ان كنهن رهي زال مڑس ۾ عمومي اتفاق جي ڳالهه ته ان ال ٻنهي م

برابر كٿي كٿي زال مڑس . هك کي پنهنجو پاڻ فنا كرڻو پوندو آهي

نه . ۾ واقعي به حقيقي محبت موجود آهي پر اهڑا جوڙا كي ورلي هجن ٿا

ته حقيقت اها آهي ته اسان وٽ زال مڑس ۾ حقيقي محبت ٺپ اڻ لڀ

محبت جو اهو فقدان گھڻي ڀاڱي مڑس جي پاران هوندو آهي، . آهي

ال، مڑس جي ڀيٹ ۾ تعليم ۽ تربيت جي حوالي سان گھڻو ڇاكاڻ جو ز

كو به اهڑو مسئلو ناهي هوندو جنهن تي زال . پٺتي پيل هوندي آهي

مڑس گڎجي ويهي كجھه ساعتون ڳالهيون كري ۽ خوشي محسوس

نه ئي وري گھڻي ڀاڱي كنهن به مسئلي بابت ٻنهي جي را . كندا هجن

ندو آهي جو زال، انهن ڳالهين ان جو سبب وري اهو هو. هك هوندي آهي

نتيجي ۾ . کان كوهين ڏور هوندي آهي، جن ۾ مڑس دلچسپي رکندو آهي

زال پنهنجو پاڻ کان ايتري قدر ويڳاڻي ٿي ويندي آهي جو هو پنهنجي

جيكڎهن . جسماني صفائي سٿرائي جو به خيال رکڻ ڇڎي ڏيندي آهي

ڌ هار كنهن تقريب ۾ شركت كرڻي هوندس ته ان محل وڌ ۾ و

سينگار كندي، نه ته گھر ۾ ته روزانو وار سنوارڻ ۽ جسم سان هر وقت ٹچ

۽ كم . رهندڙ كپڑن جي صفائي جو به تمام گھٹ خيال رکندي آهي

كار جي كري پگھر ۾ شل رهڻ سبب هن جي جسم مان پگھر جي

هو ان ڳالهه جي . ڀانس مڑس جي ال نسورو عذاب بڻيل هوندي آهي

ڇڎي ڏيندي آهي ته هن جي صاف سٿري رهڻ سان ۽ پاڻ پرواهه كرڻ ئي

جي هٻكار سان مهكائي رکڻ سان مڑس ۾ سندس ال کي خوشبو

اسان وٽ عورتن جي اهڑين كوتاهين جو ! كا وڌيك رغبت پيدا ٿيندي

وانجھيون بنيادي سبب اهو آهي ته هو باطني انساني احساسن کان قطعا

عورت جي برعكس مرد اڻ ان معاملي ۾ جيكڎهن . هونديون آهن

پڑهيل ۽ تربيت کان وانجھو هوندو ۽ عورت وري پڑهيل ۽ تعليم يافته

اهڑي . هوندي ته ان صورت ۾ عورت جي ال مرد نسورو عذاب بڻجي پوندو

صورتحال ۾ جيكڎهن ٻنهي ۾ هك ٻئي ال رغبت پيدا ٿي به ته

كنهن هك ۾ باطني احساسات جي اجاگري نه هئڻ كري هك ٻئي

.دلچسپي وٺڻ جي بجا ٻئي پيا هك ٻئي کي كترائيندا ۽ لنوائيندا۾

:زال ۽ مڑس ۾ محبت جي ضرورت

اسان وٽ عورت ۾ پنهنجي ور ال جيكي احساس هوندا آهن

جيكڎهن انهن جو تجزيو كبو ته اهي اسان کي ٻن شعبن منجھان ٺهيل

ن ته هو مرد آهي هك ان جو پنهنجي ور ڏانهن هن بنياد تي ميال. نظر ايندا

۽ وني جي حيثيت ۾ ان جي ال جائز آهي ته هو ان جي ذريعي پنهنجون

شهواني خواهشون پوريون كري ۽ ٻيو سندس اهو شعور ته مرد جو وجود

ان جي ال ضروري ۽ مفيد آهي، ڇاكاڻ جو هن جي زندگي جي ضرورتن

نگي ۽ رهي ڳالهه ٻن روحن ۾ مكمل هم آه. جو اهو ئي كفيل آهي

امتزاج جي، جنهن جي خاطر ٻئي روح هزارن منجھان هك ٻئي ال چونڈبا

آهن، پو ٻئي پاڻ ۾ ايئن رلي ملي ويندا آهن جهڑوكر هك آواز هجي ۽

هر جوڙي ۾ محبت پنهنجي اهڑي گهرائي سان ! كاش. ٻيو ان جو پڑاڏو

Page 28: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

28

هك مرد ۽ عورت جي وچ ۾ اهڑي محبت ئي ته دنيا جي . كارفرما هجي

پر اهڑي محبت ماڻڻ ال شخصيت جي اهڑي تعمير . ظيم ترين نعمت آهيع

جذبات جو غلبو هجي ۽ ان ۾ ايثار جو نهايت ضروري آهي جنهن ۾ اعلي

. مادو پڻ ڀرپور هجي

:عورت جو الميو

اسان جي عورت جو حال اهو آهي جو هو فقط پنهنجي ور کي ايترو

ڀورو آهي يا سانورو؟ رهيون . بندروڄاڻندي آهي ته سندس ور قداور آهي يا

ان جون عقلي ۽ علمي صالحيتون، سندس كردار، کيس پنهنجين

ذميوارين جو ادراڪ، سندس معلومات سندس عمل ۽ سندس زندگي جا

مقصد ۽ اهي سموريون شيون جن سان كنهن ماڻهو جي شخصيت تعمير

ور جي انهن جن جي وٿ سان هو ماڻهن ۾ عزت ماڻيندو آهي، . ٿيندي آهي

يعني ته ور . حقيقتن تائين سندس وني جي عقل جي پهچ ئي ناهي هوندي

جي شخصيت کان سڀ کان وڌيك اڻ سونهي سندس وني هوندي آهي،

كير ٿو چئي سگھي ته اهڑين حالتن ۾ وني پنهنجي اهڑي ور سان دلي

! محبت كري سگھي ٿي؟

تي اهڑن مردن اهو به ڏسڻ ۾ آيو آهي ته اسان جون عورتون عام طور

جي تعريف كنديون آهن جن سان كو شريف ماڻهو هٿ مالئڻ به پسند

نه كندو آهي ۽ اهڑن ماڻهن کي هو پسند ئي نه كنديون آهن جيكي

ان جو كارڻ صرف اهو آهي ته تعليم ۽ تربيت . قومي سرمايو هوندا آهن

کان محروم عورت پنهنجي عقل جي معيار سان ئي مردن کي جاچيندي ۽

تنهنكري هن جي خيال ۾ سڀ کان بهتر مرد اهو هوندو . يندي آهيپرک

آهي جيكو ڏينهن رات ان ۾ مست ۽ مگن هجي، اهو ايترو مالدار هجي جو

هميشه هن جي ال زيور، كپڑا ۽ طرحين طرحين جون شيون خريد

كندو سندس آڏو ڍير لڳائيندو رهي ۽ هن جو مال به، كڎهن به ختم

نهن مردن کان سخت نفرت كندي آهي جيكي هو ا. ٿيڻ جو نه هجي

اهڑي . علم و فكر جي كمن ۾ پنهنجو گھڻو وقت صرف كندا آهن

عورت جڎهن پنهنجي مڑس کي كنڌ نوايون كنهن كتاب جي

مطالعي يا تحرير ۾ مگن ڏسندي آهي ته سڑي ويندي آهي، كتابن ۽ علم

ال نتيجي ۾ ز! کي كوسڻ لڳندي، کانئس سندس ور جو ڦريو ويٺا آهن

جيكا كڎهن به ماٺي . مڑس جي وچ ۾ ويڑهه شروع ٿي ويندي آهي

مڑس بي وس ٿيو وڃي، کيس كجهھ به سمجهھ ۾ . ٿيڻي ناهي هوندي

۽ هنن ٻنهي دشمنن يعني ! نه ايندو آهي ته آخر هو كري ته كري ڇا؟

علم ۽ زال کي گڎوگڎ كيئن هالئي؟ حاالنكه اسان جي ماحول ۾ ٻن

آهي پر علم ۽ زال کي گڎوگڎ هالئڻ ڏاڍو اوکو زالن کي ته گڎ رکڻ ممكن

تمام گھٹ آهن اسان وٽ اهڑيون عورتون، جيكي ور جي علمي . آهي

! كاوشن مان مطمئن ٿينديون هجن

مرد سان ويڌن

اهڑي حالت ۾ جيكڎهن كنهن مرد ۾ كجھه صالحيتون

اجاگر ٿيڻ جي وينديون زوالبيون، ازدواجي زندگي ۾ هونديون ته اهي بجا

اهو ئي مطالعو ڦلدائك ٿي سگھندو آهي جيكو گھر جي پرسكون

باصالحيت مرد ته ظاهر ڳالهه آهي ته پنهنجي . ماحول ۾ كيو وڃي

پر جيكڎهن . جيون ساٿي منجھان سكون ۽ راحت جي اميد رکندو

سندس ساٿي ان جي ال بجا سكون ۽ راحت جي پريشانين جو سرچشمو

علمي كارناما سرانجام ڏئي سگھندو؟ بڻيل هجي ته هو كٿان مثالي

:سليقي واري عورت

حقيقت اها آهي ته هن دؤر ۾ گھر هالئڻ هك مستقل فن بڻيل

هينئر حالت اها . اهو فن سکڻ ال عورت کي وڏي صالحيت گھرجي. آهي

آهي ته آمدني گھٹ ٿئي ٿي ۽ خرچ وڌيل هجن ٿا، اهڑي صورتحال کي

ي ته عورت خرچ هالئڻ جو علمي سليقو منهن ڏيڻ ال نهايت ضروري آه

ڄاڻندي هجي ٻي صورت ۾ گھر جو كار وهنوار تمام گھڻو متاثر ٿي

Page 29: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

29

گھريلو حوالي سان عورت تي هك ٻيو به فرض آهي ته هو پنهنجي . پوندو

گھر جي اهڑي سليقي سان ٺاهه جوڙ كري جو گھر جو ڏيک دل لڀائيندڙ

گھر جي سونهن انهن جي دل دماغ ور يا ٻارڙا گھر ۾ پير پائين ته. ٿي پوي

کي باغ بهار كري ڇڎي ۽ انهن جو ذهني ۽ جسماني ٿك چكنا چور

. ٿي وڃي

اهي سڀ حقيقتون تقاضا كن ٿيون ته عورت جو بهرحال هر لحاظ

. کان تعليم يافته ۽ تربيت يافته هئڻ ضروري آهي

***

باب پنجون

عورت ۽ اوالد جي تربيت

اسان کي . کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ ۾ ما جو وڏو هٿ هوندو آهياوالد

اقرار كرڻ گھرجي ته اسين هن عقيدي بابت ضرورت کان وڌيك مبالغي

ا� پاڪ برن والدين منجھان نيك اوالد ۽ نيك ‘: کان كم ورتو آهي ته

ا� پاڪ جنهن کي چاهيندو ‘... ’والدين منجھان برو اوالد پيدا كندو آهي

ا كندو آهي ۽ جنهن کي چاهيندو آهي سهڻين خصلتن آهي عقل عط

بي شك اهو عقيدو ان لحاظ کان ته بلكل ٺيك ... ’سان نوازيندو آهي

آهي ته ا� پاڪ هرشي تي قادر آهي ۽ ان جي وس ۾ آهي ته هو ايئن

جيكڎهن ان عقيدي مان مقصود اهو آهي ته ا� پاڪ . كري ڇڎي

كري ته بي شك اهو سندس قدرت جي ال اهو ممكن آهي ته هو ائين

کان بعيد كونهي ۽ ان حقيقت کان به كوئي انكار نه ٿو كري

سگھي ته خدا جيكو چاهيندو آهي اهو كري سگھندو آهي، بلكل

ايئن، جيكڎهن هو چاهي ها ته سمورن ماڻهن کي هك ئي قوم بڻائي

پر . اراست زمين منجھان خلقي ه -ڇڎي ها يا حيوانات کي نباتات وانگر براه

ا� پاڪ ائين نه كيو بلكه هن، دنيا جي ال هك قاعدو، زندگي جي

ال هك نظام ۽ مخلوقات جي ال كجهھ دستور ٺاهيا آهن جن جي

. زندگي روان دوان آهي - مطابق نظام

:قرآن پاڪ ۾ فرمايل آهي

نيف◌ للدكه ◌ وج ◌ قمأف الل◌ ا فط◌ ين ح

طر ◌ ه ال◌ رة

تي ف

ي◌ النب◌ اس عل

ت

ل◌ ها ال

لخ

ل ◌ ق الل◌ ديل

ين ◌ الدكه ذ

ي◌ ال ◌ ق

ر النك أ ◌ نكم ول

يع◌ ث

◌ اس ال

مون

ل

Page 30: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

30

پنھنجي منھن کي دين ال ھك ) اي پيغمبر(پو : ترجمو

جنھن تي ) پيروي كر(طرفو كري بيھار، ا� جي دين جي

ا� جي خلقڻ کي كا مٹ سٹ نه ماڻھن کي پيدا كيائين،

ا� . آھي، اھو سڌو دين آھي، پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن

پاڪ جو هك ضابطو آهي جنهن تي هن مخلوق کي پيدا

كيو آهي، ا� پاڪ جي ان ضابطي ۾ كائي تبديلي

)30: الروم.(”ناهي ايندي

ت ۽ زندگي جي ابتدا کان وٺي اڄ تائين جي سموري تاريخ ان حقيق

جي پوري تائيد كري ٿي ته ا� پاڪ جو اهو ضابطئه حيات شروع کان

. موجود آهي ۽ اڄ تائين ساڳيي ئي اصول تي هلندو اچي

:ٻار تي والدين جا موروثي اثر

ا� پاڪ جي حكومت جو سڀ کان وڏو مظهر اهو به آهي ته

پنهنجي اصل سان، جنهن . سمورا جاندار جن ۾ انسان به اچي وڃي ٿو

يعني هر فرد ۾ . هو بهو مطابق هوندا آهن. نجھان هو پيدا ٿيا هوندا آهنم

لي صورت هوندي آهي، اها لڀندي هك ته ان جي نوع جي جيكا ك

مطلب ته فرد ۾ . آهي ۽ ٻيو ان جي پي ما جي صورت جو عكس

كجھه ته پنهنجي نوع جون امتيازي خاصيتون ۽ كجھه سندس والدين

جيكي کيس ورثي ۾ ملنديون . ديون آهنجون مخصوص وصفون هون

جيئن انسان جي اندر جو صفراوي مادو ان جي جگر جي فعل جو . آهن

نتيجو آهي، اهڑي طرح ان جي اندر جيكي اخالقي ۽ عقلي ملكا آهن

اهي اصل ۾ هن جي دماغ جي فعلن جا مظهر آهن ۽ جنهن شي کي اسين

ڦٹن ٿا، اهي اصل ۾ دماغ عقل ۽ جذبو چئون ٿا ۽ انهن مان جيكي افعال

۽ جيئن ته انسان . جا ئي مظهر آهن ۽ اهي اعصابي حالتن جا تابع هوندا آهن

جي دماغ ۽ اعصاب جو مادو ان اصل منجھان وجود ۾ ايندو آهي، جنهن

تنهنكري بنا كنهن شك جي ان اصل . منجھان هي عضوا ٺهندا آهن

آهي ته جهڑي ۽ اها به هك واضح حقيقت . تي ئي ان جو مدار هوندو

طرح انسان جو جسم پنهنجي بقاء ۽ نشوونما جي ال ان ابتدائي مادي کان،

جنهن منجھان ان جو وجود ٺهندو آهي، بي نياز نه ٿو ٿي سگھي، اهڑي

طرح ان جسم کي وڌڻ ۽ زنده رهڻ ال مناسب غذا ۽ تربيت جي ضرورت

. كن جي آهي اهائي صورتحال انسان جي عقل ۽ ان جي مل. هوندي آهي

اهڑي طرح انسان کي ان کانسوا به كو چارو كونهي ته هو عقل ۽ ان

جي ملكن جي نشوونما ۽ ترقي ال اهڑي غذا جو انتظام كري جيكا

ان جي موافق هجي ۽ ان جي اهڑي تربيت كري جيكا ان جي ال موزون

ي ٻار مطلب ته موروثيت ۽ تربيت ئي ٻه بنيادي اصول آهن، جنهن ت. هجي

. جي، پو اهو ڇوكرو هجي يا ڇوكري، سمورو دارومدار هجي ٿو

موروثيت ۽ تربيت کانسوا ٻي كابه اهڑي شي ناهي، جيكا ٻار جي

. شخصيت جي تشكيل ۾ اثر انداز ٿيندي هجي

ٻار جي شخصيت ٺاهڻ ۾ موروثيت جو اثر اهو آهي ته والدين جو

ر تي ان رجحان جو استعداد جيكو به رجحان هوندو آهي، ٻار ۾ فطري طو

اهو استعداد ٻار ۾ ان وقت به موجود هوندو آهي جڎهن هو . هوندو آهي

اڃا ما جي پيٹ ۾ هوندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ٻار جون خاصيتون،

. سندس والدين ۽ وڏڙن جي خاصيتن سان بلكل مربوط هونديون آهن

جي، سو رهي ڳالهه ٻار جي شخصيت جي تشكيل ۾ تربيت جي حصي

ٿيندو هينئن آهي ته ٻار تي احساسن جي ذريعي ان جي ذهن تي طرحين

انهن منجھان كي اثر سٺا هوندا آهن جن سان ٻار . طرحين جا اثر پوندا آهن

جو ذهن مهكاربو آهي ۽ كي وري مٺا هوندا آهن جن سان ٻار جو ذهن

ثر وجھجن هاڻي سوال اهو آهي ته آيا، ٻار جي ذهن تي كهڑا ا. ٻوساٹبو آهي

۽ كهڑن اثرن کان هن جي ذهن کي بچائجي؟ ان جو مدار ٻار جي تربيت

كندڙ تي هوندو آهي، ڇاكاڻ جو اهو جيكو چاهيندو آهي ٻار کي

ٻڌائيندو آهي ۽ جيكو چاهيندو آهي ڏيکاريندو آهي ۽ جيكو چاهيندو

۽ اهوئي جيكا معلومات . آهي اهو کيس چکڻ ۽ کائڻ ال ڏيندو آهي

اهو مربي جهڑي قسم جا اثر . هي، ٻار کي ميسر كندو آهيچاهيندو آ

هاڻي جيكڎهن ٻار جي ذهن . چاهي، ٻار جي وجدان تي وجھي سگھي ٿو

Page 31: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

31

تي ان جي احساسن جي ذريعي اهڑا اثر پون ٿا جيكي هك ته گھٹيا هجن

۽ ٻيو ته ان ۾ ديرپا وارن نتيجن جو خيال نه رکيو ويو يا ٻار جي تربيت اهڑي

ين شين کي محسوس كري ٿو جن جو اثر تكڑو ظاهر ٿي جو هو اهڑ

جسماني لذتون، ته اهڑو ٻالك حد کان وڌيك : ٿيندو آهي، جهڑوڪ

حساس ٿيندو آهي ۽ ٿوري گھڻي ڳالهه کان هو تمام گھڻو متاثر ٿي پوندو

پر جيكڎهن هك اهڑو ٻار هجي جنهن جي معلومات كافي وسيع ! آهي

ون كٺيون ٿي ويون هجن ۽ هجي ۽ ان جي ذهن ۾ شين جون کوڙ شكلي

اهي اثر جيكي هك شي ڏسڻ سان فوري طور ذهن ۾ ايندا آهن، يا وري

پو ان جي خيال مان جيكي نتيجا كڍيا ويندا آهن، اهڑو هيكاندو

مواد ان جي ذهن ۾ جمع ٿي ويو هجي ۽ ان ٻار جا جذبا وري لطيف ۽

دڙ ۽ تکين نگاهن اهڑو ٻار سوچي سمجھي قدم کڻن پاكيزه به هجن ته يقينا

ان جي احساس تي جيكي ٻاهريان اثر پوندا، هو انهن تي . وارو ٿيندو

امالك ڀڑكي نه پوندو، اهڑي ٻار جي نشوونما ائين ئي آهي، جهڑوكر ان

. جي هٿ ۾ تارازي هجي جنهن ۾ هو پنهنجي هر وک ۽ هر عمل توري ٿو

ر كندو اهڑو ٻالك پنهنجي هر قسم جي چر پر کي پرکيندو ۽ ان تي غو

آهي ۽ ننڍپڻ کان وٺي ان جي اندر مفيد كمن ڏانهن رغبت ۽ هاڃيكار

. كمن کان نفرت جو ملكو پختو ٿي ويندو آهي

:ٻار تي والدين جا موروثي اثر

كنهن بهتر تربيت يافته ٻالك جون هي جيكي وصفون مون بيان

كيون آهن، ان مان منهنجو هرگز اهو مقصد ناهي ته ان ڏس ۾ ٻار

پر آئون ايترو ضرور چوندس ته . هوشمند بالغ جيان هوندو آهي كنهن

جيكڎهن ننڍپڻ ۾ ئي ٻالك ۾ عقلي ۽ اخالقي خوبين جي هير پئجي

وڃي ته تربيت ۽ نشوونما جي ذريعي اهڑيون خوبيون ترقي كندي

كندي شرف ۽ فضيلت جي ان منزل تي پهچي وينديون جنهن جي

ي آهي، جيكو انسانيت جي حاصالت جي هر ان ماڻهو ۾ تڑپ هوند

. حقيقت کي سمجھندو ۽ فضيلت جي لذت کان سونهون هوندو آهي

حقيقت اها آهي ته عقل جي سالمتي نتيجو هوندي آهي بهتر موروثيت ۽

اهوئي سبب آهي جو اڄوكا عالم هر اخالقي برائي کي . بهترين تربيت جو

ڳالهه آهي ته اها ٻي . دماغي يا اعصابي بيماري ڏانهن منسوب كن ٿا

كنهن شخص کي اخالقي برائي کيس ورثي ۾ ملي هجي يا وري اها خراب

. تربيت جو نتيجو هجي

:تربيت جا موروثي نتيجا

فرض كيو هك ٻار پنهنجي والدين يا پنهنجن كن وڏڙن جا اثر

موروثي طور قبولي ٿو، پر جيكڎهن ان جي تربيت ۾ انهن شين جو خيال

ي بيان كري آيا آهيون ته ان ٻارڙي ۾ براين رکيو وڃي جيكي اسين مٿ

جو استعداد كمزور ٿي ويندو آهي ۽ ان جي جا تي ان ۾ ٻيو بهترين

اخالق استعداد پيدا ٿي پوندو آهي اهڑا ٻارڙا بهتر تربيت جي كري اعلي

يعني ان جي . جو نمونو ٿي پوندا آهن اهو سلسلو اڳتي وڌندو رهندو آهي

رثو ۽ صحيح تربيت وٺي پنهنجن وڏڙن وانگر بهترين پوٹاڻ ۽ ڏوهٹاڻ بهتر و

پر جيكڎهن ٻار جي بي سري تربيت . اخالق جي علمبردار ٿي پوندي آهي

ٿيندي آهي ۽ منفي محسوسات جي ذريعي جيكو كجھه ان جي ذهن ۾

. داخل ٿيندو آهي ته ان جي من ۾ نج ردي خواهشون پيدا ٿينديون آهن

ن هوندا به آهن ته بي سري تربيت جي جيكڎهن اهڑي ٻارڙي ۾ چڱا رجحا

كري ان جي چڱاين جو اهو رجحان ماٺو ٿي پوندو آهي، اڳتي هلي اهو

ان کان پو لڳاتار سندس اوالد ۾ اهي برا . رجحان بنهه ختم ٿيو وڃي

جيئن هن جي والدين هن تي ظلم كيو هيو جو کيس . رجحان هلندا اچن

هي پنهنجي اوالد تي ظلم ورثي ۾ بڇڑايون ڏنيون هينس، ساڳي طرح

. كندو ۽ بڇڑايون کين ورثي ۾ ڏيندو

Page 32: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

32

:ٻار جي تربيت جي ضرورت

ٻارن جي تربيت جي باري ۾ هك زبردست ڳالهه كئي امام غزالي

ان جي پاڪ ۽ صاف . ٻار والدين وٽ ا� جي امانت هوندو آهي“: آهي ته

قسم جي دل هك قيمتي جوهر هوندي آهي، جيكو بلكل سادو ۽ هر

چٹن ۽ ڊزائين کان خالي هوندو آهي جنهن ۾ جهڑي قسم جو نقش چاهبو،

هلي پوندو . يعني ٻالك کي جنهن پاسي ڏانهن هاليو. چٹي سگھبو آهي

تنهنكري والدين تي الزم آهي ته هو پنهنجي ٻالك جي بهترين انداز . آهي

ته پر جيكڎهن ٻار کي جانورن وانگر ڇڑواڳ ڇڎيو ويندو . ۾ تربيت كن

اهو اوس تباهه ٿي ويندو ۽ ان جي تباهي جي سموري ذميداري سندس

اهو ئي سبب آهي جو قرآن پاڪ ۾ به ارشاد . والدين تي عائد ٿيندي

: فرمايل آهي ته

و◌ اي◌ يو◌ هاالذين آمن

ن◌ ا ف

م◌ ا

سک

ه ◌ ف

م◌ لي◌ و ا

ار ◌ ک

ا◌ ن

ه پنهنجي پاڻ کي ۽ پنهنجي اوالد کي باه! اي ايمان وارؤ‘

)التحريم. (’کان بچايو) بربادي(:

ٻار تي والدين جي كردار جو اثر، جيستائين ڳالهه آهي ٻار جي تربيت

جي ته ان جو سمورو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته ٻار ۾ شروع کان ئي

چڱن كمن جي عادت وڌي وڃي ۽ ننڍپڻ ۾ ئي منجھس بهترين اخالق

ي سان حاصل ٿي سگھي پيدا كيا وڃن اهڑو مقصد صرف هك ئي طريق

ٿو ته جنهن اخالق جي، ٻار کي تلقين كئي وڃي، ٻار جي ال انهي اخالق

ڳالهه اها . جي عملي صورت كردارن جي صورت ۾ موجود هئڻ گھرجي

ننڍپڻ ۾ هو . آهي ته ٻار جي فطرت ۾ قدرت تقليد جو مادو رکيو آهي

جيكو كجھه سکندو آهي، پنهنجي اردگرد جي كردارن کي ڏسي

جيكڎهن ٻار جي گھر جو يعني والدين جو ۽ اوڙي پاڙي جو . کندو آهيس

اخالقي معيار بلند هوندو ته ٻار تي مثبت اخالقي اثر پوندا ٻي صورت ۾

ٻار تي جيكي اثر ننڍپڻ ۾ پوڻا هوندا آهن اهي زندگي ڀر . منفي اثر پوندا

انداز نه ٿي سگھندا بلوغت کانپو وارا اثر گھڻو اثر . ان تي اثر انداز رهندا آهن

. آهن

اها ڳالهه كنهن کان ڳجھي آهي ته ٻار کي جوان ٿيڻ تائين گھر جي

عورتن جي ئي كٹهڑي ۾ رهڻو پوندو آهي؟ جيكڎهن پالنا ۽ پرورش جي

ان زماني ۾ کيس باكردار ۽ بهتر اخالق واريون ماسيون، پڦيون، چاچيون،

ٻار جي اخالقيات به ناماميون ۽ نوكرياڻيون وغيره ميسر هونديون ته يقي

انهن جي ئي اخالقيات مطابق بهتر انداز ۾ جڑندي ويندي

:عورت کي تعليم جي نه هئڻ جا منفي اثر

خدانخواسته جيكڎهن كابه ما غير تعليم يافته ۽ تربيت کان

وانجھي هوندي ته اها پنهنجي ٻار جي نه عادتن کي سنواري سگھندي، نه ان

پيدا كري سگھندي ۽ نه ئي وري ٻار جي صفائي ۾ وقت جو قدر ۽ قيمت

سٿرائي جو خيال رکي سگھندي جنهن سان ٻار جي صحت ۽ ذهانت اجاگر

هي جو اسان جي قوم جي موجوده بدحالي آهي، ڇا اها ... ٿيندي رهي

رن کان وانجھو هئڻ بدحالي اسان جي معاشري جي اڻ پڑهيل ۽ تربيت جي گ

نهن خوبصورت يا بدصورت شي جو جو نتيجو ناهي، جو اسان تي ك

جيكڎهن اسين كنهن کي كو وڏو . كوئي گھرو اثر نه پوندو آهي

كردار ادا كندي ڏسندا آهيون ته ان جي بس اڇاتري تعريف كري

جيكڎهن كنهن . وري ان جو خيال ئي دل مان كڍي ڇڎيندا آهيون

کي كو برو كم كندي ڏسندا آهيون ته ان جي به بس رواجي طور سا

ماحول جي هك اڇاتري اثر جي كري مٿاڇري مخالفت كري وري به

نه اسان ۾ چڱن كمن کي برقرار . ان کي امالك ئي وساري ڇڎيندا آهيون

رکڻ ۽ انهن ۾ باكردار ماڻهن جو مستقل ساٿ ڏيڻ جو كو شعور آهي ۽

نه ئي وري برائي کي روكڻ ۾ اسين كا شعوري يا گھڻ رخي دلچسپي

وسائٹي جا كلور ڏسي، ٻڌي اهو چئي جند آجي اسين س. وٺندا آهيون

بس يار ڇا كجي، كجھه گذري آ كجھه ‘كري وٺندا آهيون ته،

...!! ’گذري ويندي

يعني اسان وٽ عورت جو تعليم يافته نه هئڻ ان تاثر کي هٿي ڏنيون

واقعي، جڎهن اسان وٽ ! عورت ويچاري ڇا تربيت كندي: بيٺو آهي ته

Page 33: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

33

وڙهين مائرن جي حالت اها آهي ته هو ٻار کي اسان جي نوجوان خواهه پ

كنهن حركت کان باز اچڻ ال کيس چراخ ۽ ڏائڻ، راكاس ۽ مم جا

ڀو ڏينديون ۽ ٻارڙن کي بيمارين ۾ تكليفن کان بچائڻ ال انهن جي ڳچين

۾ ٿلها ٿلها تعويذ ۽ موٹا موٹا ڌاڳا ٻڌنديون، ٻارڙن کي کڻي مزارن ۽ قبرن جا

آن لوڏينديون رهنديون، لوفر پيرن ۽ مكار ڀوپن جون طواف كنديون ۽ قر

حاضريون ڀرينديون رهنديون ته پو اهڑين مائرن جي تربيت مان جيكي

! ٻالك گذري ايندا انهن جو اهو حال نه ٿيندو ته ٻيو ڇا ٿيندو؟

:عورت پاران تربيت جا اثر

اسان جي سوسائٹين جي برعكس توهين ترقي يافته سوسائٹين جو

لعو كريو، توهان کي نظر ايندو ته اتي مردن جي ڀيٹ ۾ عورتن جي مطا

بلكه اتي انهن . هٿان تربيت پائڻ کي وڌيك اهميت ڏني ويندي آهي

كردارن کي وڏو خوش نصيب سمجھيو ويندو آهي جن کي عورتن جي

۽ اها كا اهڑي ڳالهه به كونهي جو ان تي . تربيت نصيب ٿي هوندي آهي

قدرت، عورت جي فطرت ۾ كجھه : ا آهي تهحقيقت اه! حيرت کائجي

اهڑيون صالحيتون رکيون آهن جن جي ٻل تي هو، مرد جي ڀيٹ ۾ بهتر

عورت کي جنهن شي سان محبت : مثال طور. تربيت كري سگھي ٿي

هوندي، هو ان بابت مرد کان وڌيك صبر كرڻ جي صالحيت رکي ٿي،

رمي رکي ٿي، عورت جي زندگي جي عام معاملن ۾ هو مرد کان وڌيك ن

فرانس جي هك . جذبن ۽ احساسن ۾ مرد کان وڌيك رقت هوندي آهي

هن اڄ تائين جيتريون ‘: اقرار كيو آهي ته’ رينان‘: مشهور فلسفي ليکك

ساڳي . ’به سٺيون شيون لکيون آهن، اهو سڀ هن جي ڀيڻ جو فيض آهن

كڎهن جي‘: لکيو آهي ته” الفونس دوديه“طرح هك ٻئي مشهور ليکك

مان كنهن فخر جو مستحق آهيان ته ان ۾ اڌ منهنجي وني جو حصو

هنن ڳالهين كرڻ جو مقصد اهو ثابت كرڻ آهي ته ٻار جو عورت . ’آهي

جي هٿان تربيت وٺڻ هك اهڑي ضرورت آهي جنهن کانسوا كوئي

۽ ان تربيت جو سمورو دارومدار عورت جي بهتر تربيت تي . چارو كونهي

. آهي

:مان هك مثالسيرت

جي اسوهء حسنه ۾ به ملسو هيلع هللا ىلصاهڑو مثال اسان کي پنهنجي سرواڻ سائين

جي ان ارشاد ملسو هيلع هللا ىلصملي ٿو نهايت ئي ضروري آهي ته اسين پاڻ سڳورن

مبارڪ کي هك بنيادي اصول مڃي پنهنجي معاشرتي ۽ قومي زندگي

هك ڀيري پاڻ سانئڻ عائشه . جي معاملن جو بنياد ان ارشاد تي رکون

پورو اڌ دين هن ! لوكو‘: جو ذكر كندي فرمايائون رضه صديقه

اسين ڄاڻؤن ٿا ته امڑ سانئڻ عائشه. ’ڳاڙهسري عورت وٹان حاصل كريو

هك عورت هئي، جنهن تي نه وحي ايندو هيو نه ئي وري سندس كي

بس ان جي عظمت جو اهڃاڻ اهو آهي ته هن . معجزا يا كرامتون هيون

ر جي آغوش ۾ گذريو ۽ سندس غا -جي يار ملسو هيلع هللا ىلصجو ننڍپڻ حضور اقدس

پاڻ نبي آخر الزمان جا ارشاد . جواني رسالت مآب جي حضور ۾ گذري

ٻڌائين، اهي سمجھيائين ۽ هينئين ۾ هنڈايائين ۽ انهن مطابق پنهنجي

. زندگي گھاريائين

:دلي خواهش

منهنجي اها دلي خواهش آهي ته مون وانگر منهنجي سنڌ جو هر

وس كري ته اسان وٽ سمورن معاملن ۾ اهم سنڌي به اها ڳالهه محس

باقي سمورا معامال ۽ مسئال تربيت جا ئي . ترين معاملو تربيت جو آهي

اسان جي جيكا موجوده حالت آهي، اسان جي . ضمني مسئال آهن

اكثر عوام جا جيكي عقيدا آهن، اهي سوا وهمن جي ٻيو كجھه به

سوسن ۽ سوداء جي كونهن، جيكي ارادا ۽ سوچون آهن، اهي سوا و

اهڑن عقيدن ۽ ارادن جي نه شريعت ۾ كا گنجائش . كجھه به كونهن

Page 34: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

34

آهي نه ئي وري پنهنجي ديش کي اهڑين وهم پرستين ۽ بدعتن جي كا

وسوسن، وهمن ۽ سوداءن جي كري ئي اسين بهتر تربيت . ضرورت آهي

کان محروم آهيون ۽ ان جي كري ئي لڳاتار غالمي جي زندگي جا

اسان کي پنهنجي غالم هئڻ جو احساس ٿئي ته ان . بڻيل آهيون هيراڪ

تي خار کائون نه، جڎهن احساس ئي نه آهي ته كٿان اسين آزادي جي

مان ! منظم تحريك هالئي سامراج مان جند آجي كرائي سگھنداسين؟

سمجھان ٿو ته وقت اچي چكو آهي ته اسين مروج طور طريقن کان

جي صحيح طور تي پختگي سان اهڑي بغاوت كريون ۽ پنهنجي قوم

علمي تربيت كريون ته جيئن اسان ۾ به اهڑا عالم ۽ رهبر پيدا ٿين

مطلب ته . جيكي علم و عمل ۽ اخالق و آداب جا پيكر ثابت ٿين

. اسان جي قوم جو مستقبل ايندڙ نسل جي تربيت سان ئي واڳيل آهي

***

باب ڇهون

تربيت عورتن جي تعليم ۽

آئون ڏسان پيو ته ماڻهن جو تعليم ڏانهن رجحان وڌي رهيو آهي پر

اهڑو ماڻهو اڃا سوڌو نظر نه ٿو اچي جيكو تعليم سان گڎ تربيت ڏانهن

. به ڌيان ڏيندو هجي

اخالق ۽ طور طريقن جي درستگي تعليم کان مقدم هئڻ گھرجي ۽

ڏيڻ ڇوكرين جي تعليم کي ڇوكرن جي تعليم کان وڌيك اهميت

اڄكلهه جيكا ڇوكرين کي تعليم ڏني وڃي ٿي، . جي ضرورت آهي

ها ناكافي آهيهن وقت جيكا ڇوكرين کي . حقيقت اها آهي ته ا

عصري تعليم ڏني وڃي ٿي ان جو كردار جي بجا سڄي جو سڄو تعلق

۽ وري جيكي ذهين . نوكري حاصل كرڻ تائين محدود آهي

ري جي ڊگري ماڻين ڇوكريون كا وڏي ڊگري خاص طور تي ڊاكٹ

ٿيون ته انهن ۾ مذهبي تعليم يافته ڇوكرين وانگر غرور ۽ تكبر جي

غالظت كاهيو پوي، اهڑيون ڇوكريون پنهنجي مخصوص لباس پهرڻ

پنهنجون . کانپو پاڻ کي زمين جي بجا آسمان ۾ ڏسڻ لڳنديون آهن

يا .گھريلو ۽ سماجي ذميواريون نڀائڻ کان پڑ كڍي بيهي رهنديون آهن

وري وچئين سطح جون تعليم يافته ڇوكريون، مختلف موضوعن تي

ادبي لٹريچر جهڑوڪ شاعري، ناول ۽ كهاڻي وغيره پڑهي خيالي دنيا ۾

ان ڏس ۾ قوم جي شاعرن ۽ . گم ٿي نفسياتي الجھنن جو شكار ٿيو وڃن

اديبن جي اكثريت جو محبوب ترين مشغلو اهو بڻيل آهي ته هو پنهنجا

پرائي انهن جي ذريعي خيالي دنيائن جا خواب لهڻ واريون مختلف كتاب ڇ

اهي كلور ۽ . كندا رهن ٿا Miss useڇوكريون ڦاسائي انهن کي

عورت جي اها هلكڑائپ جيكا کڑپيل اديبن ۽ شاعرن ال عياشين جا

موقعا فراهم كري ٿي، صرف ۽ صرف بهتر تربيت نه هئڻ جو اگرو نتيجو

. آهي

Page 35: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

35

:تعليم جي حقيقت

ان جو الميو اهو آهي ته اسان وٽ جنهن کي تعليم يافته سمجھيو اس

وڃي ٿو ان تعليم جي حد بس اها آهي ته تعليم يافته مرد يا عورت

سچ پچ محض انگريزي، فارسي يا . انگريزي لکي پڑهي ۽ ڳالهائي سگھي ٿي

کڻي عربي ۾ لکي سگھڻ، ڳالهائي سگھڻ يا پڑهي سگھڻ ته تعليم ناهي،

اهي ته تعليم جي حاصالت جي هك ننڍڙي وٿ آهن، تعليم جي بلكه

رهي ڳالهه مئٹرڪ، انٹر يا کڻي ٻي كنهن وڏي ! ته ناهن انتها يا مدعي

ڊگري دؤران حاصل كيل مختلف مضمونن جي معلومات جي، ته اهڑي

سو . سا به اڳتي هلي بنهه وسريو وڃي. معلومات سمجھو ته ڇلكا آهن

علمي حقيقتن سان آخر كهڑي نسبت ٿي اهڑي معلومات جي انهن

سگھي ٿي جيكي حقيقتون دماغ مان وهمن، وسوسن ۽ طرحين طرحين

. جي خرافات ۽ فضوليات کي ڌكي كڍي ڇڎينديون آهن

:تجرباتي علم

انسان جي ال سڀ کان وڌيك مفيد شي آهي عقلي جوهر، جنهن

ا صالحيت علمي عقل مان مراد اه. کي علمي عقل به چئي سگھجي ٿو

آهي جيكا خيال جي مقابلي ۾ دماغ ۾ موجود هوندي آهي يعني اهڑو

عقل جيكو انسان کي دنيا جي تجربن مان حاصل ٿيندو آهي ۽ ظاهر آهي

ته اهڑو عقل ٻڌين ڳالهين ۽ مطالعي جي ڀيٹ ۾ وڌيك سگھارو ٿيندو

ر تجربو ٻڌائي ٿو ته هك بنهه اڻ پڑهيو ماڻهو پنهنجن تجربن جي آڌا. آهي

. تي كيترن ئي عالمن فاضلن کان وڌيك عقلمند هوندو آهي

اها خيالي دنيا ئي آهي جنهن ۾ ڦاٿل هئڻ جي كري انسان وهمن ۽

مختلف قسم جي فضول عقيدتن ۾ مبتال ٿي زندگي ڳاريندو رهندو آهي،

حقيقت اها . كڎهن به ٺوس حقيقت ڏانهن اچڻ ال تيار نه ٿيندو آهي

ون به مصيبتون اچن ٿيون ته اهي خيالي رستن مان آهي ته انسان تي جيتري

انسان خيالن ۽ وهمن جي ڄاري کان پنهنجو ذهن ! كاش. ئي اينديون آهن

صاف كري وٺي ته هوند، سعادتون ۽ خوشبختيون سندس قدمبوس بڻجي

. وڃن

:حقيقت جي تالش

هن دنيا ۾ حقيقت انسان جو گم ٿيل سرمايو آهي، تنهنكري انسان

ته ان جي تالش ۾ هرگز وسان نه گھٹائي حقيقت جي تالش کي گھرجي

ئي اهو ” حقيقت“. دؤران پيش ايندڙ تكليفون مركندي برداشت كري

خزانو آهي جنهن ۾ ا� پاڪ انسان جون سموريون حسرتون سمائي

فقط اهوئي ماڻهو ماڻي سگھي ٿو، جيكو ان کان ” حقيقت“۽ . رکيون آهن

حقيقت ئي سعادت جو . ط ان جو ٿيو پويسوا ٻي هرشي کي ٺكرائي فق

ڇاكاڻ جو حقيقت جي معرفت ئي انسان کي عقلي ۽ . سرچشمو آهي

ظاهر آهي ته مردن وانگر عورتن کي . نفسي كمالن تائين پهچائيندي آهي

به ان جي ضرورت آهي ته هو به حقيقت پروڙين ۽ اهو عقلي استعداد ماڻين

ندگي ۾ انهن جي مفيد ۽ جيكو سندن نفس کي قابو ۾ رکي ۽ هن ز

. بهتر كمن ڏانهن رهنمائي كري

:قصور وار مرد آهي

عورت کان، سندس غير تعليم يافته ۽ تربيت کان وانجھو هئڻ

كري، جيكي كڎهن كڎهن كوتاهيون سرزد ٿيو پون ته ان جي

عورتون شيطان : نتيجي ۾ مرد مٿس اعتماد كرڻ ڇڎي ڏنو آهي، چي

عورت کان كڎهن كڎهن كي كوتاهيون واقعي! جون مددگار آهن

سرزد ٿيو پون، پر مان سمجھان ٿو ته عورت جي انهن كوتاهين جو

ڇا اسين عورتن جي بهتري ال كجھه كيو . جوابدار به مرد ئي آهي

آهي؟ عقل ۽ شرعي لحاظ کان اسان تي جيكي عورتن جي تعليم ۽ تربيت

ن کي اهو سونهي ٿو، جو جا فرض آهن ڇا اسين اهي پورا كيا آهن؟ ڇا اسا

Page 36: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

36

اسين عورتن کي ان حالت ۾ ڇڎي ڏنو آهي جو هو هر حقيقت کان بي خبر

هئڻ كري گگدام بڻيون ويٺيون آهن؟ ڇا اهڑين عورتن ۾ اسان جون

مائرون، ڀينرون، نياڻيون ۽ ونيون شامل كونهن؟ ڇا اها حقيقت ناهي ته

م ترين نعمت انهن رشتن جي صورت ۾ عورت اسان جي ال دنيا جي عظي

آهي ۽ اسان جي ئي وجود جو حصو آهي جيكو اسان کان كڎهن به

اسان جو رت ۽ انهن جو رت، اسان جو ماس ۽ انهن جو . جدا ٿي نه ٿو سگھي

ڇا مرد عورتن منجھان ۽ عورتون مردن منجھان ناهن؟ ڇا . ماس هك آهي

اسين هنن منجھان ۽ هو اسان منجھان ناهن؟ جيكڎهن مرد جي زندگي

۾ عورت نه هجي ته ڇا مرد زندگي جا كمال ماڻي سگھي ٿو؟ سچ پڇو ته

. اسين پاڻ کي پاڻ ئي دنيا جي ان عظيم ترين نعمت کان محروم رکيو آهي

:فاصلن جي ويڳاڻپ

اسان منجھان هر شخص كڎهن نه كڎهن اهڑن لطف ڀرين ساعتن

جو مٺاس محسوس كري چكو هوندو جڎهن هو پنهنجي كنهن دلي

ت سان ملندو آهي ۽ انهن ٻنهي جي درميان كچهري جو هك اڻ دوس

کٹ سلسلو شروع ٿي ويندو آهي، ايستائين جو ٻنهي کي وقت جو هوش

به نه رهندو آهي ان كيفيت ۾ هك دوست جو روح ٻئي دوست سان

ايئن سلهاڙجي ويندو آهي جو هو ڳالهيون اوريندا رهندا آهن اوريندا رهندا

۾ محويت جو اهو عالم هوندو آهي جو اهو آهن ٻنهي جي هك ٻئي

خيال ئي نه رهندو آهي ته كير ڳالهائي رهيو آهي ۽ كير ٻڌي رهيو آهي

كاش اهڑي روحاني هم آهنگي، پٹ ۽ ما، ڀا ۽ ڀيڻ، وني ۽ ور ۾ پيدا ...

ٿي پوي ته دوستن واري خوشي کان هنن رشتن جي خوشي تهائين اٿاهه

لت اها آهي جو اسان جي اهڑن رشتن ۾ ايڎي اسان وٽ حا. محسوس ٿيندي

ته ويڳاڻپ حائل آهي جهڑوكر اسان جي روحن ۾ هزارين ميلن جا فاصال

انهن جو . کڻي اسين ساڻن شفقتن ۽ محبتن سان پيش به ايندا آهيون. هجن

تمام گھڻو خيال به رکندا آهيون پر اها به هك اٹل حقيقت آهي ته انهن

مل محبت ناهي هوندي، ڇاكاڻ ته جي ال اسان جي دلين ۾ كا

كامل محبت اتي ئي هوندي آهي جتي ٻن فردن ۾ پوري طرح هم

آهنگي هجي ۽ اسان وٽ جيترا رشتا وڌيك ويجھا آهن انهن ۾ اوترا

! وڌيك فاصال آهن

:رشتن جي اهميت

ڳالهه دراصل اها آهي ته انسان پنهنجي فطرت ۾ مجبور آهي ته هو يا

اهو ا� . ي يا هو پاڻ كنهن جو محبوب بڻجيكنهن سان محبت كر

پاڪ جو انسان تي كيڎو وڏو احسان آهي جو هن انسان جي چؤڌاري

مقدس رشتن جا كيترائي روپ ڦهالئي ڇڎيا آهن ۽ انهن جي دلين ۾

اندازو كريو، اها ا� . هك ٻئي جي ال اٿاهه محبتون سمائي ڇڎيون آهن

هاڻي جيكڎهن هي . هيپاڪ جي اسان تي كيڎي نه وڏي نعمت آ

پاڪ، بي لوث ۽ خالص محبت، ا� پاڪ جن عظيم مقصدن ال پيدا

فرمائي آهي، انهن مقصدن ال صرف ٿئي ها ته اسان جي زندگين ۾ كيڎو

تڎهن به ڄاڻايل مقدس رشتن جي محبت بهرحال . نه سكون هجي ها

تكليفن اها محبت اسان جي کوڙ مصيبتن ۽ . انسان ال وڏو سرمايو آهي

ا� نه كري، جيكڎهن اسين ان . کي اسان جي ال آسان بڻايو ڇڎي

محبت کان محروم هجئون ها ۽ انهن رشتن جي ٻل تي اسان کي هي دل جو

سكون نصيب نه هجي ها ته حقيقت اها آهي ته دنيا جون مصيبتون

سو هاڻي ايڎين وڏين . اسان کي اٿاهه مايوسين جي ور چاڙهي ڇڎين ها

بي قدري ۽ انهن جي حفاظت جي طرف ڌيان نه ڏيڻ وڏي ۾ نعمتن جي

! وڏي بي شكري ناهي ته ٻيو ڇاهي؟

Page 37: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

37

:عورت جي تعليم جي حقيقت

ان ! كن ماڻهن جو چوڻ آهي ته تعليم عورت جا اخالق بگاڙيو ڇڎي

جي دليل ۾ اهڑن ماڻهن جا كيترائي ڇسا دليل به سامهون اچن ٿا دعوي

۽ فريب جي صالحيتن کي رهندو هٿي ته تعليم سان عورت جي مكر

اهڑن ماڻهن جو چوڻ ! ملي ٿي، عورت جي عصمت ۽ عفت باقي نه ٿي رهي

ٿي سگھي ٿو ته . آهي ته عورت ناقص العقل ۽ مكار ٿيندي آهي

سوسائٹي ۾ اهڑين عورتن جو وجود هجي به، سو ان بابت به اسين عرض

الت ۽ پستي جو كري چكا آهيون ته اهڑين عورتن جي اها حالت ان جه

ظاهر آهي ته . نتيجو آهي جيكا صدين الكون عورت جي پڑ پيل آهي

جڎهن جهالت ۽ پستي منجھان عورت نكري ايندي ته اهڑي صورتحال

باقي كن ماڻهن جي اها . باقي رهڻ جي به كائي گنجائش نه رهندي

كيئن ته تعليم عورت کي اخالقي طرح بگاڙي ٿي ته اها دعوي دعوي

چي ٿي سگھي؟ حقيقت اها آهي ته تعليم ۽ وري خاص طور تي جڎهن ٿي س

ان سان گڎ بهتر تربيت به هجي ته اها ته عورت کي ويتر چار چنڈ لڳايو

اهڑي تعليم عورت جي حيثيت کي بلند كندي آهي، ان جي . ڇڎي

مرتبي ۽ اعتبار کي هٿي ڏيندي آهي ۽ ان جي عقل کي تكميل تي

ئق بڻائيندي آهي ته هو غور فكر پڻ كري کيس ان ال. پهچائيندي آهي

باقي پڑهيل عورتن تي اهو . سگھي، پنهنجو نفعو نقصان پاڻ سمجھي سگھي

الزام مڑهڻ ته هو پنهنجي تعليمي صالحيتن کي عشقيه رخ ۾ استعمال

جيكڎهن هك عورت : كن ٿيون ته ان حوالي سان پهرين ڳالهه ته

بنياد تي پنهنجو كو پنهنجي مرضي سان پنهنجي عقل ۽ فهم جي

جيون ساٿي تالش كري ان سان خط و كتابت كري ٿي يا موجوده

دؤر جي كميونيكيشن جي وٿ سان ان کي اعتماد ۾ وٺي پنهنجي

زندگي پنهنجي پسند جي مرد جي نان كري ان کي ماڻڻ ال كوشش

كري ٿي ته اهو ته هن جو فطري، شرعي ۽ اخالقي حق آهي، پر

پڑهيل عورت صرف پڑهيل هئڻ كري پنهنجي ! جيكڎهن فرض كريو

تعليم، مردن سان الڳاپن ال خطن ۽ ميسيجن يا چيٹنگ جي صورت ۾

ڇوكريون ٻارڙن يا / استعمال كري ٿي ته ڇا اڻ پڑهيل عورتون

نوكرياڻين جي ذريعي اهي حركتون نه كنديون آهن؟

ان معاملي ۾ اصل حقيقت اها آهي ته دل جي پاكيزگي طبيعت

جيكڎهن هك عورت نيك طبيعت آهي ته . ڳالهه هوندي آهيجي

پيدا كرڻ بلكه انهن کي تعليم ان ۾ اڃا به وڌيك نيكي ۽ تقوي

۽ جيكڎهن ان جي . مستحكم كرڻ جو ذريعو ثابت ٿيندي آهي

طبيعت بدي ڏانهن مائل آهي ته تعليم سان ان جو بدي ڏانهن ميالن

رهيو . ٻنهي جي ساڳي فطرت آهي ان معاملي ۾ مرد ۽ عورت. وڌندو ناهي

سوال تعليم جي ذريعي كن ماڻهن جو ڀٹكي وڃڻ ته ان جو مطلب اهو

ڇا ا� پاڪ قرآن . ته ناهي ته منڍئون تعليم حاصل كرڻ ئي ڇڎي ڏجي

: پاڪ ۾ پنهنجي كالم بابت نه فرمايو آهي ته

ثيرا و◌ يضلاس ◌ يهدي◌ به ك

ثيرا وما يضل به اال الف

قين به ك

ا� هن كتاب جي ذريعي کوڙ ماڻهن کي سنئين دڳ ‘

الئيندو آهي ۽ کوڙ ماڻهن کي گمراهه كندو آهي ۽ ها،

گمراهه قرآن جي ذريعي فقط هوس پرست ئي ٿيندا

!ته ڇا نعوذ باا� قرآن پڑهڻ به ڇڎي ڏجي؟)26: البقره(_’آهن

تعليم عورت جو سڌارو آهي

هي، جيكا عورت کي هر لحاظ مطلب ته تعليم ئي اها واحد وٿ آ

توهين ڏٺو هوندو . کان نکاري، سنواري ۽ مضبوط دل دماغ سان نوازي ٿي

ته ويچاريون اڻ پڑهيل عورتون، کڑپيل مردن جي مٿاڇري لفاظي تي جلد

تركي پونديون آهن ۽ هو ڊگھي نظر جي صالحيت نه هئڻ كري مرد

ار، آواز ڌڻي يا جي مكارين ۽ چاالكين کان ويسليون بڻجي شاعر، فنك

ليکك قسم جي سطحي مزاج رکندڙ ميسوڻن مهانڈن پاران چكمن ڏيڻ

تي بنا سوچڻ سمجھڻ جي اچي پنهنجو پاڻ انهن جي حوالي كنديون آهن

Page 38: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

38

۽ پو اهي ساڻن كهڑو حشر كندا آهن؟ شايد ئي اها حقيقت كنهن

! سڄاڻ ماڻهو کان ڳجھي هجي

يت يافته عورت حد ان جي برعكس تعليم سان گڎوگڎ بهتر ترب

هو كنهن مرد جي ٺلهين لفاظين، يا . کان وڌيك محتاط رهندي آهي

كنهن فنكار جي مٺڑي آواز يا كنهن باصالحيت مرد جي اڳواڻي جي

صالحيتن يا كنهن مرد جي جسماني بيهك يا سونهن تي، ڀلي کڻي اهي

کيس حد کان وڌيك متاثر به كندا هجن، هرگز هرگز هلكڑائپ جو

هو جنهن به ساٿي کي پنهنجي جيون جو حصو بنائڻ . ر ناهي ٿينديشكا

ان بابت هر لحاظ کان پڑتال كري پو وڃي مس سو . تي آماده ٿيندي آهي

سيرت به هوندو آهي ته ان کي پنهنجي محبت -به جيكڎهن اهو صاحب

اهڑيون سڄاڻ ڇوكريون . ارپي پنهنجو پاڻ سندس نان كندي آهي

. ۽ سنجيدگي پنهنجي هٿان وڃڻ ناهن ڏينديونكڎهن به وقار

:تعليم عورت جو هٿيار آهي

اسان جي هن سموري گفتگو جو خالصو اهو ئي آهي ته اسان وٽ

عورت جي عزت ۽ آبرو جي محافظ آهي ته فقط بهتر تعليم سان گڎ بهتر

سچي ڳالهه اها آهي ته تعليم سان گڎ عقلي ۽ اخالقي تربيت ئي اها . تربيت

واحد وٿ آهي جنهن جي ذريعي اسان وٽ عورتن جي اهڑي کيپ پيدا ٿي

سگھي ٿي جيكا شرافت، عفت، عصمت، غيرت، پاكيزگي، سنجيدگي ۽

مان سمجھان ٿو ته جيكي ماڻهو عورت . وقار جو اهڃاڻ بڻجي سگھي ٿي

کي تعليم کان وانجھو رکڻ واري صورت سان سندس محفوظ رهڻ ضروري

انهن ٻن انڌن وانگر چئي سگھجي ٿو جيكي هك سمجھن ٿا ان جو مثال

ظاهر آهي ته انجام اهو ٿيندو جو . ٻئي کي هٿ هٿ ۾ ڏنيون ويندا هجن

!! کڎ ۾ وڃي ٻئي گڎجي ڦهكو كندا

***

باب ستون

عورت ۽ پردو

پردو، ادب ۽ لحاظ جي اصولن منجھان آهي جنهن جي پابندي هر

دي جي باري ۾ تمام گھڻي مبالغي پر اسان وٽ پر. عورت ال ضروري آهي

هي جيكو اسان وٽ پردو رائج آهي، اهو ٿي . کان كم ورتو ويو آهي

سگھي ٿو كن مخصوص ۽ محدود ذهنن جي پنهنجي سوچ هجي باقي

اسان مسلمانن جي اها عادت . شرعي پردو ته ان کي نه ٿو چئي سگھجي

رهڻ جي بڻيل آهي ته شريعت جي معاملن ۾ اسين حد کان وڌيك محتاط

كري شريعت جون حدون اورانگھي وٺندا آهيون، نتيجي ۾ اسان جي اهڑن

لڇڻن جو نزلو پوري قوم تي ڳڑندو آهي ۽ پوري قوم کي ڀوڳڻو پئجي ويندو

. آهي

:پردي ۾ افراط و تفريط

مان سمجھان ٿو ته پردي جي معاملي ۾ يورپ ۽ مسلم دنيا ٻئي

رپ ۽ امريكه وارا پردي جي يو. افراط و تفريط جو شكار رهيون آهن

معاملي ۾ ان حد کي اچي پهتا آهن جتي كنهن به عورت ال پاڻ کي

ان ڏس ۾ هنن شرم . شهواني محركات کان بچائڻ مشكل ٿي پيو آهي

ان جي ابتڑ مسلم دنيا . ۽ حيا جون فطري حدون به اورانگھي ڇڎيون آهن

لو كيو آهي جو عورت کي غير مردن وري پردي جي معاملي ۾ ايترو غ

جي نظرن کان لكائڻ خاطر ايتري سختي كئي آهي جو عورت کي

. كنهن بي جان شي جيان هك مقبوضه شي جيتري حيثيت ڏني وئي

عورت کي ٻاهرين دنيا کان بند كري ان کي عطا ٿيل قدرتي صالحيتن ۽

. فضيلتن کان به محروم كري ڇڎيو ويو

Page 39: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

39

:پردي جي ارتقائي تاريخ

تاريخ کان واقف آهي، اهو چڱي طرح ڄاڻي ٿو ته جيكو به شخص

هاڻي تائين عورت، جن ارتقائي دؤرن مان گذرندي آئي آهي انهن ارتقائي

فرانس جي . دؤرن منجھان پردي جو به هك ارتقائي دؤر رهيو آهي

يوناني “: جي متعلق لکيل آهي ته’ چادر‘۾ لفظ ” الرڊس“: انسائيكلو پيڈيا

رنديون هيون ته اڄكلهه جي رواج وانگر اهي عورتون جڎهن گھران نك

به چادرون استعمال كنديون هيون ۽ چادر جي هك پلئه سان پنهنجو

جڎهن يورپ ۾ عيسائيت ڦهلي ته انهن چادرن . چهرو ڍكينديون هيون

عورتن کي اڳ جيان ان مسئلي ۾ . جي معاملي ۾ ڇيڑ ڇاڙ كانه كئي

به جڎهن عورتون گھرن عيسائيت قبول كرڻ کان پو. به آزاد ڇڎيائون

اهڑي طرح . کان ٻاهر نكرنديون هيون ته چادرون اوڍي نكرنديون هيون

وچئين دؤر، خاص كري نائين صدي . نماز ۾ به چادر اوڍينديون هيون

انهن . عيسوي ڌاران يورپ جي عورت لڳاتار چادر استعمال كندي رهي

پيون جي كيفيت اها هئي ته چادرون لڳاتار انهن جي كلهن تي

اهي ايتريون ڊگھيون هونديون هيون جو جڎهن وکون . رهنديون هيون

عورتن جي اها عادت . کڻنديون هيون ته چادرون گھلبيون رهنديون هيون

ان کان پو انهن چادرن ۾ آهسته . تيرهين صدي عيسوي تائين جاري رهي

آهسته تبديلي اچڻ لڳي جو اهي هك مختصر پوتي جي شكل ۾ اچي

بي شك يورپ مان ته انهن چادرن جو رواج نكري ويو پر ان کان . نپهتيو

پو به هك عرصي تائين اسپين ۽ جنوبي امريكه جي ملكن ۾،

جيكي اسپين جي اثر هيٺ رهي چكا آهن، چادرن اوڍڻ جو رواج لڳاتار

. ”رهندو آيو آهي

توهان کي اندازو ٿي چكو هوندو ته جنهن پردي جو اڄكلهه اسان

آهي اهو صرف اسان سان مخصوص ناهي ۽ نه وري اها ڳالهه وٽ رواج

بلكه حقيقت اها آهي . درست آهي ته ان پردي جا موجد مسلمان آهن

سمورين قومن ۾ پردي جو كنهن نه كنهن زماني ۾ ته دنيا جي تقريبا

پر ان کان پو زندگي جو اجتماعي تقاضائن ۽ انهن . بهرحال رواج رهيو آهي

بي . قي سببان منجھانئن اهو رواجي پردو پاڻ هرتو ويندو رهيو۾ ارتقاء ۽ تر

ضرورت آهي ته ان تي ديني ۽ . شك، پردي جو مسئلو نهايت اهم آهي

. اجتماعي ٻنهي لحاظ کان تفصيلي بحث كجي

***

Page 40: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

40

باب اٺون

پردي جي مذهبي حيثيت

هي اسان کي بغير ا� پاڪ پاران جيكي اسان تي فرض عائد آهن، ا

پردي جي معاملي ۾ اسان کي شريعت . كنهن ٹال مٹول جي مڃڻ گھرجن

مان كوئي اهڑو واضح حكم نه ٿو ملي جيكو پردي جي موجوده

بلكه سچي ڳالهه اها . شكل کي مسلمانن ال فرض ثابت كندو هجي

آهي ته موجوده پردو انهن عادتن منجھان آهي، جيكي ٻين قومن سان

كري مسلمانن ۾ كاهي پيون ۽ مسلمانن ان عادت کي ميل جول جي

بهتر سمجھي ان کي اپنايو ان ۾ وڏي مبالغي کان كم ورتائون ۽ ان کي

جڎهن دين جو كوئي به نص قطعي مروجه . مذهبي رنگ ڏئي ڇڎيائون

پردي جي صراحت نه ٿو كري ته پو كهڑي كارڻ اسين ان موضوعن

! تي بحث كرڻ کان لنوايون؟

:ي حدپردي ج

: قرآن پاڪ ۾ پردي بابت ارشاد آهي ته

ل لض◌ مؤ◌ ل◌ ق

وا ◌ ويح ◌ صارهم◌ بأ ◌ وا من◌ منين يغ

ظ

ف

مروجه

ل ◌ ف

م◌كزأ كذ

هبير بما يص◌ الل◌ نإ ◌ ى ل

◌ ه خ

عون

ن

ل لات يغ◌ مؤ◌ ل◌ وق

ض◌ من

من◌ ض

◌ صارهن◌ بأ ◌ ن

ظ◌ ويحر ◌ ف

ف

نن

يب◌ وجه

ن◌ وال

ه

تر من◌ لإ ◌ دين زين

ه

ها ◌ ا ما ظ

مرهن◌ رب◌ يض◌ ول بخ

ى جيوبهن◌ ن

يب◌ عل

ن◌ وال

ه

ت ◌ دين زين

تهن◌ لإتهن ◌ وأ ◌ آبائهن ◌ وأ ◌ ا لبعول

ائهن◌ بأ ◌ وأ ◌ آباء بعول

◌ ن

تهن◌ بأ ◌ وأاء بعول

◌ وأ ◌ وانهن◌ خإبني ◌ وأ ◌ وانهن◌ خإ ◌ وأ ◌ ن

واتهنأبني ◌ وأ ◌ نسائهن ◌ وأ ◌ خ

ن◌ يأ ◌ تكما مل

هو أ ◌ مان

ي◌ التل ◌ ف◌ و الطأجال ◌ بة من الر◌ ر◌إلي ال◌ وأر ◌ ابعين غ

م◌ الى عو◌ يظ ◌ ذين ل

◌ رات الن◌ هروا عل

◌ رب◌ يضساء وال

ن

م ما يخ◌ ليع◌ جلهن◌ رأب تهن◌ ل

وبوا ◌ فين من زين

ى اللإ وت

ه ◌ ل

عل◌ مؤ◌ ها ال◌ يأا ◌ جميع ل

ون

ف ◌ مك◌ من

◌ ت

ون

لح

مؤمن مڑسن کي چؤ ته پنھنجين اکين کي ھيٺ “: ترجمو

گھڑن کي بچائيندا رھن، اھو انھن ال تمام كن ۽ پنھنجن ا

سٺو آھي، جيكي كندا آھن ان جي بيشك ا� خبر

۽ مؤمن زالن کي چؤ ته پنھنجيون اکيون .”رکندڙ آھي

جھكيون كن ۽ پنھنجن اوگھڑن کي بچائينديون رھن ۽

کي پڌرو نه كن پر ) يعني زيوتن جي جاين(پنھنجي سينگار

نھن مان جيكي ظاھر ۽ ) جھڑا ھٿ پير(آھن ) ضروري(ا

درن کي پنھنجي گريبانن تي الھي جڳائين ته پنھنجين چا

ڇڎين، ۽ پنھنجن مڑسن يا پنھنجن پين يا پنھنجن سھرن يا

پنھنجن پٹن يا پنھنجن مڑسن جي پٹن يا پنھنجن ڀائرن يا

پنھنجن ڀائيٹن يا پنھنجن ڀاڻيجن يا پنھنجن زالن يا پنھنجن

اڻ خواھش وارن ) زالن ڏانھن(ٻانھن يا خدمت گار مڑسن مان

ن کي زالن جي اوگھڑ جو سما نه پوي تن ڌاران ٻـين يا جن ٻار

جي اڳيان پنھنجو سينگار پڌرو نه كن، ۽ پنھنجن ) سڀني(

ھن ال نه ڇمكائين ته سندن سينگار مان ) زيور(پيرن سان

جيكي ڳجھو آھي سو ڄاتو وڃي، ۽ اي مسلمانؤ اوھين

ٹو اوھين ڇ

: النور( .مڑيئي ا� جي اڳيان توبه كريو ته مان

,3130 (

هن آيت ۾ ان ڳالهه جي صراحت كئي وئي آهي ته عورت جي ال

جائز آهي ته هو پنهنجي جسم جا كجھه عضوا غير مرد جي سامهون

بي شك قرآن انهن عضون جو تعين نه كيو . ظاهر كري سگھي ٿي

ان ڏس ۾ كجھه عالمن جو چوڻ آهي ته ا� پاڪ انهن عضون . آهي

Page 41: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

41

عام معمول تي ڇڎي ڏنو آهي جيكي نزول جو تعين انهن ماڻهن جي

مطلب ته سمورن امامن جو ان تي اتفاق آهي ته . وقت قرآن جا مخاطب هيا

. كيو ويو آهي چهرو ۽ هٿ اهي عضوا آهن جن کي هن آيت ۾ مستثني

ٻانهن ۽ پيرن جي باري ۾ امامن جو اختالف : باقي ٻين عضون جهڑوڪ

ه، جن کي ظاهر كرڻ جي آهي ته اهي انهن عضون ۾ شامل آهن يا ن

۾ لکيل آهي ’ ابن عابدين‘: فقهه جي مشهور كتاب. اجازت ڏني وئي آهي

معتبر مذهب جي مطابق عورت جو سمورو بدن ايستائين جو ان جا وار ‘: ته

به پردي جي حكم ۾ اچن ٿا، البته ان جو چهرو، هٿ ۽ پير ان حكم

. ’کان ٻاهر آهن

عورت ‘: ۾ آهي ته’ الروض كتاب‘: شافعي فقهه جي مشهور تصنيف

) 104_109حصو ٻيو صه (’ جو چهرو ۽ هٿ پردي ۾ داخل ناهن

تبيين “: جي شرح” كنز الدقائق“عثمان بن علي زيلعي جي كتاب

عورت جو سمورو بدن سوا ان جي هٿن، پيرن ۽ “: ۾ لکيل آهي ته” الحقائق

۽ اهو حكم قرآن جي آيت . چهري جي پردي جي حكم ۾ داخل آهي

نو ه

تر من الال يبدين زين

ه

۽ نه ظاهر كن اهي “) 31: النور(ها ◌ ا ماظ

هتي . مان ثابت آهي” عورتون پنهنجي زينت سوا ان جي جيكا ظاهر آهي

مان مراد ’ جيكا ظاهر آهي‘زينت مان مراد ان جي زينت گاهه ۽ ما ظهر

جو ◌ ۽ ابن عمراهو حضرت ابن عباس . عورت جو چهرو، هٿ ۽ پير آهن

جن احرام ٻڌڻ جي صورت ملسو هيلع هللا ىلصاهو ئي سبب آهي جو رسول ا�. قول آهي

۾ عورت کي چهري ڍكڻ ۽ هٿن تي دستانا پهرڻ کان سخت منع فرمايو

جي هك روايت ۾ فرمايل آهي ته پاڻ امڑ سانئڻ عائشه صديقه. آهي

كنهن عورت ال چهري ۽ هٿن “: سڳورن منهنجي ڀيڻ اسماء کي فرمايو ته

” .کانسوا پنهنجي سونهن نروار كرڻ مناسب ناهي

شريعت جيكي حق مردن کي ڏنا آهن، اهي ئي حق عورتن کي پڻ ڏنا

آهن ۽ کين سندس سمورن عملن جو خواهه اهي ڏيتي ليتي بابت هجن يا

عورت کي . مردن جيان ئي ذميوار قرار ڏنو آهي. گناهه ثواب جي متعلق

ا اتنظام پاڻ سنڀالڻ جا حق حاصل آهن ته جڎهن ڏيتي ليتي بابت پنهنج

پو ان جي ال كيئن ٿو ممكن ٿي سگھي ته ان جو چهرو ڍكيل هجي

ٿورو سوچيو ته هك ! ۽ هو ڏيتي ليتي جا فرائض سرانجام ڏئي سگھي؟

عورت جڎهن عدالت ۾ هك ڌر جي حيثيت ۾ مقدمو هالئڻ ال يا

رکڻ جي كيئن ٿي گنجائش گواهي ڏيڻ ال اچي ته ان ال چهرو ڍكيل

باقي رهي سگھي؟ ان صورتحال ۾ جيكڎهن عورت جي ال چهرو ڍكڻ

فرض هجي ته پو اندازو كريو، ته عدالتن ۾ گواهين ۽ مقدمن ۾

كيڎيون ڌوكي بازيون ٿي سگھن ٿيون؟ ۽ دنيا جي كهڑي به قانون

تحت كنهن به جج کي اهو حق كيئن ٿو ڏئي سگھجي ته هو نقاب

دنيا جي هر قانون ۾ جج جو سڀ ! جود جي گواهي قبول كري؟اوڍيل و

کان پهريون فرض اهو آهي ته گواهه يا ڌر ۽ مقدمن ۾ پيش ٿين ته هو ان

. جي چهري کي چڱي طرح جاچي ۽ پرکي ۽ سڃاڻڻ جي كوشش كري

اهوئي سبب آهي جو شريعت، مقدمات جي سلسلي ۾ مدعي ۽ مدعي

و، سندن جنم گاهه بابت پڇا ڳاڇا کي عليه ۽ گواهن جا ناال، سندن پيش

جيكڎهن اهي شيون مخفي رهيون ته پو انهن کان . فرض قرار ڏنو آهي

سوالن پڇڻ جي كهڑي اهميت رهندي؟ شريعت گواهي ڏيڻ وقت عورت

کي جيكو چهرو کليل رکڻ جو حكم ڏنو آهي ان ۾ اها حكمت آهي

هه عورت جو ته عورت جي شاهدي ڏيڻ محل جج کي گھرجي ته هو ان گوا

وٺي ۽ ان جي گواهي جي تهه Face Readingچهرو پڑهي يعني ان جي

.تائين پهچڻ جي كوشش كري

:نكاح کان پهريان عورت ۽ مرد هك ٻئي کي ڏسي سگھن ٿا

فقهه جي سمورن امامن جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته منڱڻي وقت

وٺي بلكه فقهي گھوٽ جي ال جائز آهي ته هو پنهنجي كنوار کي ڏسي

جن ملسو هيلع هللا ىلصهك ڀيري رسول ا�. قانون موجب ته اهو عمل مستحب آهي

پڻ هك انصاري صحابي کي، جنهن هك عورت کي شادي جي آڇ

ڇا تون ان عورت کي ڏٺو آهي؟ صحابي “فرمايو هيو ته، . كئي هئي

Page 42: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

42

ان کي ڏسي وٺ ان سان توهان جي “: فرمايس ته ملسو هيلع هللا ىلصپاڻ سڳورن! نه: وراڻيو

” شتو تهائين مضبوط ٿيندومحبت جو ر

مطلب ته صاف طرح ثابت ٿي اها ڳالهه سامهون اچي چكي ته

هك عورت ال سندس چهرو، هٿ ۽ پير ڍكيل رکڻ ۾ كوئي حرج

شريعت ان ڳالهه جي ساکي آهي ۽ شريعت جي اها ساک نهايت . كونهي

شريعت ۾ پردي جي معاملي ۾ كائي سختي ۽ . آساني پيدا كري ٿي

. ناهي اوڻائي هرگز

:پردي جو حكم مرد ۽ عورت ٻنهي ال آهي

آهي ته عورت ال باادب هئڻ خاطر به سندس كن ماڻهن جي دعوي

ته ڇا مرد ۽ عورت ٻنهي ال باادب هئڻ . چهرو ڍكڻ نهايت ضروري آهي

ضروري ناهي؟ ۽ باادب هئڻ جو مدار ظاهري شكلين ۽ كپڑن تي ته

مدار هوندو آهي عورت ۽ مرد جي ناهي هوندو بلكه با ادب هئڻ جو

رهي ڳالهه فتني جي ته، فتنو هك اهڑي نفسيات آهي . مقصدن ۽ لڇڻن تي

جنهن جو تعلق اهڑن مردن سان آهي جن جون پنهنجيون دليون ميريون

پو ان فتني جي . هئڻ كري اهڑي فتني جي خوف ۾ مبتال رهنديون آهن

و عورت کي ڇو گھر فتني جي خوف سببان رڳ. سزا رڳو عورت ڇو ڀوڳي

جنهن مرد کي فتني جو خوف آهي سو اهو . جي چؤديوارين ۾ قيد رکجي

پنهنجيون نظرون جھكائي ڇڎي، اهڑي طرح جنهن عورت کي فتني جو

قرآن حكيم ۾ ته . خوف هجي اها به پنهنجيون نظرون ڀٹكڻ نه ڏي

ته پو آهي تهڑو عورت ال نظرون جھكائي رکڻ جو حكم جهڑو مرد ال

نظرون هيٺ رکڻ جي پابندي به رڳو عورت ال ڇو؟

فرض كريو، جيكڎهن فتني جي كري ئي چهرو ڍكڻ ضروري

آهي ته ڇا پو اها عجيب ڳالهه ناهي ته مردن کي جنهن فتني جو خوف

هيو ته پو انهن کي ڇو كونه برقعي اوڍڻ ۽ پنهنجن چهرن کي ڍكيل

ته ناهي ته مرد جي عزم رکڻ جو حكم ڏنو ويو؟ كٿي ان جو سبب اهو

۽ ارادي کي عورت جي عزم ۽ ارادي جي ڀيٹ ۾ كمزور مڃيو ويو آهي ۽

اها حقيقت تسليم كئي وئي آهي ته جنسيات جي معاملي ۾ عورت جي

مقابلي ۾ مرد ال پنهنجي نفس تي قابو پائڻ ۽ پنهنجين خواهشن کي دٻائڻ

سمورن معاملن ۾ ان جي ڀيٹ ۾ عورت مرد کان انهن . وڌيك اڻائو آهي

تنهنكري مردن کي ته ڇوٽ آهي ته هو کڻي كيڎا . وڌيك طاقتور آهي

به حسين ڇو نه هجن، عورتن جي آڏو پنهنجا چهرا کوليون هلندا وتن باقي

عورت کي مرد جي سامهون چهرو کولي هلڻ کان منع كيو ويو آهي، ان

خوف تتئون ته كنهن به عورت کي ڏسي، كٿي مرد جي شهواني قوت

جو لغام سندس عقل جي وس مان ڇڎائجي وڃي ۽ كٿي هو فتنن جي

جيكڎهن كو شخص اها ڳالهه تسليم كري ٿو !! ڌٻڻ ۾ نه گپجي پوي

عورت ۾ نيكي ۽ پاكبازي جي صالحيت : ته ان جو مطلب اهو آهي ته

مرد کان وڌيك آهي، جيكڎهن حقيقت اها آهي ته پو عورت کي قيد

ك آهيكڎهن مٿئين ڳالهه ٺيك ناهي ته پو جي. ۾ رکڻ كٿان جي ت

عورت تي ايڎو ظلم ڇو؟ سچي ڳالهه اها آهي ته نقاب ۽ برقعو فتني جو

اهو هينئن ته . خوف گھٹائڻ جي بجا رهندو خوف وڌائيندڙ عمل آهي

نقاب مان چهري جا عيب ثواب ڍكجيو وڃن ۽ عورت تهائين وڌيك

عورت کي نقاب تاكو قسم جا لوگھا مرد جڎهن. پركشش لڳندي آهي

۾ ڏسندا آهن ۽ اها کين حسين محسوس ٿيندي آهي ته هو ان جي لكل

سونهن پسڻ ال ان کي تاڙيندا ۽ ان جي پويان نوسيندا رهندا آهن،

جيكڎهن عورت جي چهري تي نقاب نه هجي ۽ سندس چهرو بلكل

کليل هجي ۽ سندس نگاهن ۾ رعب سمايل هجي ته اهڑن تاكن ۽ لوگھن

گاهون هك ڀيرو عورت جي چهري سان ٹكرائجي ان ۾ مردن جون ن

ڄمي بيهڻ بجا واپس وري اينديون ۽ واپس به اهڑيون ورنديون جو وري نه

اک کڻي پوئتي ڏسڻ جي جرئت كنديون ٻئي ديدار ال !!

حقيقت ۾ نقاب ۽ برقعي جو استعمال اسالمي شعائر منجھان هرگز

بلكه نقاب ۽ برقعو . حاظ کاننه عبادت جي لحاظ کان نه اخالقي ل. ناهي

جن جي زماني کان پهريان عادت طور ماڻهن ۾ رائج هيو ملسو هيلع هللا ىلصحضور

ان جو ثبوت . جيكو اسالم قبول كرڻ کان پو به ماڻهن ۾ رائج رهيو

Page 43: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

43

اهو آهي ته برقعي يا نقاب جي عادت کوڙ اسالمي ملكن ۾ منڍؤن

به ۽ کوڙ ساتريون اهڑيون مشرقي قومون آهن جيكي مسلمان. كانهي

بي شك . ناهن پر انهن ۾ اڃا سوڌو برقعي ۽ نقاب جو رواج موجود آهي

عورتون “: اسالمي شعائر ۾ ايترو ضرور آهي، جيئن قرآن ۾ به فرمايل آهي ته

! پر ان مان مراد برقعو يا نقاب ته كونهي” پنهنجن سينن تي چادرون اوڍين

حجاب ڇا آهي؟

لهه سان هيو ته مسلمان هينئر تائين اسان جي بحث جو تعلق ان ڳا

عورت کي چهري ۽ هٿن کليل رکڻ جي اجازت آهي يا نه؟ باقي رهيو حجاب

جو معاملو يعني عورت پنهنجي گھر ۾ ويٺي رهي ۽ ان جي مردن سان ميل

جول منع آهي، ان موضوع تي اسان جي جيكا گفتگو ٿيندي اها ٻن

رات جي ازواج مطه ملسو هيلع هللا ىلصاقدس -پهرئين حصي ۾ حضور. حصن ۾ هوندي

کي جيكو حجاب جو حكم ڏنو ويو هيو، ان بابت بحث كبو ۽ ٻئي

. حصي ۾ عام مسلمان عورتن بابت حجاب جو ذكر ٿيندو

اسان جي پهرئين حصي جي بحث جو بنياد آهي قرآن مجيد جون هي

: آيتون

د◌ ها ال◌ يأيا ت

وا ال

الن◌ ذين آمن

وا بيوت

لن أا ◌ لإ ◌ بي◌ خ

◌ يؤن

ذ

ى طعامإ ◌ مكل

ي ◌ ل

اظرين ◌ غ

إر ن

اه ول

مإ ◌ نكن

عيت

ا د

◌ ذ

اد ◌ ف

وا ف

لا طعمإخ

م◌ ذ

مس ◌ ت

شروا وال

انت

◌ ف

ديثأ ت

◌ نسين لح

ل ◌ نإ يؤك ◌ مك ذ

يس◌ بي◌ ذي الن◌ ان

ح◌ ف

◌ مكيي من◌ ت

يس◌ والل

ح◌ ه الق◌ يي من ال◌ ت

إ و ◌ ح

موهن◌ لأا س ذ

اع◌ ت

ا ◌ مت

اسوهن◌أف

اب◌ ل

ل ◌ من وراء حج

وب ◌ طأ ◌ مكذ

ل ◌ مكهر لق

وبهنل ك وما ◌ وق

ل

ؤأ ◌ مكان

الل◌ ن ت

وا رسول

◌ ذ

نأه وال

وا كن ت

ح

ل ◌ نإا ◌ بدأده ◌ واجه من بع◌ زأ اللك ◌ مك ذ

عند

ه ◌ ان

ا◌ عظيم

نھي “: ترجمو) وقت(اي مؤمنو پيغمبر جي گھرن ۾ ا

اوھان کي كنھن طعام ) جنھن وقت(کانسوا اندر نه وڃو

) اھڑي وقت وڃو جو(ال اچڻ جي موكل ڏني وڃي ۽ ) کائڻ(

ان جي تيار ٿيڻ جو انتظار كندڙ نه ھجو پر جڎھن اوھان کي

سڎيو وڃي تڎھن اندر وڃو پو جڎھن کائي رھو تڎھن

وڃو ۽ كنھن ڳالھه ۾ رجھي ويھي نه رھو، ڇوته نكري

كم(انھي ( پيغمبر کي ايذايو ٿي پو)اوھان کان لڄ ) ھن

کان لڄ نه كندو آھي، ۽ جڎھن ) چوڻ(كئي ٿي، ۽ ا� حق

کان كا شيء گھرو تڎھن پردي جي ) پيغمبر جي بيبين(انھن

اوھان جي دلين ۽ انھن جي ) كم(ٻاھران کانئن گھرو، اھو

لين ال ڏاڍو پاڪ آھي، ۽ اوھان کي نه جڳائيندو آھي ته د

ن ) جڳائيندو آھي(ا� جي پيغمبر کي ايذايو ۽ نكي ته ا

ھو ) كم(کانپو سندس زالون اوھين كڎھن پرڻجو، ڇوته ا

)53: االحزاب(.آھي) گناھ(ا� وٽ وڏو

س◌ بي◌ يا نساء النن◌ ل

دأك ◌ ت

الن◌ م ◌ ح

ن إساء ◌ ن

ي◌ اتن◌ ق

خ◌ ت

ت

ال

ع◌ ف

بال◌ ض

و◌ ن

يط◌ ق

ذي في ◌ مع ال◌ ل ف

لل◌ ق

و◌ به مرض وق

ق

ر 32 ا◌ روف◌ ع◌ ا م◌ ل◌ ن

◌ وق

ن

بر◌ نكفي بيوت ت

بر◌ ج◌ وال

ت

ى◌أة ال◌ جاهلي◌ ج ال◌ ن

،ول

اي پيغمبر جون زالون اوھين كن ٻـين زالن : ترجمو

ڊڄنديون آھيو ) ا� کان(آھيو جيكڎھن اوھين جھڑيون نه

ڳالھائڻ ۾ ھيٺاھين نه كريو ) كنھن ڌارئي ماڻھو سان(ته

طمع كري ۽ ) متان(ڇوته جنھن جي دل ۾ بيماري آھي سو

۽ پنھنجن گھرن ۾ رھو ۽ پھرين جاھليت . چڱو سخن ڳالھايو

)32-33: االحزاب(” .جي سينگار وانگر سينگار نه كريو

جا سمورا امام ۽ سمورا مفسر ان ڳالهه تي سهمت آهن ته فقهه

جي ازواج مطهرات سان تعلق رکن ملسو هيلع هللا ىلصمٿيون آيتون خالص حضور اقدس

ان . انهن کي حجاب جو حكم فرمايو آهي ٿيون هنن آيتن ۾ ا� تعالي

Page 44: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

44

هو عام “: سان گڎوگڎ قرآن حكيم ۾ ان جو سبب به ٻڌايل آهي ته

-ن آيتن جو حكم محض ازواجتنهنكري هن” عورتن وانگر ناهن

) آجيون( مطهرات ال آهي، عام مسلمان عورتون ان حكم کان مستثني

تنهنكري عام مسلمان عورتن ال حجاب نه كو فرض آهي نه . آهن

) 261حسن االسوة، از نواب صديق حسن خان، ص (كو واجب

باقي رهيو عام مسلمان عورتن جي ال حجاب جو مسئلو ته ان بابت

کان هك حديث نقل ٿيل آهي جيكا فقهه جي ملسو هيلع هللا ىلصڌ ۾ وڌ رسول ا�و

جنهن ۾ پاڻ هك مسلمان عورت کي غير . كتابن ۾ مذكور آهي

:ان حديث جا الفاظ هي آهن. مرد سان خلوت کان منع فرمايو اٿن ال

◌ ي ◌ وخل

محرم عزيز جي ‘ ◌ مر ◌ حم ◌ يذ ع ا م ◌ ال ◌ ةأر ◌ امل ب ج ر ن

کانسوا كير به كنهن عورت سان خلوت ۾ نه ويهي موجودگي’.

پر جيكڎهن . بيشك خلوت حرام آهي: آهي ته فقيهن جي فتوي

مرد ۽ عورت جي درميان كا شي حائل هجي يا ان مجلس ۾ كو محرم

عزيز يا ڀروسي جوڳي ثقه عورت موجود هجي ته پو اها حرمت باقي نه ٿي

) حصو پنجون 423ابن عابدين ص (رهي

مطهرات تي -آهي كي دوست چون ته جيكا شي ازواجممكن

فرض كئي وئي آهي جيكڎهن عام مسلمان عورتون به ان جو اتباع

ته اهڑن دوستن جي خدمت ۾ اسان جي . كنديون ته چڱي ڳالهه چئبي

گذارش اها آهي ته انهن کي قرآن پاڪ جي هي آيت به سامهون ضرور

وارين کي عام عورتن کان جي گھر ملسو هيلع هللا ىلصرکڻ گھرجي جنهن ۾ رسول ا�

س: نراليت جي خبر پڻ ڏنل آهين◌ ل

د◌ تن

ح

ا ال◌ م ◌ ک

اي ‘ :سا◌ ن◌ ن

يعني هن آيت ۾ ا� ’ توهين عام عورتن وانگر ناهيو! نبي جون گھر واريون

جي ملسو هيلع هللا ىلصپاڪ هن ڳالهه ڏانهن اشارو فرمايو آهي ته هن حكم ۾ نبي

اهڑو فعل ناهي جنهن جي گھر وارين ۽ ٻين عورتن ۾ مساوات جو هجڻ

اسان کي اهو به باور كرائي ڇڎيو آهي ته ا� تعالي. رغبت ڏني وڃي

جي گھر وارين کان عالوه باقي مسلمان عورتن جي ملسو هيلع هللا ىلصپيغمبركريم

تنهنكري اسان . مٿان حجاب جو واجب نه هجڻ حكمت کان خالي ناهي

. کي گھرجي ته ا� پاڪ جو اهو حكم مڃيون ۽ ان تي عمل كريون

مطهرات -اسان جي ال كنهن به لحاظ کان مناسب ناهي جو اسين ازواج

طرفان مليل اهڑي اجازت کي معطل جو نمونو سامهون رکي ا� تعالي

ڇاكاڻ ته دين جا اهي معامال جن ۾ شريعت پاران آساني . كري ڇڎيون

۽ هلكائي جو لحاظ رکيو ويو آهي، جيئن ان ۾ وڌيك آسانيون پيدا

كونهي، اهڑي طرح اهي ديني معامال جن ۾ سختي سان كرڻ چڱو

حكم ٿيل آهي انهن ۾ تهائين غلو كرڻ ۽ ان غلو ۾ زندگي جي

ان موضوع . مصلحتن جي پرواهه نه كرڻ به كا چڱي ڳالهه كانهي

: مثال طور. تي قرآن پاڪ ۾ کوڙ ساتريون آيتون آيل آهن

ا�مب يريد

يري◌ ال ◌ ک

◌ يسر وال

م د

ر ◌ العس ◌ بک

ا� توهان سان آساني جو ارادو كري ٿو ۽ هو توهان “

) 185: البقره. (يا اوڻائي جو ارادو نه ٿو كري/ سان تنگي

ي عل

م◌ وما جعل

رج ◌ ن من◌ ي◌ في الد ◌ ک

دين جي معاملي توهان سان كنهن قسم ا� تعالي“

)78: الحج(جي سختي روا نه رکي آهي،

س◌ ذي◌ هاال◌ آي◌ يت

آمنو االو◌ ن

ش ◌ ا عن◌ ال

يا ان ◌ ا

بم◌ ت

کلم ◌ د

ک

سؤ

◌ ت

اي ايمان وارؤ اهڑين شين بابت کوٹي کوٹي سوال نه پڇو “

ته جيكڎهن اهي توهان تي ظاهر كيون وڃن ته توهان

گريون لڳن )101: المائده(” کي ا

مطهرات جو -پو به جيكڎهن واقعي حجاب جي معاملي ۾ ازواج

جهڑو جليل القدر صحابي اتباع ضروري آهي ته سيدنا حضرت عمر فاروق

۽ سنت جي پابندي ۾ جڳ مشهور آهي، اهو پنهنجي جيكو تقوي

جي خالف هرگز به عمل پيرا نه ” حجاب“گھريلو زندگي ۾ ان قسم جي

: ان جو اندازو هن واقعي مان كري سگھجي ٿو. ٿئي ها

Page 45: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

45

:جو واقعو رضه حضرت عمر

“ حضرت سلمه بن قيس جنگ جي هك واقعي جي خبر ڏيڻ ال

اهو . ڏانهن پنهنجي قوم جو هك ايلچي موكليو حضرت عمر فاروق

جي گھر پهتو ته ان جو بيان آهي ته مون ايلچي جڎهن حضرت عمر

. حضرت عمر کي پنهنجي آمد جو اطالع ڏنو ۽ سالم عرض كيم

آئون جيئن سندس گھر ۾ داخل ٿيم، . مون کي اندر سڎايو حضرت عمر

تڎي تي چمڑي جي ٻن ويهاڻن کي ٹيك لڳايون ويٺو ڏٺم ته حضرت عمر

هك ويهاڻو حضرت عمر. انهن ويهاڻن ۾ کجي جو کاٻر ڀريل هيو. هيو

مون ڏٺو ته هك . آئون ان کي ٹيك لڳائي ويٺس. مون ڏانهن اڇالئي ڏنو

. ورانڈو آهين ٺهيل آهي، ڇ

ن جي ڀك ۾ هك جنهن ۾ هك ڇ

ويٺي اتان ئي حضرت عمر. كمرو هيو جنهن تي پردو لٹكيل هيو

سانئڻ ام كلثوم . اسان جي ال ماني موكل! ام كلثوم: پكاريو

رضي ا� عنها اتان ئي خومچو پكڑايو جنهن ۾ هك ماني هئي جيكا

. زيتون جي تيل سان مکيل هئي ۽ ان تي لوڻ جي هك وٹي پيل هئي

تون به اچي ماني گڎجي ڇو نه ٿي کائين؟ ! ام كلثوم: يوچ حضرت عمر

سانئڻ وراڻيو، مان توهان سان گڎ كنهن ٻئي ماڻهو جي موجودگي

وراڻيو هائو، هك ماڻهو موجود آهي، حضرت عمر. محسوس كريان ٿي

منهنجو بس ايترو جيكو لڳي ٿو ته هتان جو رهواسي ناهي ۽ حضرت عمر

جيكڎهن توهين چاهيو ٿا ته آئون : فرمايو ان تي سانئڻ. تعارف كرايو

مردن جي سامهون اچان ته اوهان کي گھربو آهي ته جيئن ابن جعفر يا زبير ۽

طلحه وارا پنهنجين گھروارين کي عمدا كپڑا پهرائين ٿا، توهان به مون کي

ڇا تنهنجي ال ايترو : اهو ٻڌي حضرت عمر فرمايو. عمدا كپڑا وٺي ڏيو ها

جي نياڻي ام اهو چيو وڃي ته تون علي بن ابي طالب كافي ناهي جو

كلثوم ۽ امير المؤمنين عمر جي وني آهين؟ راوي چوي ٿو ته ان کان پو

حضرت عمر مون کي مخاطب ٿيندي فرمايو، جيكو كجھه مليو آهي،

بهتر کاڌو ان کي غنيمت سمجھه جيكڎهن هي راضي هجن ها ته يقينا

) جلد پنجون 2716تاريخ طبري صه ! (ڏين ها

مطلب ته هي حجاب جيكو اسان وٽ مروج آهي نه صرف اهو ته

شريعت ان کي ضروري قرار نه ٿي ڏئي بلكه ان حجاب جو منڍؤن كو

بلكه اهڑي حجاب ۾ هيكاندا نقصان آهن، جن تي . فائدو به كونهي

.اسين ايندڙ باب ۾ بحث كنداسين

***

Page 46: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

46

باب نائون

دو ۽ اجتماعي زندگيپر

اسين جيكا پاڻ وٽ مروج پردي ۾ هلكائي چاهيؤن ٿا ۽ پردي

جي مسئلي کي پنهنجي اوريجنل شرعي حدن ۾ کڻي اچڻ جي ڳالهه

كيون ٿا، اهو ان كري هرگز نه ٿا كريون ته كو اسين مغربي قومن

جي تقليد ال آتا ويٺا آهيون، بلكه حقيقت اها آهي ته اسين حقيقي

اسان کي . اخالق ۽ آداب تي مضبوطي سان قائم رهڻ چاهيون ٿا اسالمي

اسين اهو به . اسالمي اخالق ۽ آداب سان انتهائي گھري محبت آهي

سمجھئون ٿا ته اسالمي طور طريقا اسان جي ماڻهن جي رڳن ۾ رت سان گڎ

۽ اهي ئي طور طريقا مسلمانن کي متحد رکڻ جو سنگم . ڊوڙي رهيا آهن

ن جي نظر ۾ اخالق ۽ آداب جي حيثيت محض لباس تائين اسا. بڻيل آهن

ناهي جو اڄ هكڑو لباس پهريوسين ۽ سڀاڻي اهو الهي ڦٹو كيوسين ۽

اسين هي جيكا پردي کي پنهنجي شرعي حدن . وري ٻيو اوڍي ورتوسين

۾ کڻي اچڻ جي ڳالهه كريون ٿا ان ۾ ڀالئي اسان جي پنهنجي قوم جي

. ئي آهي

:اسان جو مقصد

سان جي گذارشات جو مقصد اهو آهي ته آيا اسين دنيا ۾زنده رهڻ ۽ ا

عزت ڀري زندگي گھارڻ جا خواهشمند آهيون يا اسين پنهنجي بابت اهو

طئه كري ڇڎيو آهي ته بس هاڻي اسان کي مري کپي فنا ٿي وڃڻ

ڇا اسين جتي آهيون، بس اتي ئي ڄميا ويٺا رهون ۽ جيكو ! گھرجي؟

حالت اها آهي ته اسان . يو آهي ان تي ڀاڙي ويهي رهونوڏڙن کان ورثي ۾ مل

جي اکين جي سامهون دنيا جون ٻيون قومون ترقي، خوشحالي ۽ آزادي جي

شاهراهن تي ڊوڙي رهيون آهن ۽ اسين آهيون جو انهن ڏانهن وات پٹيون

ڇا اهڑي حالت ۾ اسان تي فرض كونهي ته اسين ان . نهاري رهيا آهيون

سان غور كريون ته آيا ائين ڇو آهي ته هكڑيون ڳالهه تي سنجيدگي

قومون ترقي جا معراج ماڻي رهيون آهن ۽ اسين آهيون جو ڏينهون ڏينهن

اسان کي گھرجي ته . نت نين ذلتن ۽ پستين جو شكار ٿيندا پيا وڃؤن

اسان کي جيكي ڳالهيون . اسين پنهنجن لڇڻن جو تنقيدي جائزي وٺئون

ر رکؤن ۽ جيكي ڳالهيون هاڃيكار لڳن انهن تان مفيد لڳن انهن کي برقرا

اهوئي اڄ جو اهم ترين مسئلو آهي جنهن ڏانهن . مهل سان هٿ پٹيؤن

. اسين پوري قوم جو توجھ ڇكائڻ چاهيون ٿا

:حجاب جو مسئلو

حجاب جو مسئلو اسان جي قومي زندگي جي اهم ترين مسئلن

۾ ان کي تمام گھڻي قومي زندگي جي سڌاري ۽ بگاڙي . منجھان آهي

. اهميت حاصل آهي

فرض كريو هك ڇوكري کي اهي سموريون شيون پڑهايون

جيكي هك ڇوكري کي پڑهائيندا آهيون کيس بهتر اخالق به

سيکاريون ان کان پو هن کي اسين گھر جي چؤديواري ۾ بند كري

ننڍپڻ ۾ پڑهيل‘ا ان کان ڇڎيون ۽ ان کي محدود كري ڇڎيئون ته يقين

كجھه وقت کانپو اسين هن پڑهيل ۽ . سڀ ڳالهيون وسري وينديون

. كنهن اڻ پڑهيل ڇوكري ۾ كجهھ فرق كونه ڏسي سگھنداسين

:زندگي جو علم

ٻار جي سکڻ جي عمر هوندي آهي ڏهن کان پندرهن سالن تائين ان

رو اهو ٻار، پو اهو ڇوك. کانپو سکيل ڳالهين بابت تجربو اڻٹر هوندو آهي

هجي يا ڇوكري جيستائين تجرباتي زندگي مان نه گذرندو تيستائين ان

عمر . جي ال سکيل شيون ۽ پڑهيل علم كنهن به كم جو كونهي

Page 47: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

47

هو مرحلو هوندو آهي جنهن ۾ ڇوكري يا ڇوكري جا جو اهوئي ا

ملكا، رجحان ۽ وجدان ظاهر ٿيڻ شروع ٿيندا آهن ۽ عمر جي ان ئي

و هك ٻيو قسم حاصل كندو آهي جيكو حصي ۾ انسان علم ج

اهو آهي . اسكول ۾ پڑهيل سمورن علمن کان وڌيك بهتر هوندو آهي

اهو علم حاصل ٿيندو آهي ماڻهن ۾ رلي ملي وڃڻ ! زندگي جو علم

ها عمر آهي جنهن ۾ انسان کي پنهنجي قوم، وطن، ملت، دين . ساناهائي ا

عمر جي ان ئي . هي۽ حكومت کي ڄاڻڻ ۽ سمجھڻ جو موقعو ملندو آ

حصي ۾ ماڻهو جو استعداد، ان جو ميالن ۽ صالحيتون ظاهر ٿيڻ

عمر جي ان اسرندڙ مرحلي ۾ هك نوجوان ايئن تيزي سان . لڳنديون آهن

جي دلچسپين ۾ جنبي ويندو آهي جهڑوكر پاڻي پنهنجي لهواري زندگي

۽ جوش جذبي عمر جو اهو مرحلو ولولن، امنگن، اميدن. ڏانهن وهندو هجي

جيكڎهن ان مرحلي ۾ هك ڇوكري کي . سان ٹمٹار هوندو آهي

پردي ۾ ويهاريو وڃي ۽ کيس زندگي کان بنهه كٹي ڇڎجي، جڎهن ته

هينئر تائين هو زندگي سان واڳيل هئي ته ان جو نتيجو اهو نكرندو آهي

ته ان جي ترقي ركجي ويندي آهي، صرف ركبي ئي ناهي بلك الٹو اها

ڇوكري جون صالحيتون ماٺيون . تين ڏانهن ڌوكبي ويندي آهيپس

ان جي محنت جو سمورو سرمايو ضايع ٿي ويندو آهي، . ٿيڻ لڳنديون آهن

ان ۾ قصور . هن جون سڀ آسون ۽ امنگون مٹي ۾ ملي وينديون آهن

بلكه اهو سمورو دقيانوس كلچر جو قدرتي . نياڻي جو ناهي هوندو

ن جي كري اسان جون با صالحيت نياڻيون ترقي نتيجو هوندو آهي جنه

. کان هميشه هميشه ال محروم ٿيو وڃن

:ركاوٽ آهي ۾حجاب، علم

گھر جي چار ديواري ۾ رهي كري كا عورت تعليم مكمل

علم جي رغبت، ماڻهن جا حاالت ۽ . كري سگھي اهو اڻ ٿيڻو آهي

حبت ۽ خود رجحانات معلوم كرڻ جو شوق، حقيقتن کي پروڙڻ جي م

انسان جو مطالعو ۽ درس تدريس جو ميالن، اهي سڀ شيون ۽ حجاب

ڇاكاڻ جو حجاب عورت کي هك سوڙهي . گڎوگڎ هلي نه ٿا سگھن

ان صورت ۾ هو گھر ۾ پهچندڙ سطحي، . دائري ۾ ٻوساٹي ڇڎيندو آهي

بيكار ۽ رذيل قسم جي خبرن چارن کان سوا نه كجھه ٻڌي سگھندي

. سگھندي آهي نه كجھه ڄاڻي سگھندي آهيآهي نه كجھه ڏسي

ان . حجاب، عورت ۽ زندگي جي وچ ۾ هك ركاوٽ بڻجي پوندو آهي

جي ابتڑ جيكڎهن ايئن هجي جو نياڻي ۽ ٻاهرين دنيا جي وهنوار ۾ تعلقات

جو سلسلو لڳاتار قائم رهندو اچي ته جيكي به واقعا ان جي نظر مان

ا انهن مان هو گھڻو كجھه گذرندا ۽ جيكي به تجربا کيس پيش ايند

سکندي ۽ وڏي معلومات حاصل كندي ۽ ماڻهن سان ميل جول انهن کي

ڏسڻ پرکڻ ۽ انهن جو كاروهنوار محسوس كرڻ سان نه رڳو ان جو

علمي استعداد تهائين مضبوط ٿيندو، پڻ هن ننڍپڻ ۾ جيكو كجھه

عا پڻ پرايو هوندو ان کي کيس تجربن جي كسوٹي تي پرکڻ جا ڀرپور موق

. ميسر ٿيندا

:چؤديواري تائين محدود رهڻ جا نقصان

کڻي اسين فرض كري وٺئون ته هك عورت جي ال ممكن آهي

ته هو حجاب ۾ رهندي محض كتابن جي ذريعي پنهنجي علمي ۽ ادبي

كمي پوري كري سگھي ٿي تڎهن به اها پنهنجي جا تي هك اٹل

ات محض كتابن منجھان انسان کي جيكا معلوم: حقيقت آهي ته

حاصل ٿيندي آهي، جيستائين اها تجربي ۽ عمل جي كسوٹي تي نه ٿي

ساڳيو حشر . پرکجي تيستائين اها معلومات محض خيال هوندي آهي

سالن جي ڇوكري سان كبو يعني ان کي 15کان 12جيكڎهن

ان جو به اهوئي بنيادي تعليم ڏئي گھر ۾ محدود رکي ڇڎجي ته يقينا

بلكه . نكرندو جيكو اڄ تائين ڇوكرين جو نتيجو نكتو آهي نتيجو

ساڳي طرح جيكڎهن كنهن چاليهن سالن جي مرد کي گھر جي

چؤديواري تائين محدود رکجي ته اهو به پنهنجي عقلي ۽ علمي قوتن ۾

. آهسته آهسته روڳ محسوس كرڻ لڳندو

Page 48: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

48

:مروج پردو خطرو آهي

پنهنجي پر ۾ خود هك وڏو خطرو سچي ڳالهه اها آهي ته مروج پردو

آهي، ڇاكاڻ جو مروج پردي جي كري ئي پڑهيل ڳڑهيل عورت جو

اها . سمورو علم ضايع ٿي ويندو آهي ۽ هن جي ترقي ركجي ويندي آهي

هك اهڑي ٺوس حقيقت آهي جو ان جي ثبوت پيش كرڻ جي به كا

ان سلسلي ۾ خود اسان جو پاڻ بابت اهو سوچڻ كافي . ضرورت كانهي

هي ته جڎهن اسين پندرهن ورهين جا هياسين ته ان وقت اسان جي ڇا آ

حالت هئي؟ ڇا اها حقيقت ناهي ته ان وقت اسين بلكل ٻاراڻي مزاج ۾

نه ئي وري . هياسين، اسان کي پنهنجي ڀلي بري جي كابه پروڙ نه هئي

اسين پنهنجن حقن ۽ فرضن بابت كا ڄاڻ يا شعور رکندڙ هياسين نه ئي

۾ اسان ۾ كا اهڑي پختگي هئي جو اسين كنهن محنت وري ان عمر

اڳتي هلي جڎهن اسان جي ذهني ۽ اخالقي تكميل ٿي . ۾ مگن ٿي وڃؤن

ته ڇا ان تكميل جو سڀ کان وڏو كارڻ اهو نه هيو جو، اسين پنهنجو

تعليمي سلسو لڳاتار جاري رکيوسين ۽ پنهنجي تربيت پاڻ كندا رهياسين

نه ڏنوسين ۽ اسان جي هي سموري ترقي ۽ اهو سلسلو كڎهن به ركجڻ

۽ تربيت اسان کي محض كتابن جي مطالعي سان نه بلكه ذاتي

مشاهدن، ماڻهن سان ميل جول ۽ ماڻهن سان اٿڻ ويهڻ جي تجربن، واقعن ۽

. مشاهدن جي ذريعي حاصل ٿي

: تربيت جي حقيقت

به كانهي جو ان جي ال اصل ۾ انسان جي تربيت كا اهڑي شي

عمر جو كو حصو مقرر هجي ۽ عمر جي ان حصي گذرڻ کانپو تربيت

جو اهو سلسلو بيهي وڃي يا ان جي هك حد مقرر هجي جتي پهچي

۽ نه ئي وري تربيت، كو علم ۽ فن جي . تربيت جو زمانو ختم ٿي وڃي

هك مخصوص مقدار ماڻڻ سان حاصل ٿيندي آهي، جنهن کانپو سموري

. زندگي ماٺ كري ويهي رهجي

حقيقت ۾ تربيت كا ايڎي عام ۽ سادي شي به كونهي جو

مخصوص مدرسن ۽ ادارن ۾ پڑهي، ڊگري حاصل كري، سركاري يا

خانگي نوكر بڻجي باقي سڄي زندگي ان نوكري ۾ گھاري، ڳاري

. ڇڎجي

سڌار خاطر هك مسلسل جدوجهد جو نالو -تربيت اصل ۾ سنوار

حاظ کان اها هك تاحيات جاري كمال درجي تائين پهچڻ ال هر ل. آهي

تربيت جو آغاز ڄمڻ کان شروع ٿيندو آهي ۽ مرڻ تي . رهندڙ حقيقت آهي

.ان جو دنگ ٿيندو آهي

جڎهن كنهن انسان جو عقل مهذب ۽ ان جو شعور گهرو ٿي ويندو

آهي ته ان وقت ئي کيس معلوم ٿي ويندو آهي ته دنيا جي سڀ کان

: ن جي دل ڇكبي رهي ٿي اها آهيوڌيك لذت ڀري شي، جنهن ڏانهن ا

اها محبت ئي آهي جيكا هك انسان کي ٻئي سان مالئيندي ! محبت

اها محبت محض شهواني ڇك ۽ هوس جي وقتي جوش سان پيدا . آهي

ناهي ٿيندي بلكه اها نتيجو هوندي آهي ٻنهي جي بهتر انتخاب ۽ خوش

تنهنكري اهو شخص پوري جدوجهد كندو آهي ته ان . ذوقي جو

جڎهن زال ۽ مڑس ٻنهي جو . محبت کي تهائين مضبوط ۽ پائيدار بڻائي

عقل مهذب ۽ سندن شعور گھرو ٿي ويندو آهي ته اهي صرف جسماني

ميالپ تائين محدود نه رهندا آهن بلكه انهن جي وڌ ۾ وڌ كوشش اها

هوندي آهي ته ٻنهي جي وچ ۾ ذهني هم آهنگي ۽ روحاني وحدت پيدا ٿي

. پوي

:آزادي بابت اسان جو فرضعورت جي

اسين جنهن دؤر مان گذري رهيا آهيون، هي دؤر غالمين کان نفرت

. هي دؤر قومن جي آزادي جي خو سيکاريندڙ دؤر آهي. سيکاريندڙ دؤر آهي

آزادي ڏانهن ٻرانگھون ڀريندڙ هن دؤر ۾ كيئن ٿو ممكن ٿي سگھي ته

رکؤن، اسان جو اولين فرض اسين ايڎي وڏي نعمت کان عورتن کي محروم

خود . اهو آهي ته اسين عورت جي آزادي ال پاڻ پتوڙڻ شروع كريون

Page 49: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

49

جو ارشاد به اسان کي عورت جي آزادي ڏانهن اتساهي ملسو هيلع هللا ىلصاقدس -حضور

وات: رهيو آهيي◌ عض ◌ ا� في ال ◌ ق

هنن ٻن “. م◌ ن المراءة واليتي◌ ف

اسان جي ال . ”کان ڊڄوكمزورن يعني عورت ۽ يتيم جي باري ۾ ا�

۽ پرهيزگاري جي حوالي سان ان کان وڌيك ٻيو كهڑو دڳ ٿي تقوي

سگھي ٿو جو اسين عورت جي آزادي ال پاڻ پتوڙڻ جو آغاز كريون؟

اسان کي گھرجي ته اسين عورت جي اهڑي بهتر تعليم ۽ تربيت جو

بندوبست كريون جنهن جي نتيجي ۾ هو عفت، عصمت ۽

ي جو هك شعوري اهڃاڻ ثابت ٿي هك مضبوط كردار پاكدامن

اسان تي . بڻجي سوسائٹي کي سنوارڻ ۾ پنهنجو كردار ادا كري ڏيکاري

فرض آهي ته اسين عورت سان نهايت شفقت، ٻاجھه، پيار ۽ محبت وارو

عورت جي معاملي ۾ پنهنجن ذهنن مان ڏاڍ، قهر ۽ جبر . سلوڪ اپنايون

اهو ئي اسان جو قومي، ديني، اخالقي ۽ . جون غالظتون ٻهاري ڇڎيئون

. شرعي فرض آهي

***

باب ڏهون

عورت ۽ اجتماعي زندگي

اسالم جي تاريخ جي ابتدائي دؤر ۾ مسلمان عورتن جو هك وڏو

اسان . انگ اهڑو ملي ٿو جن جو عام ڀالئي جي كمن ۾ وڏو حصو هيو

و هك وڏو ذخيرو اسان منجھان كير نه ٿو ڄاڻي ته سچين حديثن ج

ملسو هيلع هللا ىلص۽ پاڻ سڳورن رضه حضرت اما ام سلمه رضه تائين حضرت اما عائشه

جي گھر وارين جي ذريعي پڻ پهتو رضهجي ٻين حرمن ۽ صحابه كرام

ان دؤر ۾ کوڙ اهڑيون مسلمان عورتون پڻ هيون جن علم ۽ فن، ادب . آهي

. ۽ شعر ۾ وڏو نان پيدا كيو

:اڳواڻي ۽ خطاب جي سياسي رضهامان عائشه

جي رضه مسلمانن کي اهو واقعو به ياد هوندو ته حضرت عثمان غني

شهادت کانپو خالفت جي مسئلي ۾ جڎهن مسلمانن ۾ اختالف ٿيو ته

رضه امڑ سانئڻ عائشه. هك ٹولي جي اڳواڻ هئي رضه اما عائشه سانئڻ

. سياسي همدرديون حاصل كرڻ ال ان وقت امت کي خطاب فرمايو هيو

سانئڻ امڑ جڎهن . ان خطاب جو خالصو هتي ڏيڻ ضروري سمجھجي ٿو

: مكي کان بصري پهتي ته ان وقت هن تقرير كندي فرمايو

مختلف عالئقن جا اوباش ۽ بدو قبيلن منجھان ڦورو قسم جا ماڻهو “

جي شهر تي كاهي آيا، هنن اتي اهڑيون اهڑيون حركتون ملسو هيلع هللا ىلصرسول ا�

ا� ۽ ان جي رسول جي انهن تي لعنت . نكيون جيكي بيان کان ٻاهر آه

هنن ماڻهن جيكو سڀ کان وڏو ظلم كيو، اهو آهي بنا كنهن . هجي

جيكو ! معقول سبب جي حضرت عثمان سائين کي قتل كري ڇڎڻ

خون وهائڻ انهن ال حرام هيو، هنن اهو وهائي ڇڎيو، جيكو مال لٹڻ

Page 50: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

50

شهر يعني مدينة هنن حرمت واري . کين حرام هيو، اهو هنن لٹي ورتو

نه ئي هنن حرمت واري مهيني جو خيال . الرسول جي بي حرمتي كئي

هنن اوباشن ۽ لٹيرن عزت وارن جي عزت کي چيهاڙيو، ا� جون . رکيو

حدون اورانگھيائون، اهڑن ماڻهن جي گھرن ۾ زبردستي رهيا جيكي

ي انهن وٽ رهي هنن انهن ک. ا پسند نه پيا كنماڻهو هنن جو رهڻ قطع

نقصان پهچايو کين تكليفون ڏنائون ۽ اهڑن كلورن كرڻ ۾ هنن کي

ويچارا گھر وارا نه هنن کي روكي ٿي سگھيا ۽ . خدا نه ٿيو -كوبه خوف

مان اهو سڀ كجھه ڏسي ٻاهر . نه وري هنن جي ظلمن کان امن ۾ هيا

نكتي آهيان ته جيئن مسلمانن کي ٻڌايان ته هنن اوباشن مديني ۾

كيا آهن ۽ اتان جا رهواسي كهڑين مصيبتن ۾ كهڑا كهڑا ظلم

: ۽ هاڻي مسلمانن کي ان جو بلو كرڻ ال ڇا كرڻ گھرجي. مبتال آهن

ي خ

◌ ر في◌ ال

◌ ا من◌ ال ◌ مواه ◌ ج◌ ن ◌ ر من◌ ثيک

ر م ا

ق ◌ ةبصد

◌ ف◌ ور ◌ عم ◌ وا

◌ صا ◌ وا

◌ يب ◌ حال

ن

.اس ◌ الن

ئي ڀالئي انهن جي گھڻين ڳالهين ۽ سرٻاٹن ۾ كا“

كانهي سوا انهن ماڻهن جي، جيكي صدقي ۽ خيرات تي

اتساهين ٿا يا چڱن كمن كرڻ جي تلقين كندا آهن يا

)114 :النساء(” ماڻهن ۾ سڌارو آڻين ٿا

اهو ڏسي اسان جو فرض ٿو بڻجي ته اسان منجھان هر شخص خواه اهو

ملسو هيلع هللا ىلصول ننڍو هجي يا وڏو هجي، مرد هجي يا عورت هجي ا� ۽ ان جي رس

جي حكم جي مطابق موجوده حاالت جي اصالح ال اٿي پوي، اها

حقيقت آهي جنهن جي خاطر آئون گھران نكتي آهيان، مان توهان کي

جو تاكيد كريان ٿي ۽ برائي ڏانهن پكاريان ٿي ۽ نيكي نيكي

... ”کان روكيان ٿي ۽ برائي کي ميٹڻ تي زور ڀريان ٿي

:ن جو كرداريصحابعورت ميدان جنگ ۾

۾ رسول ا� ) لڑاين(مان ستن غزون “: حضرت ام عطيه فرمائي ٿي ته

منهنجو كم اهو هوندو هيو ته جڎهن . سان گڎجي شريك ٿيس ملسو هيلع هللا ىلص

مرد ويڑهاند ال نكرندا هيا ته مان انهن جي سامان جي سنڀال كندي

انهن ال کاڌو تيار كندي هيس، زخمين جي ملم پٹي ۽ مريضن . هيس

. ”گھور لهندي هيسجي پر

اسالم جي هنن ٻن عظيم عورتن جي كردار مان اندازو كري

سگھجي ٿو ته عورت به مرد وانگر آزادي ۽ اڳواڻي جا فرائض سر انجام ڏئي

. سگھي ٿي

***

Page 51: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

51

باب يارهون

عورت ۽ نكاح

فقهه ۾ نكاح جو مقصد

: ن كئي آهيفقهه جي كتابن ۾ فقيهن نكاح جي تعريف هينئ

نكاح اهو معاهدو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هك مرد هك عورت جي “

!!”شرمگاهه جو مالك ٿي پوندو آهي

:قرآن ۾ نكاح جو مقصد

فقيهن جي ڀيٹ ۾ قرآن پاڪ ۾ جيكو نكاح جو مقصد بيان

: ٿيل آهي اهو ڏسو ته كيڎو نه شايان شان آهي

ن ◌ هات آي ◌ نوم ◌ ا

خ

ق ل

ل

◌ ن◌ م ◌ مک

◌ نا

س ف

زو ◌ مک

◌ اجاا

◌ س◌ تل ک ◌ ون

ع ج ا و ه ◌ يا ال

◌ يب ل

ن

◌ ةم ◌ حر و ◌ ة◌ دو ◌ م ◌ مک

اهو ا� پاڪ جي نشانين منجھان آهي جو هن توهان “

ته جيئن توهين . منجھان توهان جون ونيون پيدا فرمايون

سندن آغوش ۾ سكون ماڻيو ۽ هن توهان ۽ توهان جي

پاٻوهه پيدا فرمايو ونين ۾ هك ٻئي ال محبت ۽

)21:الروم.(”آهي

آهي كا دنيا جي قوم جنهن نكاح جو ايڎي نرالي ۽ مٿاهين ! ٻڌايو

! جيكو قرآن پاڪ بيان كيو آهي؟. انداز ۾ مقصد بيان كيو هجي

خود فقيهن جو نكاح بابت خيال، قرآن جي هن عمدي خيال جي آڏو

ي به ۽ اسان وٽ هي جيك! ائين آهي جيئن هيري جي آڏو كوڏي

نكاح بابت فقهي باب لکيا ويا آهن، اهي سڀ جو سڀ فقيهن جي ان

گھٹيا تصور جي بنياد تي لکيا ويا آهن، جنهن جو نتيجو آهي ته سماج جو

هي اهم ترين مسئلو مردن جي ال لطف اندوزي جو ۽ عورت ال نسوري

! عذاب جو باعث بڻيل آهي

:فقيهن وٽ نكاح جو سطحي معيار

جو هي نازڪ تعلق جنهن جو بنياد ا� پاڪ محبت ۽ زال مڑس

جي بدولت، مرد ال هوس ” وسيع علم“پاٻوهه تي رکيو هيو، فقيهن جي

فقيهن جي ئي ان !! پرستي ۽ شهواني لذتن جي پورائي جو ذريعو وڃي بيٺو

مهرباني جو نتيجو آهي جو ازدواجي زندگي جي سمورن لوازمات کان بي

سين رشتي کي فقط جنسيات تائين محدود . ڃيپرواهي كئي پئي وان ح

. كيو پيو وڃي

:شادي کان اڳ جوڙي جو هك ٻئي کي ڏسڻ ضروري آهي

زال مڑس جي وچ ۾ محبت پيدا ٿيڻ جي ال ضروري آهي ته هن کان

اڳ جو هو نكاح جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجن، ٻنهي ال نهايت ضروري آهي ته هو

ه ٻنهي ۾ فطري ميالن آهي يا نه، يعني هك ٻئي بابت ايترو ضرور ڄاڻن ت

هك ٻئي سان هو نڀائي سگھندا يا نه؟ پر جڎهن فقيهن سڳورن نكاح جا

شرعي ۽ فطري حق نظر انداز كري ان کي محض جنسيات تائين محدود

كري وقت جي جاگيردار جي غليظ ۽ ڌكاريل سوچ کي هٿي ڏني،

ڇوكري وڳ ۾ وٺجي ويو جو ڇوكري رتڎهن کان سڄو سماج اهڑي

جي رضامندي کانسوا ٻنهي جون زبردستي شاديون ٿيڻ لڳيون ۽ اهو تاثر

... بهتر آهي Arrange Marriageکان Love marriage !عام ٿيڻ لڳو ته بابا

!! وڏڙن جي طئه كيل رشتي کي ٺكرائڻ كا چڱي ڳالهه آهي؟

جو ارشاد پيش كري آيا آهيون ملسو هيلع هللا ىلصحاالنكه اسين مٿي رسول ا�

پنهنجي “: ۾ پاڻ هك انصاري صحابي کي تاكيد فرمايائون ته جنهن

ٿيندڙ وني کي ڏسي وٺ، ان سان توهان جي محبت جو رشتو تهائين

پر جهالت جي كري اسان جي حالت اها آهي جو اسين ” مضبوط ٿيندو

Page 52: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

52

ان ڳالهه تي وڌيك ڳت ڏئي بيهندا آهيون، جيكا فائدي جي ڀيٹ ۾

.هاڃيكار وڌيك هوندي آهي

ڇوكري کي به پنهنجي مرضي سان جيون ساٿي ڳولڻ جو حق

:حاصل آهي

جنهن ماڻهو کي عقل هوندو، بشرطيكه اهو عقل سليم هجي،

اسان جي ان ڳالهه سان سئو سيكڑو سهمت ٿيندو ته جيئن مرد کي

پنهنجي جيون ساٿي جي تالش جو حق آهي، ان کي تكڻ تورڻ، پرکڻ

حاصل آهي، ساڳيا حق بلكل برابري جي ڳالهائڻ ۽ ميل جول جو حق

يعني عورت کي به شرعي ۽ . بنياد تي هك عورت کي به هئڻ گھرجن

اخالقي لحاظ کان پورو پورو حق حاصل آهي ته هو به پنهنجي مزاج، سوچ،

نظريي ۽ زندگي جي مقصدن جي بنياد تي پنهنجي جيون ساٿي جي تالش

ركاوٽ بڻجي ” غيرتي پٹ“ان حق ۾ جيكڎهن كو . كري سگھي ٿي

جو كنهن نفسياتي اسپتال ۾ ” غيرت“ٿو ته ان کي گھرجي ته پنهنجي

وڃي كنهن نفسيات جي ماهر کان عالج كرائي، يا وري غيرت جو نزلو

عورت تي كيرائڻ بجا، پاڻ کي وڃي، كنهن گندي نالي ۾ ٹپو ڏيڻ

ٻئي ۽ گندي نالي جي غالظت” غيرت“ڇاكاڻ ته ان جي اهڑي . گھرجيس

بلكل هك جهڑي حيثيت رکن ٿيون ۽ كيڎو نه بهتر ٿيندو جو گند،

۽ گند، گند . گند سان ملي نالي مان وهي وڃي گند جي ڍير تي پناهه وٺندو

!!جي ڍير تي ئي سونهندو آهي

نكاح جي معاملي ۾ اسان وٽ اهو به هك عجيب دستور بڻيل

آهي، يا آهي ته جنهن ڇوكري جي جنهن ڇوكري سان منڱڻي ٿيندي

اها هن جي نان ٿي ويندي آهي ته ٻنهي جو پاڻ ۾ ڳالهائڻ ۽ هك ٻئي کي

هاڻي کڻي هي دؤر كميونيكيشن جو . ڏسڻ معيوب ليکيو ويندو آهي

آهي، جنهن ۾ لك ڇپ ۾ ڇوكرو ڇوكري پاڻ ۾ هك ٻئي سان

ان جي باوجود بهرحال پاڻ وٽ اڃا سوڌو به كيترن ئي . اندر اوري وٺن ٿا

اهو رواج هلندو پيو اچي ته نالي ٿيل ڇوكري جو پنهنجي گھراڻن ۾

مصيبت مٿان مصيبت . ٿيندڙ گھوٽ سان ڳالهائڻ، ڏسڻ وائسڻ بنهه بند

اها ته جن کي زندگي ڀر گڎجي رهڻو هوندو آهي، انهن ٻنهي کان پڇڻ به

گوارا نه كيو ويندو آهي ته آيا هو ٻئي هك ٻئي کي پسند به كن ٿا يا

ته ٿيا الهڑ، ڇوكريون اسان جون ويچاريون هيسايل، سو ڇوكرا ! نه؟

پنهنجي اندر جي ڳالهه به كنهن سان اوري سگھڻ جي جرئت نه كري

شادي جي معاملي ۾ مٹن مائٹن، سنگتين ساٿين کان ته . سگھنديون آهن

را پڇي ويندي آهي باقي نه پڇيو ويندو ته صرف ڇوكري کان ۽

! ڇوكري کان؟

لي ۾ عورت کي به مرد وانگر حق حاصل آهي ته نكاح جي معام

هو پنهنجي ٿيندڙ گھوٽ بابت کلي دل سان تحقيق كري سگھي ٿي ته

آيا جنهن شخص سان هو النئون لهندي، اهو هن جي امنگن ۽ حسرتن جو

جي تائيد ۾ اچو ته اسين قرآن، ڀرم به ثابت ٿي سگھندو يا نه؟ هن دعوي

عورتن جي حقن جي سلسلي . جا ورق اٿاليونحديث ۽ صحابه جي زندگين

. بالمعروف ◌ هن◌ ولهن مثل الذي علي: ۾ قرآن پاڪ ۾ فرمايل آهي

دستور مطابق جهڑي طرح عورتن تي ذميداريون آهن اهڑي طرح “: يعني

. ”انهن جا حق به آهن

مان “: هن آيت جي روشني ۾ فرمائيندو هيو رضه حضرت ابن عباس

آئون به پنهنجي وني ال ايئن پاڻ سجايان سينگاريان، جيئن چاهيان ٿو ته

منهنجي خواهش هوندي آهي ته منهنجي وني منهنجي ال هار سينگار

: قرآن پاڪ ۾ ٻيو حكم آهي ته. كري

ف ◌ ور ◌ عم ◌ الب ◌ هن ◌ وعاشرو

” توهين پنهنجين ونين سان بهتر طريقي سان زندگي گھاريو“

)19: النساء(

طرح عورتن جي حقن تي زور ڏيندي قرآن فرمائي ٿو اهڑي :

خذ من◌ وا

م◌ ن

لي ◌ يثاقا◌ م ◌ ک

◌ ظا◌ غ

۽ عورتن توهان کان پنهنجي متعلق پكا واعدا به وٺي “

”ڇڎيا آهن

Page 53: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

53

:جون پارتون ر رضهعورت بابت حضو

: فرمايو آهي ملسو هيلع هللا ىلصان ڏس ۾ حضور رحمة للعالمين

المومنين ايمانا◌ کا

ح ◌ مل

م◌ ا

ه

ل ◌ سن

م◌ و ◌ قا◌ خ

ه ◌ الطف

ه له◌ با

مؤمنن منجھان كامل ايمان وارو اهو آهي جنهن جا “

اخالق سهڻا هجن ۽ جنهن جا رويا پنهنجن گھروارن سان

ٻاجھه ڀريا هجن،

عورت جي پاسداري كندي، غالم سماج ۾ سندن حيثيت کي

: اجاگر كندي پاڻ كريمن فرمايو

ب ي◌ ح

م◌ ب ال

نيا ک

◌ من د

، النسا والط ث

يب ◌ الث

تر ◌ وجعل

ه عيني في الصلواة◌ ق

توهان جي دنيا جون مون کي ٹي شيون نهايت پياريون “

عورتون، خوشبوء ۽ نماز جنهن ۾ منهنجين اکين جو ٺار : آهن

”.آهي

جهان جي انسانن جي آزادي جي مهدار ۽ علمدار -مطلب ته جڳ

ن پيڑيل ۽ مظلوم صنف جن جي دل ۾ انسانيت جي ه ملسو هيلع هللا ىلصحضور اقدس

پاڻ پنهنجين ونين جي ايتري عزت . يعني عورت ال وڏو مقام هيو

فرمائيندا هيا، سندن ايترو خيال رکندا هيا جو جڎهن سندن ونيون ڏاچي

تي سوار ٿينديون هيون ته پاڻ زمين تي پنهنجا گوڏا مبارڪ کوڙي ويهندا

آساني سان ڏاچي تي هيا ته جيئن سندن ونيون سندن پٺاڙن تي قدم رکي

. پنهنجين ونين سان کل ڀوڳ به فرمائيندا هيا ملسو هيلع هللا ىلصپاڻ . سوار ٿي سگھن

هك . پاڻ كڎهن كڎهن سانئڻ عائشه سان ڊڪ به پڄائيندا هيا

ڏينهن سانئڻ، کانئن اڳ كڍي وئي ۽ ٻئي ڏينهن جڎهن پاڻ، سانئڻ کان

د اڄ كلهه وارو پالن‘: اڳ كڍي ويا ته مركندي سانئڻ کي فرمايائون

كيڎي محبت فرمائيندا هيا ملسو هيلع هللا ىلصاقدس-اندازو كريو، حضور’ ٿي ويو

! كيڎي نرمي روا رکندا هيا پنهنجين ونين سان؟. پنهنجي ونين سان

- مطلب ته اسالم، اهو اسالم جيكو خالص اسالم آهي، جيكو حضور

جي حقيقي سيرت سڳوري مان ظاهر آهي، سو عورتن جي حقن ملسو هيلع هللا ىلصاقدس

ي، اسالم كيڎيون نه پارتون كيون آهن، عورتن جو كيڎو نه پاسدار آه

باقي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي ڇانورن ۾ ! جي حقن جي ادائيگين بابت

رهي انهن جي ٹكرن تي پلجندڙ هڎ حرام كن مفت خورن جيكڎهن

نالي ماتر اسالمي قانون وضع كري، عورت جي حقن سان کؤنس كئي

الم تي ته آڱر اڀي نه ٿي آهي ته انهن داللن ۽ جي كلورن جي كري اس

ياد رکو، اسالم ۾ فقهه ضرور آهي، پر مروج مكمل . كري سگھجي

! ضروري ناهي فقهه ۾ اوريجنل اسالم هجي، اهو قطعا

:عورت جو اعتماد

جنهن سماج ۾ عورت، تعليم ۽ تربيت ماڻي پنهنجن حقن کان واقف

پوندو آهي ٿي ويندي آهي ۽ کيس پنهنجي قدر ۽ قيمت جو به احساس ٿي

ته ان صورت ۾ زال مڑس جو رشتو ٻنهي جي سعادتن جو واقعي حقيقي

جڎهن عورت جي اندر اهڑو استعداد ۽ صالحيت . ذريعو ثابت ٿيندو آهي

پيدا ٿي پوي تڎهن ئي شادي جو بنياد هك مرد ۽ عورت جي پاڻ ۾

ان صورت ۾ ئي . هك ٻئي ال پيدا ٿيل كشش تحت رکي سگھجي ٿو

ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ کان پو ٻئي هك ٻئي مان جسماني، دلي ۽ شادي جي

. عقلي محبت جو لطف ماڻي سگھن ٿا

اهڑين صالحيتن پيدا ٿيڻ کانپو ئي كا عورت ان قابل ٿي سگھي ٿي

۽ مردن . ته ور جي چونڈ جي معاملي ۾ پنهنجي عقل جي مشوري تي هلي

واقعي به دلي منجھان پنهنجي ال اهڑو ور چونڈي سگھي جنهن سان هو

محبت كندي هجي ۽ ان ڏانهن کيس حقيقي رغبت هجي تنهن کانپو

پڻ ان معاملي ۾ گھرڀاتين کي به . هو ان سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي

پنهنجي ال بهتر عورت جي عقل تي يقين كرڻ گھرجي ته هو يقينا

ئٹ انتخاب كندي، خود عورت به ان الكي کان آجي هجي ته سندس ما

Page 54: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

54

سندس انتخاب تي خفا نه ٿيندا ۽ نه ئي وري لوڪ مٿس آڱريون اڀيون

جيستائين عورت ۾ ايڎو اعتماد پيدا نه ٿيندو تيستائين مرد ان . كندو

جو قدر نه كندا ۽ نه وري کيس حقيقي محبت جي گھراين جو احساس

. ٿي سگھندو

:ڀاڳاري عورت

ي ڏسو توهين پنهنجي ئي سماج ۾ هك اهڑي جوڙي جي زندگ

جيكي هك ٻئي سان ان حد تائين پريت كندا هجن، توهان کي ايئن

اهڑن پيار . لڳندو جهڑوكر هو هن دنيا ۾ ئي بهشت ماڻي چكا آهن

كندڙن کي ان ڳالهه جي كابه پرواهه ناهي هوندي ته سندن کيسو خالي

انهن ! آهي يا ڀريل، يا سندن دسترخوان تي دال بصر آهن يا ست رشي طعام

دل جي خوشي ئي وڏو خزانو هوندي آهي، جيكا هر پل کين تازو ۽ جي ال

توانو رکندي ايندي آهي، کين مكمل طرح اطمينان ميسر كندي

رهندي آهي، منجھن زندگي مان لذتون ماڻڻ جو شعور پيدا كندي آهي،

سندن زندگي کي تهائين دلكش بڻائيندي آهي، سندن مشكالت کي

ي ٻنهي کي زندگي ان مقام تي پهچائي آسان كري ڇڎيندي آهي، يعن

: فرمايو هيورضه ڇڎيندي آهي جنهن بابت حضرت عمر فاروق

يعطي العبد بعدااليمان خ

ة ◌ ن◌ ا م ◌ ر◌ ما ا

امراة صالح

هن دنيا ۾ ايمان کانپو، انسان جي ال سڀ کان وڏي نعمت “

”اها آهي ته کيس سعادتمند ۽ ڀاڳاري عورت ملي پوي

***

اب ٻارهونب

زالن جو انگ

:هك کان وڌيك شادين جي تاريخ

. هك کان وڌيك زالن رکڻ جو رواج پراڻي زماني کان هلندو پيو اچي

جن پنهنجي نبوت جو اعالن فرمايو، تڎهن اهڑو رواج ملسو هيلع هللا ىلصجڎهن حضور

خود عرب به هك کان وڌيك . دنيا جي كنڈ كڑڇ ۾ ڦهليل هيو

رجي ته هك کان وڌيك زالون رکڻ اهو ذهن ۾ رکڻ گھ. زالون رکندا هيا

جو رواج عام طور تي ان معاشري ۾ هجي ٿو جتي عورت جي حيثيت

كريل هوندي آهي ۽ جتي عورت کي هك اهڑي جنس سمجھيو ويندو

آهي جيكا نه انسانن ۾ شمار ٿيندي آهي نه حيوانن ۾، گھڻين زالن رکڻ

جا تاريخ. جو رواج كنهن قوم ۾ عورت جي حيثيت آهر هوندو آهي

يعني جنهن قوم ۾ عورت جي حيثيت پست . تجربا به اهوئي ٻڌائين ٿا

جنهن . ان قوم ۾ گھڻين زالن رکڻ جو رواج عام هوندو آهي. هوندي آهي

قوم ۾ عورت کي حيثيت ملندي ويندي آهي ان قوم ۾ گھڻين زالن رکڻ

جنهن معاشري ۾ وري عورت جي حيثيت . جو رواج به گھٹبو ويندو آهي

انتهائن کي ڇهي وٺندي آهي اتي كن مخصوص حالتن کانسوا ترقي جي

. هك کان وڌيك زالن رکڻ کي معيوب سمجھيو ويندو آهي

Page 55: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

55

:مرد جو شعور

جيكو مرد عقلي ترقي جي مرتبي کي ڇهي وٺندو آهي ۽ هو اهو

سمجھي وٺندو آهي ته خاندان ۾ سندس زال ۽ سندس اوالد جو ڇا مرتبو ۽

به پروڙي وٺندو آهي ته عورت جي حقن منجھان اهو به مقام آهي ۽ هو اهو

کيس حق حاصل آهي ته شريعت ۽ فطرت جيكو مرتبو کيس عطا كيو

آهي، هن کي ان تي فائز هئڻ گھرجي ته ان صورت ۾ اهو فقط هك گھر

. واري تي ئي اكتفاء كندو آهي

:غيرت جو جذبو عورت ۾ به آهي

وڏي تحقير آهي توهان هك کان وڌيك زالون رکڻ ۾ عورت جي

کي كابه اهڑي عورت نظر نه ايندي جيكا ان ڳالهه تي راضي ٿئي ته

بلكل ايئن جيئن كو مرد . سندس ور ساڻس گڎ كا ٻي عورت به رکي

- اهو گوارا نه كندو آهي ته سندس وني سان كو ٻيو مرد شريك

غيرت جو اهو جذبو جهڑي طرح هك مرد جي دل ۾ . محبت هجي

. بلكل ساڳيو جذبو هك عورت جي دل ۾ به هوندو آهي هوندو آهي

:پهاڄ هك مصيبت آهي

بهرحال هر اها عورت، جنهن جي دل ۾ پنهنجي پاڻ ال كجھه

احترام هوندو آهي، جڎهن اها ڏسندي آهي ته سندس مڑس، کانئس عالوه

كنهن ٻي عورت سان به رشتو جوڙي ورتو آهي ته ان کي سخت اذيت

و ان كري ٿيندو آهي جو يا ته عورت کي پنهنجي ور اه. پهچندي آهي

سان اٿاهه محبت هوندي آهي جنهن كري پهاڄ جي تصور سان سندس

دل ۾ غيرت جي باهه ڀڑكي پوندي آهي يا کڻي هن کي پنهنجي ور سان

ايتري محبت نه به هوندي آهي پر كن مجبورين جي كري هو هن سان

تحال ۾ عورت جي من ۾ اميد ان صور. گڎجي رهڻ تي راضي هوندي آهي

جي اها چڻنگ روشن رهندي ايندي آهي ته نيٺ ته هو پاڻ ۾ سرچاء

كري وٺندا، پر پهاڄ جي آمد سان اها چڻنگ به ماٺي ٿي خاڪ بڻجي

!. پوندي آهي

:پهاڄ كنهن به صورت ۾ مناسب ناهي

جيكڎهن كو ماڻهو چوي ته فالڻي کي ٻه يا ٻن کان وڌيك زالون

جا ٻه ته ان دعوي. وجود سڀ پنهنجي حال تي مطمئن آهنآهن ان جي با

هك اهو ته يا ته اهو همراهه كوڙ ٿو ڳالهائي يا . جواب ڏئي سگھجن ٿا

وري ٿي سگھي ٿو ته كٿي هيكڑ ٻيكڑ ايئن کڻي هجي به، جڎهن سوال

اكثريت جو هجي ته ان صورت ۾ انهن هيكڑ ٻيكڑ واقعن جي كائي

واقعو اهو آهي ته انهن خاندانن ۾ ڇاكاڻ جو اصل . اهميت كانهي

ر کڻندا هك ته پهاڄن ۾ ۽ ٻئي طرف خاندانن ۾ روزانو نت نوان فتنا ك

ڇا اهو ان ڳالهه جو چٹو ثبوت ناهي ته هك کان وڌيك زالون . رهندا آهن

اڃا به جيكڎهن كو ماڻهو دعوي. جھيڑن ۽ نفرتن جو باعث آهي‘رکڻ

ي راضي هونديون آهن ته ڀلي كري ته اسان جون عورتون ان ڳالهه ت

سندن مڑس هك کان وڌيك زالون رکن ان صورت ۾ مان سمجھان ٿو

كندڙ ماڻهو کي اهو اندازو ئي كونهي ته سندن گھرن ته اهڑي دعوي

! ۾ عورتن تي ڇا پيو گذري؟

بي شك كٿي هيكڑ ٻيكڑ : ٻيو جواب هينئن ڏئي سگھجي ٿو ته

گھر ۾ پهاڄ اچڻ کي برو نه ائين ٿيندو به آهي ته هك عورت واقعي

سمجھندي آهي ۽ نه ئي هو ان تي كو احتجاج كندي آهي، پر ان جو

سبب اهو هوندو آهي ته اهڑي عورت پنهنجو پاڻ کي پنهنجي مڑس جي

ملكيت سمجھندي آهي، هو اهو سمجھندي آهي ته هو مڑس جي

ي كنهن به معاملي ۾ دخل ڏيڻ جو كوبه حق نه ٿي رکي يعني ويچار

جنهن کي . اهڑي عورت جي ذهنيت هك زرخريد غالم وانگر ٿيندي آهي

. كڇڻ پڇڻ جي كا مجال ئي ناهي هوندي

Page 56: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

56

:هك زال جي هوندي ٻي زال نسورو عذاب آهي

مان سمجھان ٿو ته كوبه مهذب ماڻهو جيكو پنهنجي زال جي

شرعي، اخالقي ۽ سماجي فرضن کان سونهون هوندو اهو كڎهن به ٻي زال

ڇاكاڻ جو، هك ته هو اها حقيقت ڄاڻندو . جو هرگز نه سوچيندو پرڻجڻ

آهي ته كنهن به ور جي وني جي اها فطرت هوندي آهي ته هو پنهنجي

ور جي دل کي پنهنجي ساهه ۾ سانڍي رکي ۽ ان تي كنهن ٻي عورت جي

تنهنكري جڎهن كابه عورت ڏسندي آهي ته . اک پوڻ به نه ڏئي

۽ هو اهو ڄاڻندي آهي ته ان عورت ۾ . آهي سندس مڑس جي ٻي زال به

به مرد جي دل پنهنجي ساهه ۾ سمائڻ جي ساڳي ئي فطري ڇك موجود

آهي، ممكن آهي ته هو سندس دل تي كنٹرول كرڻ ال پنهنجا

مطلب ته جڎهن عورت جي دل ۾ اهڑا خيال اڀرندا ... منفي حربا هالئي

، رکي رکي سندس دل ۾ انومان بي چين ٿي ويندي آهي آهن ته هو يقينا

جاڳي پوندا آهن، اهڑو کٹكو سندس ننڈون حرام كري ڇڎيندو آهي،

ظاهر آهي ته هك . ان جي زندگي هك مستقل عذاب بڻجي پوندي آهي

نازڪ، لطيف ۽ حساس دل واري ور کان پنهنجي وني جي اهڑي حالت

ور ال ڳجھي نه ٿي رهي سگھي، تنهنكري اهڑي باوفا، ذميوار ۽ سڄاڻ

نهايت مشكل هوندو آهي ته هو ٻي شادي كري پاڻ کي اهڑي آڙاهه ۾

ٻيو، هك مهذب ور هك زال !! اڇالئي ۽ پو به هن جي دل مطمئن هجي

جي هوندي ٻي شادي ان كري نه كندو جو اسان جي فقيهن جيكا

جيكڎهن ماڻهو جون هك کان وڌيك “: ڏئي ڇڎي آهي ته هي فتوي

س جي ال ضروري ناهي هوندو ته هو مڑني سان هك زالون هجن ته مڑ

وٽ اها شي ممكن ” فقيهن“ڇاكاڻ جو اهڑن (جهڑي محبت كري،

باقي خرچ پکي ۽ رهڻي كرڻي جي حوالي سان هو زالن ۾ انصاف ) ئي ناهي

اسان جي عورتن ” ارشاد“هاڻي ٿيو ايئن ته فقيهن جي هن ” !كري سگھي ٿو

عورتن کي يقين ٿي ويو ته جڎهن سندن .کي تهائين پريشان كري ڇڎيو

مڑس ٻي شادي كندا ته کين انهن منجھان محبت جي كابه اميد نه رکڻ

هك عورت آهي، جنهن جو ور ان جي هوندي ٻي شادي كري . گھرجي

ٿو ته ظاهر آهي ته سندس پهرين زال کي ان عمل مان سخت اذيت

رات ڏينهن ان غم ۾ ٻڎل رهندي ته هو پهچندي، هو ته هميشه جي ال

جيكڎهن ان جو ور مهذب ۽ حساس . ور جي محبت کان محروم ٿي وئي

آهي ته ان کي اهو الكو لڳاتار ستائيندو رهندو ته هو پنهنجي وفادار وني

ال نسورو عذاب گھر ۾ وٺي آيو آهي، اهڑي ولوڙ کانئس دل جو چين به

. ڦري وٺندي

:ثرمنفي اتي هك کان وڌيك زالن جو اوالد

انهن كلورن کانسوا، هك کان وڌيك گھر واريون كرڻ جو اهو

به نتيجو ٿيندو آهي ته، هك مرد کي مختلف گھروارين مان جيكو اوالد

ٿيندو آهي، اهو شروع کان ئي نا اتفاقين ۽ جھيڑن جھٹن ۾ پرورش پائيندو

. آهي، اوالد ويچاري کي محبت ۽ پيار ڀريو ماحول ئي نه ملي سگھندو آهي

بلكه ويچاري اوالد کي گھر ۾ ڏينهن رات جنهن ماحول سان پالو پوندو

. آهي ان سان هن جي اندر ۾ موجود فطري پيار به ماٺو ٿي پوندو آهي

هو . منجھن بجا محبت جي بغض ۽ حسد جي اوسر ٿيڻ لڳندي آهي

نڈا پٹ ڏسي ڏسي، اندر ئي اندر ۾ پنهنجي گھر ۾، پنهنجين مائرن جي ڄ

بلكه گھڻي قدر گھر جا اهڑا اختالف سندن ذهنن ۾ . ا آهنگھائجڻ لڳند

منفي رجحانن جو زهر اوتي ڇڎيندا آهن، عمر سان گڎوگڎ اهو زهر به وڌندو

يعني سندن . ويندو آهي ۽ هك ڏينهن اهو پنهنجو اثر ڏيکاري وجھندو آهي

اندر ۾ گھريلو نا اتفاقين سبب جيكو الئو پچندو رهندو آهي اهو نيٺ

. و آهي ۽ وڏو نقصان كري وجھندو آهيڦاٹي پوند

Page 57: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

57

:اتفاق جي بركت

هك پاسي اها حالت آهي، ان جي مقابلي ۾ توهين هك اهڑي

خاندان جو مثال وٺو جنهن ۾ ڀاتين جو پاڻ ۾ اتفاق ۽ اتحاد آهي جنهن ۾

ٻار ٻچا والدين جي پيار ۽ شفقت جي ڇانوري ۾ پلجندا آهن، انهن ۾

ه آهي ته ان جو بنيادي كارڻ به اصل ۾ پيار جيكڎهن نا اتفاقي ٿيندي ب

انهن جون پاڻ ۾ هك ٻئي سان رقابتون به محض . ۽ محبت ئي هوندو آهي

انهن ۾ هر . چڱن كمن ۾ هك ٻئي کان اڳرائي كرڻ ال هونديون آهن

اهي سڀ محبت جي مضبوط رشتي جي . هك، ٻئي جو خيال رکندو آهي

ايئن لڳندو آهي ڄڻ اهي . هنسڳي ۾ موتين جي داڻن جيان پويل هوندا آ

منجھانئن كنهن هك کي خوشي ملندي آهي ته . هك جسم هجن

سڀ خوش ٿيندا آهن، كنهن هك کي اگر كو اهنج پهچندو آهي ته

. سڀ پريشان ٿي ويندا آهن

اهڑي گھراڻي جا ڀاتي هك ٻئي سان پيار ۽ انس جي كري ا� تعالي

. ان ماال مال هوندا آهنجي سڀ کان وڏي نعمت يعني اتفاق ۽ اتحاد س

:وفا جي تقاضا

هي سڀ حقيقتون ڄاڻڻ کانپو كير آهي، جنهن کي ان ڳالهه ۾ ا

ال ذرو به شك كرڻ جي گنجائش باقي رهندي ته هك سڄاڻ ماڻهو

۽ اها به . سڀ کان بهتر كم اهو آهي ته هو صرف هك شادي كري

ماڻهو تڎهن ئي ادا هك اٹل حقيقت آهي ته زال ۽ اوالد جا شرعي حق به

اوالد جي بهتر . كري سگھي ٿو جڎهن ان جي هك شادي هجي ٿي

. تربيت به محض هك شادي جي ئي صورت ۾ كري سگھجي ٿي

جيكڎهن كو مرد هك شادي جي هوندي هروڀرو به اجايا سجايا دليل

ڏئي ٻي شادي كرڻ جي راهه هموار كري ٿو ته ان جو مطلب اهو آهي

فرض . واني جبلت جي آڏو جانورن وانگر بي وس آهيته هو پنهنجي شه

كريو جيكڎهن هك ور جي وني اهڑي بيماري ۾ مبتال هجي ٿي،

جنهن جي نتيجي ۾ ازدواجي تعلق قائم رهي نه ٿو سگھي ته ان صورت ۾

جيكڎهن مرد شادي كري ٿو ته بي شك كوئي حرج نه هئڻ

وني سان وفا جو پيچ گھرجي، پر اتي به مردانگي ان ۾ آهي ته هو پنهنجي

ڀال جيكڎهن هك مرد كنهن اهڑي عذر . پائي ۽ پاڻ تي ضبط رکي

تحت معذور ٿي پوي جو هو پنهنجي وني جو ازدواجي حق ادا نه كري

سگھي ته پو ان جي وني ته اهو مطالبو ناهي كندي ته کيس طالق ملي،

اتو بلكه هو ته سڀ كجھه برداشت كري پنهنجي ور سان وفا جو ن

پو مرد ڇو ٿو بي وس ٿي پوي عورت جي ڀيٹ . توڙ تائين نڀائيندي آهي

ها باقي جيكڎهن وني سان مسئلو الڳو آهي سنڍ هجڻ جو، يعني ! ۾؟

هن ۾ اوالد پيدا كرڻ جي صالحيت ناهي ته پو پنهنجو نسل برقرار رکڻ

ال جهڑي طرح مرد ٻي شادي كري سگھي ٿو ساڳي طرح جيكڎهن

مسئلو مرد سان الڳو آهي ته هو به پنهنجي گھرواري کي طالق ڏئي اهڑو

پر جيكڎهن اهڑا زال مڑس . سندس رستا کولي رکڻ جو مكلف آهي

اوالد جي خواهش کان بي نياز ٿي پاڻ ۾ وفا جو پيچ پائي هك ٻئي سان

نينهن نڀائيندا رهن ٿا ته اهو وري ٿيو انهن جي باهمي محبت جو جذبو،

. ئي بلكل آزاد آهنجنهن ۾ هو ٻ

:ٻي شادي نه كرڻ بابت قرآني هدايتون ۽ تنبيهون

هك کان وڌيك زالن رکڻ بابت قرآن پاڪ ۾ جيكي آيتون آهن

انهن تي غور كبو ته معلوم ٿيندو ته هك طرف ان عمل جي اجازت

آهي ته اها به ايترن سخت شرطن سان مشروط آهي جو انهن تي عمل

. ا محال آهيي بهرحال گھڻي قدر قطعكري سگھڻ سؤ فيصد نه سه

بلكه ٻين لفظن ۾ قرآن پاڪ ۾ جهڑوكر اڻ سڌي طرح هك کان

: وڌيك شادي کان منع كيل آهي

Page 58: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

58

م◌ خف ◌ نإو ق◌ الأ ◌ ت

ان◌ في ال ◌ سطوا◌ ت

امى ف

واكيت

ما ◌ ح

الن◌ م مكطاب ل ◌ ساء مث◌ ن

ف

ورباع

ث

ال

ى وث

م◌ خف ◌ نإن

◌ ت

ع◌ الأوا◌ ت

ة ◌ دل

واحد

◌ وأ ◌ ف

◌ يأ ◌ تكما مل

ل ◌ مكمان

ى ◌ دأ كذ

ن

وا◌ الأعول

◌ ت

جي (۽ جيكڎھن ڊڄو ته يتيم ڇوكرين : ترجمو

زالن مان ) ٻـين(۾ عدل نه كندؤ ته ) نكاح كرڻ

جيكي اوھان کي وڻن سي ٻه ٻه ۽ ٹي ٹي ۽ چار چار پرڻيو،

ان کان انصاف ٿي نه سگھندو پو جيكڎھن ڊڄو ٿا ته اوھ

سا (يا اوھان جا ھٿ جنھن جا مالك ٿيا ) پرڻيو(ته ھك

اھو ھن کي ويجھو آھي ته ڏاڍائي نه ) ٻانھي رکو

)03: النساء(’.كريو

هنن آيتن مان صاف واضح آهي ته هك کان وڌيك زالن سان

انصاف نه كري سگھڻ جي خوف تتئون هك مرد کي هك ئي زال تي

روري قرار ڏنو ويو آهي، ڏسو ته كيئن نه قرآن پاڪ اكتفاء كرڻ ض

: ۾ انسان جي فطرت کي سامهون رکي واضح كيو ويو آهي ته

جيكڎهن توهين هك کان وڌيك زالن ۾ انصاف كرڻ جي ‘

هاڻي . ’كوشش كندؤ به ته اها توهان جي وس جي ڳالهه ئي ناهي

كري سگھي ته هو هك کان كير ٿو سچي اعتماد سان اها دعوي

مان سمجھان ٿو ته موجوده ! يك زالن ۾ انصاف قائم رکي سگھندو؟وڌ

حاالت ۾ جيكڎهن هنن ٻن آيتن جي روشني ۾ اجتهاد كري هك

کان وڌيك شادين کي حاالت پٹاندڙ ممنوع قرار ڏئي ڇڎجي ته اها

قرآن جي هن حكم . ممانعت قياس کان مٿانهين نه ٿي چئي سگھجي

کان وڌيك زالون رکڻ نهايت اڻائو مان ته واضح اشارو ملي ٿو ته هك

جي سنت ۽ صحابه ملسو هيلع هللا ىلصقدم آهي بهرحال اها به حقيقت آهي ته رسول ا�

هنن . كرام جو عمل هك کان وڌيك زالون رکڻ جي جواز ۾ آهي

قرآن : ٻنهي مسئلن کي پاڻ ۾ ڀيٹائڻ کان پو نتيجو اهو سامهون ايندو ته

يك زالون رکڻ جائز پاڪ جي هنن ٻن آيتن جي روشني ۾ هك کان وڌ

ا� پاڪ ان معاملي کي ماڻهن جي مرضي ته آهي، پر هن صراحت کانپو

تي ڇڎيو آهي ته جيكڎهن كنهن کي پنهنجو پاڻ تي ايترو ڀروسو آهي

ته هو هك کان وڌيك زالون رکي ساڻن انصاف كري سگھندو ته ان جي

جي وچ ۾ اچي ال ائين كرڻ جائز آهي ۽ اهو معاملو ان ماڻهو ۽ ا�

پر جيكڎهن كنهن ماڻهو کي پاڻ تي هك کان وڌيك زالن . ويندو

رکڻ کانپو پاڻ تي انصاف كرڻ بابت ڀروسو ناهي ته پو ان ال هك کان

قرآن پاڪ جيكو اهو ٻڌايو آهي . وڌيك شاديون كرڻ ممنوع آهي

ته هك کان وڌيك زالن رکڻ جي صورت ۾ ساڻن انصاف كرڻ اوکو

جو مطلب اهو ٿو بيهي ته قرآن پاڪ هك کان وڌيك زالن آهي ته ان

. رکڻ کان ڊيڄاريو آهي

مطلب ته قرآن پاڪ ۾ جيكا هك کان وڌيك زالن رکڻ جي

اجازت جي گنجائش نكري ٿي ته ان اجازت مان كو مرد تڎهن ئي فائدو

وٺي سگھي ٿو جڎهن کيس يقين هجي ته هو، سڀني گھر وارين سان پورو

. سگھندو پورو انصاف كري

:روحاني لذت هك شادي ۾ ئي ممكن آهي

پر اڄ اسين ڏسون ٿا ته هك کان وڌيك زالن رکڻ سان خاندانن جا

خاندان تباهه پيا ٿين، شرعي اصولن جي كابه پرواهه نه ٿي كئي وڃي

اهڑين حالتن ۾ هك مسلمان حاكم تي فرض آهي ته هو عام

کي ممنوع قرار ڏئي مصلحت جي خيال سان هك کان وڌيك زالن رکڻ

ڇڎي ۽ سوا كنهن بنهه اڻ ٹر ضرورت جي هك زال جي هوندي ٻي

. شادي كرڻ جي اجازت نه ڏئي

هك زال مان، كوشهواني جبلت جي آڏو بي وس مرد، ممكن

آهي ته ڍاپي نه سگھي پر حقيقت اها آهي ته هك باوقار، سڄاڻ ۽ باشعور

۽ پيار ڀري آغوش کي ئي مرد شهوت پرستي جي بجا عورت جي پاٻوهه

شادي جو حقيقي سرمايو سمجھندو آهي، جنهن ۾ هن جي ال فطري طرح

. سكون، سرور ۽ معنوي خوشگوارين جا اڻ ڳڻيا سنسار موجود هوندا آهن

Page 59: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

59

اهڑو سڄاڻ مرد پنهنجي زندگي ۾ آيل عورت کي پنهنجي زندگي جو نه

رون به هوندو آهي رڳو سهارو سمجھندو آهي جيكو هن جي دردن جو دا

جيكو هن جي زخمن تي ٿڌو پهو هوندو آهي ته هن . ته سورن جو مداوا به

ڏوکي ۽ غمخوار -جيكو هن جو همدرد، هڎ. جي اكيالئي جو رفيق به

تنهنكري نهايت ضروري آهي ! به هوندو آهي ته ڏکن سکن جو ڀرجھلو به

ٻنڌڻن ۾ ته مرد ۽ عورت، جيكي هك ٻئي جي زندگي ۾ اچي ازدواجي

ٻئي . ٻڌجن، اهي ٻئي هك ٻئي ال ظاهري ۽ باطني خوبين جو ڀنڈار هجن

ٻنهي . هك ٻئي ال لذت بخش ۽ فرحت بخش احساسن جا سرچشما هجن

۾ ايڎيون اٿاهه خوبيون هجن، جيكي ٻنهي کي هك ٻئي ڏانهن

ڇكينديون رهن ۽ ٻنهي جي مزاجن ۽ ذهنن ۾ هك ٻئي ال موهه پيدا

ي جي ذهانت تي ايتري نظر رکندا هجن جو نگاهن ۽ ٻئي هك ٻئ. كن

ٻئي هك . اشارن جي ٻولين ۾ ئي هك ٻئي جا مقصد پڑهي ۽ پرجھي وٺن

ٻنهي . ٻئي ال فضيلتن جي سونهن ۽ جمال جو هك انمول سرمايو هجن

. مان كنهن کي به بي وفائي يا غداري يا خيانت جو كوبه الكو نه هجي

ڑو سگھارو نسل ملي سگھندو جنهن جي اهڑي جوڙي مان ئي سماج کي اه

پالنا محبت جي بنياد تي هئڻ كري، اهو نسل جڳ کي جنت جهڑو بڻائي

اندازو كريو، جيكي ماڻهو هوس پرستين . سگھڻ ۾ پاڻ موکي ڏيکاريندو

جي گپ ۾ گپيل آهن، كٿي انهن جي وحشي جبلت ۽ كٿي شادي

!! جون هي معنوي، روحاني ۽ پاڪ لذتون؟

***

باب تيرهون

طالق ۽ عورت

پنهنجي هك ” والٹيئر“: فرانس جي جڳ مشهور مزاح نگار مصنف

حقيقت اها آهي ته “: خاص ظريفاڻي انداز ۾ كنهن هنڌ لکيو آهي ته

. هك ئي وقت هن دنيا ۾ وجود پذير ٿيا آهننكاح ۽ طالق، ٻئي تقريبا

ن شايد ڳچ هفتا البته منهنجو خيال آهي ته نكاح جي عمر طالق کا

وڌيك هوندي ۽ اها هينئن ته مرد هك عورت سان شادي كئي، شادي

کي اڃا ٻه هفتا مس گذريا ته زال مڑس ۾ جھيڑو ٿي پيو ۽ ٹئين هفتي ۾

مڑس، زال جي مرمت كئي، ۽ پو منهن مٿو پٹيندي ٻنهي ڄڻن ٻه هفتا

ق ڏئي ٻيا به گذاري ورتا نيٺ ڇهين هفتي مڑس تنگ ٿي کڻي زال کي طال

. ”ڇڎي

هن جملي مان دراصل مصنف جو مقصد اهو ٻڌائڻ آهي ته طالق

دنيا ۾ اوتري ئي قديم آهي جيترو نكاح ۽ اهو به ته طالق لڳ ڀڳ

۽ واقعي اها هك اهڑي حقيقت آهي . نكاح جي لوازمات منجھان ئي آهي

دنيا جي قديم . جنهن ۾ كنهن کي كو شك شبهو ٿي نه ٿو سگھي

ان به ان ڳالهه جي گواهي ملي ٿي ته يهودين، ايرانين ۽ قومن جي تاريخ م

عيسائين به هك دؤر کانپو . رومين وٽ طالق قانوني طور تي جائز هئي

طالق کي ممنوع قرار ڏنو آهي ۽ ان ممانعت جو اثر يورپ جي کوڙ قومن

عيسائين وٽ شادي جو بنياد ان اصول . جي قانونن ۾ اڃا سوڌو ڏسجي ٿو

شادي، زال مڑس جي وچ ۾ هك اهڑو معاهدو آهي : تهتي رکيل آهي

جيكو زال يا مڑس ٻنهي مان كنهن هك جي موت تي ئي ٹٹي سگھي

پو ٿيو ايئن ته شادي جي ان معاهدي جي احترام ۾ هي ماڻهو حد کان . ٿو

مڑس -وڌي ويا ۽ ان معاملي ۾ هنن ايترو غلو كيو جو شادي وقت زال

هن وٽ زندگي جي راحت ۽ آرام کان به جي قول ۽ قرار جي اهميت ان

. وڌيك ليکي وئي

Page 60: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

60

:طالق جي حقيقت

ان ۾ شك ناهي ته سٺين ۽ مهذب قومن ۾ شادي جي باري ۾ فردن

جي واقعي اها آرزو هئڻ گھرجي ته نكاح، مرد ۽ عورت جي وچ ۾ اهڑو

معاهدو هجي، جيكو ٻنهي مان كنهن هك جي ئي موت سان ٹٹي

هن ڳالهه جو به خيال رکڻ ضروري آهي ته مرد يا سگھي، پر ان ڏس ۾

عورت کي اهڑي ساٿي سان زندگي گھارڻ تي مجبور نه كيو وڃي جنهن

انهي جي كري ئي . سان گڎجي زندگي گھارڻ انساني وس کان ٻاهر هجي

هك دؤر گذرڻ کانپو يورپ جي قومن اهو محسوس كري ورتو ته طالق

احكام آهن، اهي ماڻهن کان بابت عيسائيت جي كليسا جا جيكي

انتها درجي جا مطالبا كن ٿا ۽ ان معاملي ۾ كليسا ماڻهن جي ضرورتن

اهو به هك سبب هيو جنهن يورپين . ۽ حاجتن جو كوئي خيال نه رکيو

جي دلين ۾ كليسا مان جند ڇڎائڻ جي حركت پيدا كئي ۽ عوام

۽ عوام جي . يوپنهنجي زندگي جي سڌارن جا قانون پاڻ ٺاهڻ ڏانهن مائل ٿ

ان رجحان ايترو زور ورتو جو خود كليسا کي عوام جي آڏو گوڏا کوڙڻ تي

. مجبور ٿيڻو پيو

:طالق عرش ڌوڏي ڇڎيندڙ عمل آهي

طالق بابت سڀ کان پهرين شي، جنهن تي اسان کي ڌيان ڌرڻ

گھرجي، سا اها آهي ته اسان جي شريعت طالق جي معاملي ۾ هك

و آهي، نهايت ضروري آهي ته طالق جي مسئلن بنيادي اصول مقرر كي

اهو اصول . تي ان اصول پٹاندڙ نئين سر اجتهاد كري انسانيت کي بچائجي

طالق پنهنجي پر ۾ كا چڱي شي كونهي، البته ضرورت : هي آهي ته

پٹاندڙ ان جي اجازت ڏني وئي آهي، ان اصول جي ثبوت ۾ قرآن، حديث ۽

: ن ٿافقهه منجھان كجھه حواال پيش كج

: قرآن مجيد ۾ فرمايل آهي ته

وا◌ ها ال◌ يأيا يحل ◌ ذين آمن

◌ ال

واأ ◌ مك ل

رث

ساء ◌ الن ◌ ن ت

ع◌ ه◌ رك ت

وهن◌ ا وال

ل

ذ◌ ض

ي◌ ببع ◌ هبوا◌ لت

موهن◌ ض ما آت

◌ ت

ةأ ن ي أ ◌ الإاحش

ة◌ بي◌ م ◌ تين بف

ف رو◌ مع◌ بال◌ وعاشروهن ◌ ن

موهن◌ رهكن إفعسى ◌ ت

أ ف

ي ◌ رهواك ن ت

◌ ا ويج◌ ئ◌ ش

عل

ي◌ الل ا◌ ثيركا ◌ ر◌ ه فيه خ

بي ) سندن(اوھان کي زالن جو ! اي ايمان وارؤ: ترجمو

مرضي وارث ٿيڻ روا نه آھي، ۽ نكي سندن پڌري گناہ

كرڻ کان سوا کين ھن ال جھليو ته جيكي کين ڏنو

مان كجھه ورائي وٺو، ۽ ساڻن ھلي چلي وانگر ھجيو تنھن

ھي اوھان کي نه وڻن ته ڌيرج (گذاريو، پو جيكڎھن ا

جا شي اوھان کي نه وڻندي ھجي تنھن ۾ ) كريو ڇوته

)19: النساء(.ممكن آھي ته ا� گھڻي چڱائي كري

م◌ خف ◌ نإو بي ◌ ت

اق

اب◌ شق

وا◌ نهما ف

ا ◌ مكح ◌ عث

ا ◌ هأ ◌ ن◌ ا م◌ مكح له و ◌ هأ ◌ ن◌ ما إله

ح◌ صإن يريد

ا ◌ ال

ما ◌ ه بي◌ ق الل◌ يوفه عليمكه ◌ الل◌ نإن

بير◌ ان

ا◌ ا خ

۽ جيكڎھن سندن وچ ۾ ڦيٹي کان ڊڄو ته : ترجمو

) به(ھن جي گھراڻي مان ھك امين ۽ ھن جي گھراڻي مان

صلح ) امين(ر كريو، جيكڎھن ٻئي ھك امين مقر

ئڻ گھرندا ته ا� سندن وچ ۾ ميالپ كندو، ڇوته ا� كرا

)35:النساء.(ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آھي

تأر ◌ ن امإو اف

وز◌ من بع ◌ ة خ

ش

ا ن

◌ راض◌ عإ ◌ وأا ◌ له

ال

ا ف

اي◌ جن

ا بي◌ ن يصأهما ◌ ح عل

ما صل◌ لح

هح ◌ ل◌ ا والص◌ ح◌ ن

يس الشأضرت ال◌ حأر و ◌ خ

حإ و ◌ ح◌ نف

وا◌ ن ت

ت ◌ سن

وا◌ وت

◌ ق

عكه ◌ الل◌ نإف بما ت

بير◌ ان

خ

ون

ا◌ مل

۽ جيكڎھن كا زال پنھنجي مڑس جي بي : ترجمو

پرواھي يا منھن موڙڻ کان ڊڄي ته ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ صلح

Page 61: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

61

ته ٻنھين تي گناھ نه آھي، ) كنھن به قسم جو صلح(كن

کي ويجھو كيا ويا آھن، ۽ بخل ) ته(۽ صلح ڀلو آھي، ۽ نفس

جيكڎھن اوھين چڱائي كندؤ ۽ پرھيزگار ٿيندؤ ته

: النساء(.جيكي كندا آھيو تنھنجي ا� خبر رکندڙ آھي

128(

: فرمايو ملسو هيلع هللا ىلصحضور . هاڻي اچو حديث تي

ب ال◌ ا

ل عن◌ غض

ال

ا� الط◌ ح

◌ د

ق

ال

‘ حالل شين منجھان سڀ کان وڌيك قابل نفرت شي

’.الق آهيا� پاڪ وٽ ط

: سندن ٻيو فرمان آهي ته

طل ت

و◌ ال

يحب◌ بة ان◌ ي◌ ر ◌ ا من◌ نسا ال◌ ال◌ ق

◌ ا� ال

و الذ◌ اقي◌ و◌ ذالات◌ و◌ ن

اق

بنا كنهن مشكوڪ ڳالهه جي پنهنجين گھروارين ‘

بي شك ا� انهن عورتن ۽ مردن کي . کي طالق نه ڏيو

نوان نوان مرد، ناپسند كندو آهي جيكي عورتون،

’ جيكي مرد، نيون نيون عورتون چکندا وتندا آهن

:کان به هك روايت منقول آهي ته حضرت علي

وزطل ◌ جو◌ ت

ت

و◌ ا وال

ان◌ ق

يه◌ ط◌ ال◌ ا ف

ق

ر◌ ال

ه ◌ من ◌ ت

◌ عر◌ ال

ش

شادي كريو ۽ طالق نه ڏيو، بي شك طالق هك ‘

’آهياهڑي شي آهي جنهن سان عرش لڎي پوندو

:طالق في نفسه حرام عمل آهي

طالق اصل “: ۾ لکيل آهي ته’ ابن عابدين‘فقهه جي مشهور كتاب

ته حرام آهي، پر اڻٹر رضه ۾ ته محرمات ۾ داخل آهي، يعني في نفسه

طالق جيكڎهن بنا كنهن سبب . ”ضرورت پٹاندڙ جائز ٿي پوندي آهي

وٹكارو ماڻڻ نه جي واقع ٿيندي آهي ۽ ان مان مقصود، تكليف مان ڇ

هوندو آهي ته اهڑي طالق نسوري حماقت، بنهه ناداني، كفران نعمت ۽

! زال کي ۽ سندس خاندان کي ۽ ان جي اوالد کي محض ايذائڻ آهي ۽ بس

: فرمائي ٿو تنهنكري ا� تعالي

◌ طعأ ◌ نإفب ◌ مكن

تال

وا◌ ف

ي ◌ غ

ه ◌ الل◌ نإ ◌ سبيال◌ هن◌ عل

عليك ا◌ بيرك ا◌◌ ان

توهان جون زالون توهان جي اطاعت كن ته : يعني

)2ج 572ابن عابدين، ) (34: النساء” .انهن کان الڳ نه ٿيو

:طالق بابت فقيهن جون ناانصافيون

جنهن به شخص فقهه جي كتابن جو مطالعو كيو آهي، اهو بي

فاق شك ان ۾ اها ڳالهه ته ضرور ڏسي ٿو ته سمورن فقهي امامن، پوري ات

پنهنجي سامهون ’ حرام آهي طالق اصال‘: سان هن بنيادي اصول کي ته

رکيو آهي ۽ ان ڏس ۾ جيستائين ممكن هيو، انهن طالق جي دائري کي

پر ان سان گڎوگڎ اسان کي اهو . سوڙهو كرڻ جي كوشش كئي آهي

فقيهن طالق جي هن بنيادي اصول منجھان، پو جيكي : به مڃڻو پوندو ته

ورتا آهن، انهن کي هك كرائي سان هن بنيادي اصول جزوي احكام

. تي ٺهكائڻ ڏانهن توجه نه كيو آهي

فقهه جي وڏن امامن جا پوئلڳ جڎهن ٻيا فقيهه سامايا، انهن طالق

جو دائرو تهائين وسيع كري ڇڎيو ۽ ٻين فقهي احكام کي حالتن ۽

Page 62: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

62

ا واقعن سان ٺهكائڻ جي معاملي ۾ هو كنهن به هك طريقئه كار ج

پابند نه رهيا، جنهن جو نتيجو اهو نكتو ته طالق جي مسئلي بابت انهن

۽ خاص طور تي فقيهن ۾ هيٺين ٹن . جا پاڻ ۾ تمام گھڻا اختالف ٿي پيا

مسئلن ۾ جيكي ٻين مسئلن جي ڀيٹ ۾ اڄ اسان جي ال سڀ کان

. وڌيك توجه جي الئق آهن، سخت اختالف ڏسجن ٿا

ڀلي دل ۾ طالق “فقيهن وٽ : هو آهي تهانهن منجھان پهريون مسئلو ا

’ طالق‘ڏيڻ جي نيت نه به هجي، پر جيكڎهن كنهن زبان سان لفظ

نهايت افسوس سان چوڻو پوي . ”چئي ڇڎيو، ته بس طالق واقع ٿي چكي

ٿو ته هن اهم ترين مسئلي ۾ كجھه فقيهن ۽ خاص كري حنفي فقيهن

جنهن تي اسالم جي هن عام اصول جي نسوري مخالفت كئي آهي،

اكثر شرعي احكام جو بنياد رکيو ويو آهي بلكه قرآن حكيم ۽

: اهو اصول هي آهي ته. سنت ۾ كثرت سان ان تي زور ڏنو ويو آهي

جيكو شخص مجبور هجي يا اهو غافل ۽ آواره هجي اهو غير مكلف ‘

هن . ’هوندو آهي، يعني اهو پنهنجي لڇڻن جو ذميوار قرار نه ڏنو ويندو

ي باوجود اسان جي فقيهن ڇا كيو جو طالق جي سونهري اصول ج

معاملي کي اسالم جي هن عام اصول جي دائري مان كڍي ڇڎيائون ۽

چٿرباز، ٻيو ته ٺهيو نشي ۾ ڌت ماڻهو ’ آواره‘مڑهي ڇڎيائون ته مجبور فتوي

به جيكڎهن پنهنجي زال کي طالق ڏئي ڇڎي ته اها واقع ٿي ويندي، مزي

کيس ايترو به ‘: جي تعريف كندي لکن ٿا ته جي ڳالهه اها ته هو نشئي

! ؟’هوش نه هجي ته آسمان كٿي آهي ۽ زمين كٿي آهي

:لفظ طالق سان مسخريون

ڏيڻ وقت طالق ظاهر آهي ته اسان جي فقيهن طالق بابت اهڑي فتوي

جي سوال کي بلكل نظر انداز كري ڇڎيو، جيكا ” نيت“ڏيندڙ جي

جي حيثيت رکي ٿي، جيئن پاڻ اسالم ۾ هر حوالي سان هك بنياد

ع◌ ما ال◌ ان‘: جو فرمان به آهي ته ملسو هيلع هللا ىلصسڳورن بال◌ ا

عملن ‘ات ين ◌ مال

اهڑي طرح اهڑن فقيهن طالق بابت شارع ’ .جو دارومدار نيتن تي هوندو آهي

به ’ طالق في نفسه حرام آهي‘: عليه السالم جي ان مقصد کي به ته

فرمان کي به كائي اهميت جي هن ملسو هيلع هللا ىلصٺكرائي ڇڎيو هنن پاڻ سڳورن

حالل شين منجھان طالق، ا� وٽ سڀ کان وڌيك ڏمر جو ‘: نه ڏني ته

’ .باعث آهي

فقيهن، طالق بابت جيكي حالتون بيان كيون آهن، جيكي

۽ پو پڑهندڙن تي آهي ته . كارڻ ٻڌايا آهن، اهي پڑهندڙن جي آڏو رکجن ٿا

۾ لکيل ” الزيلعي“ :فقهه جي مشهور كتاب. هو جيكا را قائم كن

جيكڎهن كو ماڻهو کل ڀوڳ كندو هجي يا هو غلطي ۾ : آهي ته

ته ” طالق“ڇاكاڻ جو لفظ . طالق ڏئي ڇڎي ته طالق واقع ٿي پوندي

پڻ، جيكو شخص طالق ڏيڻ تي ! بهرحال ان جي زبان مان نكري ويو نه

مجبور كيو وڃي ان جي به طالق واقع ٿي ويندي ڇاكاڻ جو هن جي

ٻه برايون رکيون ويون ۽ هن پنهنجي مرضي سان جنهن برائي کي سامهون

آسان سمجھيو اها چونڈيائين ۽ موالي يعني نشي ۾ ڌت ماڻهو پاران ڏنل

طالق هن كري صحيح آهي ته هن هك گناهه كيو جنهن جي نتيجي

تنهنكري هن گناهه جي سزا ۾ سندس . ۾ کانئس هي حركت ٿي پئي

) 2ج 195الزيلعي ص (نافذ كئي ويندي ڏنل طالق الزمي طور

خدا جو شكر آهي جو فقهه جي كن مذهبن ۾ اهڑي طالق جي

صحيح هجڻ جي مخالفت كئي وئي آهي ۽ ان ڏس ۾ انهن مذهبن ۾ اهڑا

احكام ملن ٿا جيكي شريعت جي اصولن ۽ عام عوامي مصلحتن جي

مطابق آهن تنهنكري عوام کي بهرحال اها واٽ كنهن نه كنهن وٿ

. سان مليل آهي ته مٿي بيان كيل طريقي پٹاندڙ ڏنل طالق واقع نه ٿيندي

:طالق بابت قرآني حقيقت

طالق هك “: طالق بابت قرآن پاڪ ۾ سڌو سنئون فرمايل آهي ته

وقت ۾ هميشه هك ئي واقع ٿيندي آهي ته اها به واپس كري سگھجي

Page 63: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

63

جيئن قرآن . چئبو آهي’ طالق رجعي‘ٿي، اهڑي طالق کي اصطالح ۾

: پاڪ ۾ فرمايل آهي

ا طلإ ◌ بي◌ ها الن◌ يأيا م الن◌ ق◌ ذ

طل◌ ت

وهن◌ ساء ف

◌ ق

وات◌ عد◌ صوا ال◌ حأ و ◌ تهن◌ لعدوا الل◌ ة

◌ مك ◌ ه رب◌ ق

ال

خ يخ◌ من بيوتهن◌ رجوهن◌ ت

◌ رج◌ وال

ةأ ن ي أا ◌ لإن

احش

◌ تين بف

ة◌ بي◌ م الل◌كوتل ◌ ن

ود

د

عد◌ ح

الل◌ ه ومن يت

ود

د

د◌ ح

ق ◌ ه ف

فم ن

ل

د◌ ظ

ت

عل◌ سه ال

بع◌ ه يح◌ الل◌ ري ل

ل ◌ دث

ذ

كد

ا◌ ر◌ مأ

غإفا بل

◌ ذ

نأن

ه ◌ جل

◌ وهنكس ◌ مأ ف

وهن ◌ وأ ◌ روف◌ بمعارق

و ◌ شأو ◌ روف◌ بمع◌ ف

وا ذ

◌ يهد

◌ مكن◌ م ◌ ل◌ عد

مت کي چؤ ته اوھين(اي پيغمبر : ترجمو) پنھنجي ا

جڎھن زالن کي طالق ڏيڻ جو ارادو كريو تڎھن کين عدت

ت ڳڻيو، ۽ پنھنجي پالڻھار ا� ۾ طالق ڏيو ۽ عد) جي شروع(

پڌري ) ت ۾ت جي مدعد(کان ڊڄو، کين سندن گھرن مان

ھي ) جڳائي ته(و ۽ بي حيائي جي كرڻ کانسوا نه كڍا

حدون آھن، ۽ ) ر كيلمقر(نه نكرن، اھي ا� جون ) پاڻ به(

لنگھندو تنھن بيشك ) لتاڙي(جيكو ا� جون حدون

ن پنھنجي جي تي ظلم كيو، كوبه نه ڄاڻندو آھي ته ا

پو .ا� كو ٻيو رستو پيدا كري) متان(کانپو ) طالق ڏيڻ(

ت کي پھچن تڎھن چڱي دپنھنجي م ) طالق واريون(جڎھن

طرح سان کين رکو يا چڱي طرح سان کين ڇڎي ڏيو ۽ پاڻ

مان ٻه معتبر شاھد كريو ۽ ا� لڳ شاھدي پوري ڏيو،

)1-2: الطالق(

: ٻئي هنڌ ارشاد آهي ته

نه

ق برد ◌ وبعو لت

ح ◌ ان◌ هن◌ ا

راد

ح◌ اص ◌ وا

ا◌ ال

ه هو انهن انهن جا مڑس انهن کي رکڻ چاهين ت‘: يعني

. کي واپس موٹائڻ جا وڌيك حقدار آهن) پنهنجين زالن(

’ بشرطيكه ان ميالپ مان ٻنهي جو مقصد اصالح هجي

)228: البقره(

قرآن حكيم جيئن توهين ڏٺو ته طالق بابت هن ڳالهه جي وضاحت

كري ڇڎي ته جيكڎهن مڑس چاهي ته پنهنجي زال کي طالق ڏيڻ

پر ان معاملي ۾ اسان . واپس وٺي سگھي ٿو کانپو عدت جي اندر اندر ٻيهر

: جي فقيهن جي حالت اها آهي جو هنن طالق جا ٻه قسم ڳڻايا آهن، هك

ڀلي طالق ڏيندڙ هك کان ’ صريح‘وٹن طالق ’ بالكنايه‘: ٻي’ صريح‘

جي هجي، ’ بائنه طالق‘وڌيك جي نيت رکندڙ هجي يا هن جي نيت هك

’ بالکنايه‘كا طالق پر جي. اهاهك رجعي طالق جو حكم رکي ٿي

سمجھي ويندي، جنهن کان پو تيستائين رجوع ’ بائنه‘هوندي اها طالق

ممكن ناهي ۽ نه ئي اها زال مڑس جي ال حالل آهي، جيستائين نكاح

ها، كي الفاظ اهڑا آهن جيكڎهن مڑس طالق جي لفظ . نئون نه ٿئي

۽ . يسان گڎ اهي اچاري ته پو اها طالق انهي حكم ۾ نه ٿي اچ

جيكڎهن طالق بالکنايه ۾ طالق ڏيندڙ، ٹن جي نيت كئي هوندي ته ٹي

. طالقون واقع ٿي وينديون

باقي فقهه جي شافعي مسلك ۾ . آهي اها ته حنفي فقيهن جي فتوي

. طالق جو حكم رکن ٿيون’ رجعي‘سموريون بالكنايه طالقون

:هك وقت ۾ هك طالق ئي ڏئي سگھجي ٿي

جو ٹيون مسئلو هي آهي ته اكثر فقهي طالق جي هن سلسلي

جكڎهن هك حيض ۾ ٹن الڳ “: مسلك هن ڳالهه تي متفق آهن ته

الڳ وقتن ۾ يا هك ئي حيض ۾ هك وقت ۾ ٹي طالقون يا صرف

هك دفعو ئي طالق ڏني وڃي ته اهي ٹي طالقون سمجھيون وينديون،

. هيآ’ بدعت‘حاالنكه خود فقيهن جو اعتراف آهي ته اهڑي طالق نسوري

Page 64: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

64

ان جي باوجود اها . يعني اهڑي طالق سراسر قرآن ۽ سنت جي خالف آهي

ڏئي ڇڎي ته ڳالهه كيڎي نه عجب ۾ وجھندڙ آهي جو فقيهن فتوي

حاالنكه قرآن جون آيتون سڌو سنئون اهڑي . اهڑي طالق واقع ٿي ويندي

. قرآن ۾ فرمايل آهي. طالق جي خالف آهن

لامساک بم ◌ ا

مرتان ف

ق

و◌ رو◌ عطال

◌ ف ا

◌ انس ◌ حا ب ح◌ ير ◌ صت

ٻه ڀيرا طالق ڏيڻ کانپو توهان کي اختيار آهي ته : يعني

چاهيو ته زال کي دستور مطابق واپس موٹايو يا کيس سهڻي

)229: البقره. (سلوڪ سان الڳ كري ڇڎيو

ان مر‘ا� پاڪ هتي ان يعنيطل’ ٻه ڀيرا‘: جا لفظ فرمايا آهن يعني’ ت

: ق

اهو اشارو آهي هن ڳالهه ڏانهن ته طالق هك . نه فرمايو آهي’ ٻه طالقون‘

كن . ڀيرو هجڻ گھرجي نه كي هك ئي ڀيري سان ٻه طالقون ڏجن

عالمن وٽ هك ئي وقت ٹي طالقون ٹي ئي سمجھيون وينديون ساڳيي

سلسلي ۾ جمهور علماء جي هك ٻي جماعت جو چوڻ آهي ته

ڏجن اهي هك طالق شمار كيتريون به طالقون هك مجلس ۾

عالمه شوكاني به ان ڳالهه جو قائل . ۽ حق ڳالهه به اها ئي آهي. ٿينديون

اعالم “۽ ” اغاثة اللهفان“: آهي ۽ عالمه ابن قيم ته ان مسئلي بابت

.نالي ٻه كتابڑا به تحرير كيا آهن” الموقعين

:جي فيصلي جي حقيقتر رضه طالق بابت حضرت عم

ك ڀيرو ٹي مرتبا طالق ڏيڻ يا حيض جي حالت ۾ اماميه فرقي وٽ ه

طالق ڏيڻ سان طالق واقع نه ٿيندي آهي، ڇاكاڻ جو اها هك اهڑي

: جو قول آهي ته رضهحضرت ابن عباس . بدعت آهي جيكا حرام آهي

۽ ابن اسحاق ، طاؤسرضهٹي طالقون، هك طالق سمجھي وڃي، عكرمه

سلم جي هي روايت ان جي ثبوت ۾ صحيح م. جو اهوئي قول آهي رضه

کان روايت نقل رضه پيش كري سگھجي ٿي جنهن ۾ حضرت ابن عباس

جي دؤرن ۾ ۽ رضه ۽ حضرت ابوبكر ملسو هيلع هللا ىلصرسول ا� “: ٿيل آهي ته

جي خالفت جي ابتدائي ٻن سالن تائين هك ئي ڀيري رضه حضرت عمر

ان کان پو ٿيو . ٹي طالقون، هك طالق شمار كيون وينديون هيون

جنهن كم ۾ ماڻهن کي “: فرمايو تهرضه ضرت عمرهينئن جو ح

ركجڻ کپندو هيو، ان ۾ هو تكڑ كرڻ لڳا آهن، تنهنكري هاڻي

تڎهن هك ” مناسب اهو آهي ته ان معاملي ۾ انهن کي تكڑ كرڻ ڏجي

هاڻي . مرتبي سان ڏنل ٹن طالقن کي ٹي طالقون ئي قرار ڏئي ڇڎيو ويو

ا جيكي مجتهد امام ٿي گذريا صحابه، تابعين ۽ انهن کانپو مسلمانن ج

آهن، انهن منجھان جمهور جي را اها آهي ته اهڑي طرح واقعي به ٹي

۾ هن مضمون جون حديثون نقل ” فتح القدير“. طالقون واقع ٿي وڃن ٿيون

كرڻ کانپو ٻڌايو ويو آهي ته ان کان اڳ جو كجھه گذري چكو آهي

سگھي ته اها ڳالهه اهو كيئن ٿو ممكن ٿي . اهو هن جي خالف آهي

ڄاڻندي به ته هك دفعي ڏنل ٹي طالقون اصل ۾ هك ئي طالق هوندي

رضه ۽ وري صحابه! انهن کي ٹي طالقون قرار ڏئي ڇڎيو؟ حضرت عمر. آهي

. كرام به ان تبديلي تي خاموش رهيا ۽ كنهن به مخالفت نه كئي

رضه حابهظاهر آهي ته ان جو سبب ان کانسوا ٻيو ڇا ٿي سگھي ٿو ته ص

کي آخري زماني ۾ معلوم ٿيو ته قرآن پاڪ جو اهو حكم كنهن ٻئي

حكم سان منسوخ ٿي چكو آهي، يا کين پتو پئجي ويو هجي ته هن

حكم جي مدت ختم ٿي چكي آهي ۽ وري کين هن حكم بابت

كجھه اهڑن شرطن جو علم هجي، جن جي كري ان جو آخري زماني ۾

مهور جي ان فيصلي جي خالف كجھه پر ج. قابل عمل نه رهڻ طئه هجي

جو انتقال ٿيو ملسو هيلع هللا ىلصحنبلي فقيهن جو چوڻ آهي ته جنهن وقت رسول ا�

ڇا . آهي، هك لک صحابي سڳورا، رسول ا� کي ڏسڻ وارا موجود هيا

توهين ٻڌائي سگھو ٿا ته صحابه جي هن هيڎي جماعت کان يا ان جي

هتي آهي، جنهن ۾ هزاروين حصي مان ئي پاڻ سڳورن تائين اها روايت پ

ان جي . هك ڀيري جي ٹن طالقن جو هك طالق نه هجڻ ثابت هجي

Page 65: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

65

جواب ۾ اسان جو چوڻ اهو آهي ته جيستائين صحابه جي اجماع جو تعلق

آهي، اهو صاف ظاهر آهي، ڇاكاڻ جو كنهن به صحابي پاران ان

باقي رهيو اهو . جي مخالفت ثابت كانهيرضه معاملي ۾ حضرت عمر

ا كائي روايت اسان ا فردك لک صحابين جي اجماع جي فردسوال ته ه

تائين ناهي پهتي ته معلوم هئڻ گھرجي ته انهن جي هك اجماعي فيصلي

جي نقل جي ال ان جي ضرورت نه هئي ته موٹن موٹن جلدن ۾ انهن جا

بلكه ڳالهه اصل ۾ اها هئي ته انهن جو اهو اجماع . ناال لکيا وڃن

جو هك فيصلو هيو جيكو رضه ت عمرسكوتي هيو، يعني حضر

ابن . (هنن چپ چاپ ۾ مڃي ورتو ۽ ان تي كوئي اعتراض نه كيائون

) 2ج 576عابدين صه

:جو حكم ۽ رويو ر رضهطالق بابت حضو

بهرحال ان مسئلي بابت ايتريون حديثون وارد ٿيون آهن جو اهي

ڏسندي هن ڳالهه ۾ كوبه شك باقي نه ٿو رهي ته هك مجلس ۾

ان . يكڎهن ٹي طالقون ڏجن ته اهي هك طالق سمجھيون وينديونج

کي ملسو هيلع هللا ىلصرسول ا� : فرمائي ٿو ابن عباس“: ڏس ۾ زيلعي ۾ آيو آهي ته

هك شخص بابت ٻڌايو ويو ته ان هك ئي سٹ ۾ پنهنجي زال کي ٹي

پاڻ سڳورن اهو ٻڌو ته هكدم جذباتي انداز ۾ اٿيا ۽ . طالقون ڏنيون آهن

� جي كتاب کي تماشو بنايو پيو وڃي حاالنكه مان ا“: فرمايائون ته

اها حديث قرطبي ۾ به مذكور آهي ۽ نسائي ” توهان ۾ موجود آهيان

) 2ج 190كتاب الزيلعي ص . (به ان کي روايت كيو آهي

ساڳيي مضمون جي هك ٻي حديث ابن اسحاق کان روايت كيل

ضرت ابن عباس آهي اهو چوي ٿو ته مون کي عكرمه ٻڌايو ۽ ان کي ح

رضه ٻڌايو ته هك ڀيري ركاظه بن عبد يزيد پنهنجي زال کي هك ئي

مجلس ۾ ٹي طالقون ڏئي ڇڎيون، پو کيس پنهنجي ان عمل تي ڏاڍو

جي حضور ۾ اهو مسئلو پيش ملسو هيلع هللا ىلصافسوس ٿيو ۽ هن وڃي رسول ا�

پاڻ ركاظه کان پڇيائون تون ان کي كيئن طالق ڏني هئي؟ . كيو

پاڻ اهو ٻڌي . مون هك ئي مجلس ۾ ٹي طالقون ڏنيون: ركاظه وراڻيو

اها هك ئي طالق ٿي، تون پنهنجي زال کي واپس وٺي سگھين : فرمايائون

) 2ج 191الزيلعي ص (ٿو

:هي هيو، حكمي نه هيوبينتحضرت عمر جو فيصلو

جي رضه مطلب ته حنبلي مذهب جي وڏن امامن حضرت عمر

ان معاملي ۾ قرآن ۽ سنت جا پابند بلكه هو . فيصلي کي قبول نه كيو

طالق جو موجوده دؤر ۾ مسئلو نهايت ڳنڀير بڻيل آهي . رهيا آهن

تنهنكري ان ۾ كوبه حرج ناهي ته طالق جي مسئلي بابت حنبلي

تي عمل كجي، بلكه امت جي بهتري به حقيقت ۾ ان فقهه جي فتوي

ان ايئن كرڻ س. مسئلي بابت حنبلي فقهه تي ئي عمل كرڻ ۾ آهي

جي فيصلي جي به كائي مخالفت نه حقيقت اها آهي ته حضرت عمر

ڇا ٹن طالقن کي بجا هك طالق قرار ڏيڻ جي انهن کي ٹي . ٿيندي

جنهن “: اهو كونه فرمايو هيو ته طالقون ئي قرار ڏيڻ وقت حضرت عمر

معاملي ۾ ماڻهن کي ڍر كرڻ گھرجي ها، ان معاملي ۾ هنن تكڑ

نهنكري مناسب اهو ئي آهي ته ان معاملي ت. كرڻ شروع كئي آهي

مطلب ته حضرت ” ۾ ماڻهن کي اسين به تكڑ كرڻ جي ئي اجازت ڏيؤن

جو انهي فرمان مان ماڻهن جي تكڑ ۽ اٻهرائي کان روكڻ مقصد عمر

۽ هك ڀيري جي ٹن طالقن کي ٹي طالقون قرار ڏئي ڇڎڻ کي . هيو

. قرر كري ڇڎيو هيواٻهرن ماڻهن ال سزا طور م جهڑوكر حضرت عمر

اسان جي ماڻهن حضرت عمر جي حقيقي مقصد کي سمجھڻ جي ! افسوس

! بجا ان جي فرمان کي راند ۽ تماشو بڻائي ڇڎيو آهي؟

:طالق ال به نكاح وانگر گواهه ضروري آهن

Page 66: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

66

طالق جي وقوع ال بلكل ايئن : عالمه طبرسي جو چوڻ آهي ته

ئن نكاح جي ال گواهي ضروري گواهي جي ضرورت هوندي آهي جي

وي◌ تش◌ واس: قرآن پاڪ ۾ فرمايل آهي. هوندي آهيل ◌ عد ◌ هدوا ذ

م◌ نم هن ) موجود رکو پاڻ وٽ ٻه عدل ڀريا گواهه پاڻ منجھان( ◌ ک

حكم مان نهايت صراحت سان واضح آهي ته طالق مهل يا زال ڏانهن

شريعت جي . ٻيهر رجوع كرڻ مهل گواهن جو موجود هجڻ ضروري آهي

به اها ئي تقاضا آهي ته طالق جو واقعو ايترو عام هئڻ ضروري آهي ته

. جيئن ان کي ثابت كري سگھڻ ۾ آساني پيدا ٿئي

يعني طالق ڏيڻ وقت گواهن جو موجود هئڻ هك اهڑو ضروري

طالق جي . ركن آهي جنهن کان سوا طالق واقع ٿيڻ ممكن ئي ناهي

وجوده دؤر ۾ قرآن جي روشني ۾ معاملي ۾ نهايت ضروري آهي ته م

هيٺين آيتن تي نهايت سختي سان عمل كرڻ جا آرڊر جاري كجن ان

۾ ئي مسلمانن جو ڀلو آهي، ان ۾ ئي ملت جي فالح ۽ بهبود جا راز لكل

آهن، ان ۾ ئي عورت جي عظمت آهي ۽ ان ۾ ئي مرد جي زندگي ممكن

. آهي

:طالق جا پنج دفعات

ماڻهو پنهنجي زال کي طالق ڏيڻ چاهي، ان جي جيكو: دفعو پهريون

جج يا ان جي وكيل جي سامهون، / ال ضروري آهي ته هو قاضي

جيكو ان جي عالئقي جو رهواسي هجي، پيش ٿئي ۽ سندس ۽ سندس زال

. جي وچ ۾ جيكي اختالف آهن، ان بابت هن کي آگاهه كري

ڎهن جج يا ان جي وكيل جو فرض آهي ته ج/ قاضي: دفعو ٻيون

كو شخص ان جي سامهون پنهنجي زال کي طالق ڏيڻ جي ال پيش ٿئي

طالق، ا� وٽ حالل شين ۾ سڀ کان “: ته اهو طالق ڏيندڙ کي ٻڌائي ته

۽ طالق ڏيندڙ کي طالق جي ڇركائيندڙ نتيجن ” وڌيك گندو عمل آهي

جج يا وكيل طالق ڏيندڙ کي / ان کان پو قاضي. کان به آگاهه كري

. سوچڻ جي مهلت ڏي پورو هفتو

هفتو گذرڻ کانپو به جيكڎهن مڑس طالق ڏيڻ تي قائم : دفعو ٹيون

جج يا ان جي وكيل کي گھرجي ته هك چڱو مڑس، / رهي ته پو قاضي

مڑس جي خاندان مان ۽ هك چڱو مڑس، زال جي خاندان مان مقرر

اندار كري، خاندان جا ماڻهو نه ملن ته پو زال مڑس جي پاران ٻه ٻيا ايم

ماڻهو مقرر كجن جيكي زال مڑس جي تكرار کي نبيرڻ جي كوشش

. كن

جيكڎهن چڱا مڑس، زال مڑس ۾ ٺاهه كرائڻ ۾ : دفعو چوٿون

جج ۽ وكيل جي آڏو هك ياد داشت / كامياب نه ٿين ته اهي قاضي

جج يا وكيل، مڑس کي اجازت ڏي ته / لکي پيش كن، ان کانپو قاضي

. ي سگھيهو پنهنجي زال کي طالق ڏئ

جج يا وكيل جي سامهون ٻن / جيستائين قاضي: دفعو پنجون

وكيلن جي موجودگي ۾ طالق نه ڏني وڃي، طالق تسليم نه كئي

ويندي، پڻ جيستائين سركاري طرح طالق جي لک پڑهه نه ٿيندي

. تيستائين طالق واقع ٿيڻ کي قبول نه كيو ويندو

:عورت کي طالق جو حق

ان گڎ اسان کي هي حقيقت به ضرور سامهون هنن سڀني حقيقتن س

رکڻ گھرجي ته، مرد کي طالق ڏيڻ جو جيكو حق حاصل آهي، اسين ڀلي

ان جي ان حق جي حدن کي كيترو به محدود كرڻ جي كوشش

كريون، جيستائين عورت کي به مرد کي طالق ڏيڻ جو حق نه ڏنو ويندو،

ماڻي نه سگھندي ۽ تيستائين عورت پنهنجو فطري كمال ۽ عزت ۽ آجپو

خوش قسمتي سان شريعت، عورت جي ان حق کي بحال رکيو آهي ته

طالق جي معاملي ۾ حنفي فقهه جي مسلك کي ڇڎي كري ٻين

تي عمل كجي، ڇاكاڻ ته حنفي فقهه ۾ بهر مسلكن جي فتوي

صورت عورت کي طالق ڏيڻ جو حق ڏيڻ حرام آهي، ان ڏس ۾ حنفي

عورتن کي طالق ڏيڻ جو حق ان كري “ :فقيهن جو دليل اهو آهي ته

Page 67: Oorat Ji Azadi - Abdul Momin Memon

67

حاصل كونهي، ڇاكاڻ ته اهي ناقص الدين ۽ ناقص العقل آهن ۽ عورتن

؟ ...!!”.تي هميشه هوس ۽ شهوت غالب رهندي آهي

اسان جي شريعت، جيكا نج محبت، انصاف ۽ مروت جي اصولن تي

ٻڌل آهي، كيئن ٿو ممكن ٿي سگھي ته اها عورت کي ان بنيادي حق

ذوق، روم رکي سگھي؟ فرض كريو جيكڎهن هك اعليکان مح

فراست ۽ بصيرت ڀري پڑهيل ڳڑهيل عورت کي ڇسو، جاهل ۽ وحشي

مڑس ملي وڃي ۽ هو ان عورت جي پچر نه ڇڎي ته ڇا عورت کي كوبه

حق حاصل نه هوندو ته هو اهڑي مرد مان پنهنجي جند آجي كري

! سگھي؟

:عورت جي طالق ڏيڻ جون صورتون

وش قسمتي سان مالكين وٽ عورت کي، طالق ڏيڻ جو حق خ

حاصل آهي ۽ ان جي صورت اها مقرر كئي وئي آهي ته عورت کي

پنهنجي ور جي خالف جيكا شكايت هجي، اها قاضي جي آڏو پيش

۾ شيخ ابوالحسن ” البهجة“جي شرح ” كتاب التحفة“كري جيئن

رد جي نكاح ۾ هك عورت جيكا كنهن م“: التسولي لکيو آهي ته

آهي، جڎهن اها ثابت كري ته سندس مڑس کيس ناقابل برداشت

سماجي، معاشي، اخالقي يا ازدواجي تكليفون ڏئي ٿو توڙي جو نكاح

وقت نكاح نامي ۾ اهي شرط نه رکيا ويا هيا، ان جي باوجود جو هو

پنهنجي زال کي تكليفون پهچائي ٿو ته اهڑي صورت ۾ ان مرد سان گڎ

رهڻ جو اختيار عورت جي هٿ ۾ هوندو، يعني اهڑي صورت ۾ رهڻ يا نه

زال کي جيكا مڑس مان تكليف پهچي ٿي اها قاضي جي سامهون

ا پيش كري مڑس کان طالق حاصل كري سگھي ٿي، ان جي ال قطع

مطلب ته اهڑي . ضروري كونهي ته مڑس کيس طالق جي اجازت ڏئي

ڻ ۾ مڑس جي اجازت جي صورتحال ۾ زال کي پنهنجو پاڻ کي طالق ڏي

جيكڎهن مڑس مان زال کي تكليف پهچي . كابه ضرورت كانهي

رهي آهي، ان جو ثبوت خود مڑس جي ذات سان ئي هجي ۽ نكاح نامي ۾

اهو شرط رکيو ويو هجي ته جيكڎهن هينئن هينئن ٿيو ته زال کي حق

هوندو ته هو پنهنجو پاڻ کي طالق ڏئي ڇڎي ته ان صورت ۾، زال، مڑس

ان اجازت وٺڻ کانسوا ئي تكليفن جي ثبوت ڏيڻ جي صورت ۾ کيس ک

طالق ڏئي سگھي ٿي بلكه جيكڎهن نكاح نامي ۾ كو شرط نه به

لکيل آهي تڎهن به زال پنهنجو پاڻ کي طالق ڏيڻ کان پهريان قاضي جي

سامهون پنهنجو كيس رکي پو قاضي جي سمجھائڻ ۽ دٻائڻ جي

ليف ڏيڻ کان باز نه اچي ته پو زال کي باوجود به جيكڎهن مڑس تك

سزا جي معاملي ۾ . اجازت هوندي ته هو پنهنجو پاڻ کي طالق ڏئي ڇڎي

جج پنهنجي اجتهاد سان طئه كندو ته مڑس کي قيد جي، ڏنڈ / قاضي

ان صورت ۾ جيستائين زال پنهنجو . جي يا كا بدني سزا ڏئي سگھندو

مڑس کي تنبيهه نه كري كيس قاضي جي آڏو نه ٿي رکي ۽ قاضي،

. تيستائين زال پنهنجي مڑس کي طالق نه ٿي ڏئي سگھي

حقيقت اها آهي ته عورتن کي طالق جو حق ڏيارڻ در اصل عدل،

جي نشي ۾ ” مردانگي“مردن پنهنجي . انصاف ۽ انسانيت جي تقاضا آهي

تنهنكري هاڻي تمام . ڌت رهڻ كري، عورت تي وڏا ويل وهايا آهن

ائي ويل مخلوق کي سڄاڻ كردارن جيته هن كمزور بڻضروري آهي

ڏجي ته جيئن انسانيت جو پوري اڌ ۽ زندگي جي

ساٿ جو ٻل

سرچشمي کي حياتي جي ڌارا ۾ مكمل آزادي سان روان دوان رهڻ

ان ۾ ئي انسانيت جي ڀالئي آهي ۽ ان ۾ ئي خوشگوار خوشحال ۽ آزاد . ڏجي

.زندگي جي ضمانت آهي