453
جو رسالو فقير راضي..... .. ... ................................ .. ڪمپوزنگ: لجبار شيخ عبداwww.sascitysukkur.com 1 سٽ ڪام سٽي سکر ڊا اس پبلشر ڊجيٽلدبي سنگت شاخ سٽي سکر سنڌي ا

Razi Faqir Jo Risalo

Embed Size (px)

DESCRIPTION

سائين راضي فقير جن جو ڪلام. راضي فقير جو رسالو.

Citation preview

Page 1: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 1

اس سٽي سکر ڊاٽ ڪامس

ڊجيٽل پبلشر

سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر

Page 2: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 2

Page 3: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 3

انتساب

مان پنهنجي والد الحاج احمد علي خان ڪلهوڙي

مرحوم، پنهنجي وڏي ڀاء محترم لطف علي خان ڪلهوڙي

ڊپٽي ڪمشنر، برادرم جان محمد خان ڪلهوڙي رٽائرڊ

سيشن جج ۽ ائڊيشنل ال سيڪريٽري سنڌ، برادرم

ڊاڪٽر عبدالڪريم خان ڪلهوڙي سينيئر ميڊيڪل

آفيسر، ڪئپٽن ڊاڪٽر عبدالرحيم ڪلهوڙي،جيڪو هن

۾ سينيئر ميڊيڪل آفيسر آهي. P.I.Aوقت

راضي فقير جو ”مذڪوره باال بزرگن سان هي ڪتاب

وڏي عقيدت ۽ احترام سان منسوب ڪريان ٿو.“ رسالو

خادم العلم

عبدالعليم خان ڪلهوڙوٿيلو ضلعو ميرپور ما

گهوٽڪي

Page 4: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 4

مهاڳ 01 تعارف 02 ٻه اکر 03 مرتب جو اظهار خيال 04

سر يمن ڪلياڻ......1 05

داستان پهريون 06 داستان ٻيون 07 داستان ٽيون 08 داستان چوٿون 09 داستان پنجون 10 داستان ڇهون 11

سر سريراڳ ......2 12

داستان پهريون 13 داستان ٻيون 14

سر سهڻي......3 15

داستان پهريون 16

Page 5: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 5

داستان ٻيون 17 داستان ٽيون 18 داستان چوٿون 19 داستان پنجون 20

سر سارنگ ......5 21

سر ڪيڏارو......6 22

داستان پهريون 23 داستان ٻيون 24 داستان ٽيون 25

سر سسئي اڀري ......7 26

داستان پهريون. 27

داستان ٻيون 82 داستان ٽيون 82 داستان چوٿون 03

سر معذوري......8 03

داستان پهريون 08 داستان ٻيون 00 داستان ٽيون 03 داستان چوٿون 03

Page 6: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 6

سر ڪوهياري ......9 03

داستان پهريون 03 داستان ٻيون 02 داستان ٽيون 02 داستان چوٿون 33

سسئي ٽيهه اکري ......11 33

سر مومل راڻو ......11 38

داستان پهريون 30 داستان ٻيون 33

سر جوڳ رام ڪلي ......12 33

داستان پهريون 33 داستان ٻيون 33 داستان ٽيون 32 داستان چوٿون 32 داستان پنجون 33 داستان ڇهون 33 داستان ستون 38

ٽيهه اکري الهوتي......13 30

سر ليال چنيسر......11 33

Page 7: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 7

سر ڌناسري......15 33

داستان پهريون 33 داستان ٻيون 33 داستان ٽيون 32 داستان چوٿون 32 داستان پنجون 33 داستان ڇهون 33

ماروئي ......16 38

داستان پهريون 30 داستان ٻيون 33 داستان ٽيون 33 تان چوٿونداس 33 داستان پنجون 33 داستان ڇهون 32

Page 8: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 8

مهاڳ

منهنجا والد ماجد، خانصاحب احمد علي خان ڪلهوڙا صاحب جن انگريزن جي دور ۾ سنڌصوبي ۾ فاريسٽ آفيسر هئا.جڏهن دادو ضلعي ۾ هئا ته هنن جو مانجهند شهر ۾ وڃڻ ٿيو. اهو جمعي جو ڏينهن هو. نماز پڙهڻ الء

به ماڻهو مسجد ۾ آيا هئا سي سمورا نماز کان جيڪي فارغ ٿيڻ کانپوء هڪ فقير جي چوگرد ڦري ويا. فقير کي گيڙو ڪپڙا پاتل هئا ۽ مخمور نگاهن سان هر هڪ ماڻهو کي ٿي ڏٺائين بلڪل خاموش بيٺو هو، گيڙو ڪپڙا مسلمان نه مگر هندو سنياسي فقير ۽ ٻڌ ڌرمي ٻاوا پائيندا هئا.

ي صاحب فقير کي هڪ ته سقر جي حالت تنهنڪري مولو۾ سمجهيو ۽ ٻيو غير شرعي پوشاڪ ۾ تنهنڪري فقير تي امام صاحب فتوي جاري ڪئي ته فقير صاحب ناراض

نه ٿيو ۽ هي چيائين ته:مطابق مون تي فتوي جاري ملسو هيلع هللا ىلص شرع محمد مصطفي ”

Page 9: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 9

ڪئي آهي. واقعي مان انهيء جي الئق آهيان، مگر مولوي هي ٻڌايو ته اوهان جي کيسي ۾ ڇا آهي؟ صاحب مون کي

مولوي صاحب جي پاسي واري کيسي ۾ هڪ ٽامي جو ع جي ڳالهه آهي. فقير صاحب 2391پيسو هيو. هي سن

پيسو هٿ ۾ وٺي شوڪاري مولوي صاحب کي چيو ته: “هيء وٺ تنهنجو انعام آهي.”

مولوي صاحب ۽ ٻين ماڻهن ڏٺو ته ٽامي جو سڪو ته و آهي. ڏسڻ وارا سڀ حيران ٿي ويا. سوني گني ٿي پي

مولوي صاحب کين چيو ته: “مان ٽامي جو ديڳڙو کڻي اچان.”

جنهن تي تعزير الڳو ”ماڻهن مولوي صاحب کي چيو ته ڪئي اٿيئي، تنهن کي صاحب ڪرامت سمجهي، اللچ ۾ اچي ٽامي جا ٿانو سونا ڪرائڻ وارا مولوي صاحب تنهنجي

مولوي صاحب فقير صاحب کي فتوي ته لڙهي ويئي. پوء خالصي ڪچهري الء عرض ڪيو. فقير صاحب مولوي صاحب جو عرض اگهايو. اها خبر بعد ۾ ماڻهن خانصاحب کي ٻڌائي خانصاحب نماز پڙهي جلد هليا ويا هئا. ٻي ڀيري مانجهند ۾ ئي راضي فقير سان خانصاحب جي مالقات ٿي.

ون ، محفلون ۽ آهسته آهسته بابا ۽ فقير صاحب جون صحبت

Page 10: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 11

ڪچهريون وڌنديون ويون جيڪي آخردم تائين قائم رهيون. بابا مرحوم جن جتي جتي فاريسٽ آفيسر ٿي رهيا

اتي اتي راضي فقير ساڻن گڏ رهيا.بابا سائين، راضي فقير جي مالقات حاجي موال بخش خان سومري مرحوم سان ڪرائي. خانبهادر راضي فقير کي

اسان ” نذرات ڏني ته فقير چيو، عام فقير سمجهي ڪجههجو کنڌائي آ خالق، کودڙو مل ته نه آهي جو کٽي ويندو، کپ

“نه اٿم. سوال ڪنون ڪال ڀال نه ته ستت نڪالين ساهه جي هووين طالب حق دا ته منگ مول نه کا

هڪ ڏينهن ، پهريون ڀيرو بابا سائين، راضي فقير کي

يجوي وٽ وٺي هال *حضرت موالنا حماد اهلل صاحب ويا.بزرگ جيئن نماز پڙهڻ کان فارغ ٿيا ته جماعت کي

هي پڪو موحد آهي جنهن کي اصل فقير ”فرمايائون ته ، “چئجي سو هي آهي. ڏسڻو اٿو ته ڏسي وٺو.

جڏهن راضي فقير بابا سائين وٽ ايندا هئا تڏهن آء ننڍو هوس. فقير سائين جي ٻاجهارن ٻولن کي سمجهي ڪونه

. جڏهن وڏوٿيس ۽ سمجهه ڀرو ٿيس ته سگهندو هوس

Page 11: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 11

مونکي بابا سائين فقيرصاحب جون ڳالهيون ٻڌائيندا هئا ۽ جيڪي ماڻهو بابا سائين وٽ ايندا هئا اهي به راضي فقير

جون رمزون ٻڌائيندا هئا.نالي سان “راضيء جون رمزون” راضي فقير جو ڪتاب

ن ع ۾ ڇپرايو هيو. ا 2399مرحوم الهه بخش ٽالپور سن جي طرفان “ شاهه لطيف ڪتاب گهر”ڪتاب کي ٻي ڀيري

ع ۾ شايع ڪيو ويو. اهو ڪتاب خريد ڪيم ته دل 1002سن ۾ راضي فقير جي رسالي شايع ڪرائڻ واري ديرينه خواهش دل ۾ ٻيهر پيدا ٿي. ان سلسلي ۾ ڀرچونڊي شريف جي ميان نظر محمد صاحب سان ڳالهه ڪيم. ان صاحب

منهنجي همت افزائي ڪئي. ان کانپوء رسالي ڇپرائڻ الء پنهنجي دوست غالم رسول قاضي اسسٽنٽ پروفيسر

صاحب کي رسالي جو مسودو ترتيب ڏيڻ الء ڏنم.ميرپورماٿيلي جي محقق، تاريخدان، اديب ۽ شاعر پروفيسر غالم رسول اڪرم صاحب سان مشورو ڪيم هن صاحب هر طرح تعاون ڪرڻ جي حامي ڀري. ان بعد

ڪاڻي جي رهاڪو محقق ڊاڪٽر بشير احمد شاد سان ان الڙ سلسلي ۾ مالقات ڪيم.حقيقت هن طرح آهي ته

راضي فقير جي رسالي کي فقير گل محمد بالولي، فقير

Page 12: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 12

صاحب جي وفات کان به سورهن سال اڳ لکي پورو ڪيو ع تائين ڪنهن به صاحب حيثيت نه 1022هيو. جون

ق ننڍپڻ کان هيو.ڇپرايو.مون کي رسالي ڇپرائڻ جو شوالحمد هلل، رب العزت، راضي فقير جي رسالي جي

راضي ” ڇپرائڻ جي مونکي توفيق فرمائي آهي. اجهو هياوهان پڙهندڙن جي خدمت ۾ حاضر آهي. “ فقير جو رسالو

فقير صاحب جو ڪشتو، تسبيح ۽ حاصو )عصا( مون وٽ تبرڪ طور محفوظ آهن.

اوهان جي دعائن جو طالب

ڪلهوڙو عبدالعليم

ڳوٺ حاجي احمد علي خان

ڪلهوڙو

ميرپورماٿيلوضلعو گهوٽڪي

0300-3115886

Page 13: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 13

تعارف نالو:

را ضي فقير، لشاري قبيلي ۾، رانجهن فقير جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ڇٽي جي رات سندس نالو مهر علي رکيو ويو پر پيار منجهان هن کي اڪثر ماڻهو راضي فقير ڪري

به پاڻ کي راضي سڏرائيندو هو.ڪوٺيندا هئا.تنهنڪري پاڻ جاء پيدائش:

راضي فقير ڳوٺ جمال حاجاڻو لڳ پير بالولي تعلقي هاال ضلعي حيدرآباد ۾ اک کولي هئي. هن فقير جي پيدائش ربيع االول مهيني جي ٻارهين تاريخ سومر جي

هه ۾ ٿي.2922رات تعليم:

راضي فقير جڏهن پڙهڻ واري عمر کي پهتو تڏهن د محترم کيس هڪ مالن وٽ قرآن پاڪ جي سندس وال

تعليم حاصل ڪرڻ الء وهاريو. فقير جي پڙهڻ سان ڪابه دلچسپي نه هئي تنهنڪري مالن فقير صاحب جي والد کي

اهڙو اطالع ڏنو. راضي فقير کي سندس والد چيو ته:

Page 14: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 14

توکي قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪرڻ الء وهاريو ” “ته پڙهه نه ته هلي اٺيون چراء.اٿم. مالن وٽ دل الئي پڙهين

راضي فقير پيء جي چوڻ تي ڪجهه وقت مالن وٽ پڙهيو پوء اٺيون چارڻ شروع ڪيائين. ان بعد رهڪي

پوکي به ڪرڻ لڳو. سير ۽ سفر:

راضي فقير جڏهن چوڏهن سالن جي عمر جو ٿيو ته رهڪي پوکي وارو ڪم ڇڏي، گهر کي الوداع چئي ڀٽ

. ڀٽ شاهه جي روضي ٻاهران رستي شاهه طرف روانو ٿيوتي سندس وقت گذرندو هو. ڪجهه عرصي بعد درياء جي اولهندي طرف شاهه اويس قرني جي مزار وٽ ۽ ان جي

آس پاس رهيو ٿي.انهيء سفر دوران راضي فقير کي عشق مجازي جي مهيز لڳي ويئي. هن فقير پنهنجي مجازي محبوب کي

ي ۾ جھرندو.مخفي رکيو تنهنڪري ويو جھورراضي فقير ڀٽ شاهه تي ٻيو ڀيرو پهتو، ڇاڪاڻ ته هن کي مجازي عشق جيڪا چاشني چکائي تنهن سببان هو

جي رسالي جا بيت ۽ *بيساخته بيت چوڻ لڳو. ڀٽائي وايون فقيرن کان ٻڌي سڻي گهڻائي بيت ياد ڪيائين. فقير

Page 15: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 15

صاحب ان دور ۾ جيڪي بيت چيا تن جو تعداد گهٽ ۾ پنج سو هيو اهي بيتن وارا پنا ڦاڙي درياء ۾ اڇلي گهٽ

ڇڏيائين.راضي فقير جيڪو سفر پنهنجي ڳوٺ کان شروع ڪيو هو سو ڀٽ شاهه تائين محدود نه رکيائين. سنياسي فقيرن سان گڏجي هنگالج کان گنگا تائين پهتو.سنڌ سموري جا

ع ۾ فقير محمد 2399اڪثر شهر گهمي چڪو هو. سن ان جيمس آباد جي رستي کان، فقط هڪ صالح کٽي س

روپيو کڻي اجمير شريف وڃي پهتو. راضي فقير ٺٽي ۽ ڪراچي جو جيڪو سفر ڪيو ان سفر ۾ فقير جو پهريون سوانح نگار فقير گل محمد ساڻس گڏ هيو. هي فقير سفر توڙي حضر ۾ راضي فقير سان ويهه

سال گڏ رهيو.ڪنهن به گنگا ۽ هنگالج جي سفر دوران راضي فقير

مذهب جي قيد ۾ نه رهيو. ڪنهن به ماڻهو کان هن کي نفرت نه هئي.

حضرت شاهه عبداللطيف جئن لئي وارين ڊرٻن ۾ رهندو هو تئن راضي فقير به لئي وارين ڊرٻن ۾ ذڪر فڪر ۾

گذاريندو هو.

Page 16: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 16

راضي فقير جي خانصاحب حاجي احمد علي خان ڪلهوڙي سان مالقات:

دادو ضلعي ۾ مالزمت ع ۾2391خان صاحب جي سن هئي. فاريسٽ آفيسر جي حيثيت سان مانجهند ويا. جمعي جو ڏينهن هو. هڪ مسجد ۾ نماز پڙهڻ الء ويا راضي فقير سان اتي سندن مالقات ٿي. خان صاحب راضي فقير جي انمول ٻولن کان متاثر ٿيو ۽ راضي فقير انگريزن جي دور

اثر ٿيو. اهڙي واري آفيسر جي شفقت ڀرئي انداز کان متطرح ٻنهي جي اتفاقيه مالقات دوستي ۾ اهڙي طرح تبديل

ٿي جو سندس زندگي جي آخري گهڙي تائين قائم رهي. راضي فقير جي هاء اسڪول ميرپور ماٿيلي ۾ آمد:

جڏهن آئون راقم الحروف )غالم رسول اڪرم( ۽ خان صاحب حاجي احمد علي خان ڪلهوڙي مرحوم جو وڏو

لطف علي خان ڪلهوڙو، گورنمينٽ هاء فرزند محترماسڪول ميرپور ماٿيلي ۾ پڙهندا هئاسين تڏهن هاء اسڪول جا هيڊ ماستر صاحب مرحوم منظور احمد ڀٽو جن

هوندا هئا.ڀٽي صاحب ۽ خانصاحب جا پاڻ ۾ گهرا مراسم هئا. خانصاحب جي وساطت سان راضي فقير خانصاحب سان

Page 17: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 17

ڀيرا اڳوڻي ڊائننگ هال ۾ ع ۾ ٻه2319ع ۽ 2311گڏجي سن اچي ناصحانه ۽ ظريفانه ٻول ٻڌايا هئا. انهن ناصحانه نقطن

ڪوٺيو ويندو هو. انهن راضيء “ راضيء جون رمزون”کي ع ۾ شايع 2399جي رمزن کي مرحوم الهه بخش ٽالپور سن

ڪرايو هيو. راضي فقير جون رهاڻيون:

وڙي راضي فقير جڏهن به خانصاحب احمد علي خان ڪلهصاحب وٽ ايندو هو ته وڏيرو نبي بخش خان ميراڻي، اڱڻو فقير ميراڻي ۽ محمد عظيم ميراڻي به ساڻس مالقات الء ايندا هئا. انهن صاحبن کانسواء ٻيا جيڪي لکيا پڙهيا ۽ سرت سمجهه وارا ماڻهو گاهي به گاهي فقير صاحب سان

جمعدار ملڻ الء ايندا هئا تن منجهان ڪجھ حضرات هي هئا. محمد الياس سومرو، مولوي عبدالرحمان نائچ، حاجي فتح محمد ڪلهوڙو کڏواري وارو، وڏيرو محمد بخش ڪلوڙ، الهرکيو ڪلوڙ، قاضي الهرکيو ڪلهوڙو سيد پوري، رئيس الهه بخش سيال، جمعدار سبزل خان نائچ. ڪوڙو مينگهواڙ.راضي فقير جڏهن ميرپورماٿيلي ۾ هوندو هو ته اڪثر

جي نماز مولوي محمد عالم سومري مرحوم جي جمع ٺهرايل مسجد ۾ اچي پڙهندو هو.

Page 18: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 18

جڏهن خانصاحب احمد علي خان سردار دادن خان اول سان مالقات الء ويندو هو ته راضي فقير سان سردار صاحب روح رهاڻيون ڪندو هو. فيض محمد خان ڪلهوڙو ، حضور

خانصاحب بخش ڪلهوڙو اهي ٻيئي فقير جا صحبتي هئا. سان پهريون ڀيري جڏهن راضي فقير گڏجي هاليجي شريف پهتو ته بزرگن جماعت کي چيو فقير ڏسڻو اٿو ته هي موحد فقير ڏسي ڇڏيو.داروغو صوبدار خان بلو ڪوٽ بال وارو

فقير صاحب سان ملڻ الء ايندو هو.لوء صاحبان گهوٽڪي جون اهم شخصيتون جن منجھان

ه ، حاجي فخرالدين شاهه، حاجي غالم حاجي شير محمد شاهحيدر شاهه، حاجي غالم حسين پٺاڻ، خير محمد خان پٺاڻ، سيد علي شاهه وڪيل ۽ ٻين سان فقير وڃي رهاڻيون ڪندا

هئا.ميرپور ماٿيلي جي نائچ قبيلي ۾ نيڪ مرد غالم رسول خان نائچ سپروائيزنگ تپيدار به خانصاحب وٽ گاهي گاهي

ان صحبت ونڊيندو هو.اچي راضي فقير سمحترم لشڪر خان مهر جي والد مرحوم اسالم خان مهر جي خانصاحب سان دوستي هئي ڪڏهن ڪڏهن انهن جون پاڻ ۾ روح رهاڻيون ٿينديون هيون.راضي فقير به ان

Page 19: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 19

محفل جو حصو هوندو هو.حضرت احمد سائين خانڳڙهه واري بزرگ جي پياري مريد

ال الدين هر وقت فقير جي آدم فقير جو فرزند ماستر جمخدمت ۾ حاضر رهندو هو. غالم محمد سيال ونگي وارو، راضي فقير جي خدمت ۾ هڪيو تڪيو رهندو هو. هي فقير صاحب جي گهڻن ئي بيتن جو حافظ آهي. سکر شهر جو مشهور بزرگ حاجي سچل فقير ڪوري ڊيمال مل سکر واروپنهنجي وقت جو نيڪ ۽ بزرگ هو هن سائين سان بهفقير جون محفلون مچنديون هيون. عبدالحميد ڪلهوڙو هاليجي شريف جو فقير ، استاد ميان جي سائينداد فقير ڪلهوڙو کڏواري وارو به فقير جي صحبتين منجھان هڪ هيو.سکر شهر جي برک ۽ بزرگ هستين منجھان ميان عبدالستار پيرزادو ۽ ميان مڪل جيئي شاهه بادشاهه جي

ڪثر ويندو هو.متولي وٽ به ادادلوء) پني عاقل لڳ( جي سردار علي نواز خان ڌاريجي به هڪ ڀيرو فقيرصاحب سان ڪچهري ڪئي هئي.فقير صاحب جي گفتگو ۾ هڪ قسم جي چاشني هوندي هئي

جيڪا ڪشش جو سبب بڻجندي هئي.سيد حسن بخش شاهه سڪرنڊ محراب پور وارو، سيد

Page 20: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 21

ه جن سان به فقير بشير احمد شاهه ۽ سيد شبير احمد شاهجون مثالي محفلون رهيون. ضلعي دادو جو فقير امام بخش سولنگي ۽ مانجهند شهر جو مشهور فقير ٻڍل کوسو

به فقير جا صحبتي هئا.هاال جي بزرگ هستين منجهان حضرت مخدوم غالم

، حضرت مخدوم طالب المولي، حضرت پير خان *محمد د غالم محمد جندل شاهه محمد شاهه جيالني هاال پراڻا ۽ سي

جن سان به فقير جون مالقاتيون ٿيون ۽ رس رهاڻ ۾ وقت گذريو.

درگاهه پير بالولي جو پانڌي فقير راضي فقير جي عاشق فقيرن منجھان هيو. لنواري شريف مان آخوند محمد صالح

جون به راضي فقير سان رهاڻيون ٿيون.جي بر صغير هند و پاڪ جي مشهور سومرا خاندان

مشهور شخصيتن مرحوم جناب احمد ميان سومرو، جناب الهي بخش سومرو، جناب افتخار احمد سومرو۽ جناب ڊاڪٽر منصور احمد سومرو صاحبان جي والد ماجد الحاج موال بخش سومري صاحب جن جي خانصاحب حاجي احمد علي خان ڪلهوڙي سان دوستي ڀائپي واري رنگ ۾ هئي.

موال بخش خان سومرو خانصاحب جي ڪري حاجي

Page 21: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 21

مرحوم راضي فقير سان قرب ڀريون ڪچهريون ڪندو رهندو هو.

هادي بخش سومرو، جيڪو هن وقت سومرا هائوس شڪارپور جو انچارج آهي. سو به راضي فقير جو صحبتي رهيو کيس راضي فقير جا بيت اڃا به ياد آهن. فقير گل

ير محمد بالولي ، فقير محمد صالح کٽي، خدا ڏنو فق راضي فقير جا هم سفر ۽ همراهه رهيا.

مٿي ذڪر ڪيل شخصيتن جي نالن لکڻ منجهان منهنجي مراد هي آهي ته هي فقير وڏو سيالني هو. کليل دل ۽ کليل دماغ جو صاحب هيو، نهايت کرو ۽ سچو فقير هيو. سندس مجلس ۽ محفل سدا آباد رهندي هئي. هن

مٺاس ۽ چاشني بزرگ جي انمول، سچن ۽ کرن ٻولن جي جي ڪري هي بزرگ مشهور هيو. هن سان جنهن به هڪ ڀيرو رهاڻ ڪئي۽ مجلس ۾ ويٺو ته ڏيهن کي وڃي ڏس ڏيندو ۽ انهيء ڏس پتي تي محبتي ۽ معزز ماڻهو لکيا پڙهيا توڙي ڪورا ڄٽ به اچي فقير جي ڪچهري ۾ ويهندا

هئا.جيڪي ناال لکيا ويا آهن سي معاشري ۾ مانائتا رهيا

هن. فقير سان ٻين عام ماڻهن جي به وڏي انگ ۾ صحبت آ

Page 22: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 22

رهي. اهي ناال نهايت ئي مختصر ۽ خاص لکيا ويا آهن. فقير ان چشمي جي برابر هيو. جيڪو چشمو بر ۽ بيابان ۾ هجي مٺو به هجي ، ان جو پاڻي حاصل ڪرڻ ۾ آساني به هجي ته پوء ڪئن نه پياسا پرند چرند ۽ درند اچي حاضر

ع ۾ 2399راضي فقير شادي نه ڪئي مجرد رهيا. سن ٿيندا؟ سال ۽ 91هه تي انگريزي ڪئلينڊر مطابق 2919ذي القعد 21

سالن جي عمر ۾ وفات 92اسالمي ڪئلينڊر مطابق فرمايائون. سندس مزار پير بالولي ۾ آهي. راضي فقير جي وصال کي ڀاروان اٺيتاليهه سال ٿي ويا آهن ۽ .........راضي

هي رسالو راضي فقير جي وفات کان سورهه سال فقير جو اڳ ۾ لکجي چڪو هو. ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي لکجي ته

ع تائين ڪنهن به صاحب 1022چوهٺ سالن گذرڻ بعد جون حيثيت رسالي کي ڇپائڻ جي سعادت حاصل نه ڪئي. راضي فقير جي وفات حسرت آيات کان اٺيتاليهه سال پوء

ڪلهوڙي جي فرزند جناب خانصاحب حاجي احمد علي خانعبدالعليم ڪلهوڙي صاحب هڪ طرف پنهنجي والد مرحوم ۽ ٻي طرف راضي فقير مرحوم جي ارواح کي راحت رسائي ته ٽين طرف خود پاڻ به سعادت حاصل ڪئي

آهي.

Page 23: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 23

اهلل في الدارين خيرا زاکالحمد هلل ج

سومرو“ اڪرم” م رسول پروفيسر غال

ميرپور ماٿيلو

Page 24: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 24

ٻه اکر

آء بدن ڀٽ ڌڻي جو، پاڻ منهنجو پساهه ڄاڻي هڪ اهلل، ته رتي ناهه رواز جي

جڏهن منهنجي سرسري مطالعي “ راضي فقير جو رسالو”

هيٺ آيو ته مان حيران ٿي ويس جو سندس ڪالم ۾ لطيف رڪار وارو ئي رنگ نظر آيم.رسالي جي شروع ۾ راوي س

فقير گل محمد پيربالولي، راضي فقير جي لطيف سائين کان متاثر ٿيڻ جي حوالي سان لکي ٿو:

چوڏهن ورهين جي عمر ۾ پوک کان بيزار ٿي درگاهه ” شاهه لطيف ڏانهن راغب ٿيو. جتان وري شاهه اويس

احب جي درگاهه قرني تي وڃي رهيو. پر وري به شاهه صجو رخ ڪيائين. جتان کيس روحاني فيض مليو. شاهه جي ڪالم جو مطالعو ڪندي مٿس روحاني شاعريء

بيت گڏ 100جو غلبو ٿيو ۽ هن شعر چوڻ شروع ڪيو. ٿيا ته ڦاڙي درياء جي حوالي ڪيائين. پوء وري سير سفر تي نڪتو. عالمن عاقلن سان صحبتون ڪيائين.

Page 25: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 25

هو. پوء وري موٽي ڀٽ شاهه تي آيو ۽ شريعت جو پابندتقريبا بيت لکجي ويا ته 2900شاعري شروع ڪيائين.

“پوء اهي مولوي علي محمد کان ٻيهر لکرايا ويا.راوي جي لکت مان اهوبه معلوم ٿئي ٿو ته راضي فقير جو ڪالم سائين غالم مرتضي شاهه ، مخدوم محمد زمان

ن به گذريو ٿو ڀانئجي جو ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽو جي نظر کاانهن سڀني اڪابرن ڪالم ڇپرائڻ جو مشورو ڏنو. جيئن ته لکت مان معلوم ٿئي ٿو ته فاضل راوي راضي فقير سان ويهه سال گڏ رهيو تنهنڪري سندس روايتن کي مستند ئي

ڀائنبو.هه ۽ 2922ربيع االول 21راضي فقير جي والدت جي تاريخ

ڌائي وڃي ٿي. فقير گل محمد هه ٻ 2919ذوالقعد 21وفات سال بيهي ٿي. 92هه ۾ رسالو لکيو. سندس ڪل عمر 2991

اهلل تعالي انسان کي هن دنيا جي درياهه ۾ چوکنڀو ٻڌي ڦٽو ڪيو ۽ مٿان اهو حڪم صادر فرمايو ته پاند پسائڻو به نه آهي. اهڙو اظهار لطيف سائين پنهنجي رسالي ۾ هن

ريت فرمايو ٻڌي وڌو ٻار ۾ مونکي مون پرين ،

مٿان ائين چون، متان پاند پسائيين

Page 26: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 26

هاڻي بنا پاند پسائڻ جي دنيا جي درياهه مان اڪري پار پوڻ عام انسان الء ته نهايت مشڪل ۽ محال آهي.اهڙي عمل الء ته اهڙو عامل ڪامل گهرجي جيڪو بنا پاند پسائڻ وڃي پار پيو هجي. ان ڏس ۾ ڏاهن مرشد ڪامل اختيار

ڏس ڏنو آهي. اهو مرشد جيڪو حقيقي معني ۾ ڪرڻ جوڪامل هجي. منهنجي نظر ۾ لطيف بال شڪ مرشد ڪامل هو. جنهن جي دامن راضي فقير جهڙن درويشن پڻ ورتي ۽

ٽپي پار پيا.راضي فقير صحيح معني ۾ لطيف سرڪار جو عاشق ۽ طالب نظر اچي ٿو. سندس ڪالم ڀٽ ڌڻي جي رنگ ۾

وانگر راضي درويشن پڻ سرن رنڱيل آهي. لطيف سائينسر اچي 21جو سهارو ورتو آهي. سندس رسالي ۾ ڪل

وڃن ٿا. سرن جو وچور هن ريت آهي:سر يمن ڪلياڻ، سر سريراڳ، سر سهڻي، سر سارنگ، سر ڪيڏارو، سر سسئي آبري، سر معذوري، سر ڪوهياري، سر مومل راڻو، سر رامڪلي، سر ليال چنيسر ۽

ئي. مزيد سر سسئي ۾ ٽيهه اکري ۽ ٻيو ڌناسري سر مار اچي وڃن ٿا.

راضي فقير جي ڪالم جو وڏو حصو ڀٽ ڌڻي ڀالري جي

Page 27: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 27

ڪالم سان ايتري قدر ته مماثلت رکي ٿو جو جيڪڏهن پڙهندڙن جي آڏو بنا ٻڌائڻ جي راضي فقير جا بيت پيش ڪجن ته هو اهي بيت ڀٽ ڌڻيء جا ڀائيندا. ثابتي طور هتي

مثال پيش ڪجن ٿا جن مان معلوم ٿيندو ته راضي اهڙا چندفقير جي فڪر تي ڀٽائي سرڪار جو ڪالم ڪيترو ڇانيل

آهي. شاهه سائين جي سر ڪلياڻ جو شعر آهي

جوڙي جوڙ جهان جي جڏهن جوڙيائين خاوند خاص خلقي، محمد مڪائين ڪلمو تنهن ڪريم تي، چٽو چيائين انا موالڪ وانت محبوبي، ائين اتائين

ڏکي ڏنائين، ٻئي سرائون سيد کي

راضي فقير پنهنجي رسالي جي سر يمن ڪلياڻ ۾ داستان پهريون جي ٽين بيت ۾ لکي ٿو:

جوڙي جوڙ جهان جي پاڻ ڪيائين پسند

)ملسو هيلع هللا ىلص(خاوند خاص خلقيو موچارو محمد

Page 28: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 28

چيو صمدصحي بيانا مولک و انت محبو ان جيراهه وٺائي رند، جوڙيائين جوڙ جه

ڀٽ ڌڻي جو ساڳي سر ۾ هڪ بيت هن ريت آهي

وحده ال شريڪ لہ ايء وهائج ويء کٽين جي هارائين، هنڌ تنهنجو هيء پاڻان چوندء پيء، ڀري جام جنت جو

راضي درويش ساڳي سر ۾ فرمايو آهي:

وحده الشريڪ لہ واحد وهائج وٽ کٽين جي هارائين ته هي تنهنجو هٽ

پٽ، ڀري جام جنت جو.پرين ڏيندء

لطيف سرڪار جو هڪ بيت آهي

وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻي م ڀل

Page 29: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 29

هو هالچو هل، باهلل سندو سڄڻين

راضي فقير ساڳي خيال کي هن رنگ ۾ پيش ڪيو

وحدتا ڪثرة ٿي وحدت ڪثرت ڪم حق حقيقي هيڪڙو ٻيا وڃائي سڀ وهم

ڄڻينباهلل سندو سهو هالچو هم،

ڀٽ ڌڻيء جو بيت آهي:

عاشق عزازيل، ٻيا مڙيئي سڌڙيا منجهان سڪ سبيل، لعنتي لعل ٿيو

راضي درويش پڻ سر يمن ڪلياڻ جي داستان ڇهين جي

( ۾ فقط چند لفظن جي تبديليء سان لکيو آهي 2بيت )

عاشق ابليس، ٻيا مڙيئي سڌڙيا منجهان خام خبيث، لعنتي لعل ٿيو

Page 30: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 31

مٺ مان خرار پرکڻ جي مصداق مون هتي فقط هڪڙي سر يمن ڪلياڻ مان ڪجھ بيت مثال طور پڙهندڙن آڏو پيش ڪيا آهن جن مان قاري کي مماثلت جو گهرو رنگ

نظر ايندو.روحاني رمزن “ راضي فقيرجو رسالو” منهنجي نظر ۾

جو ڀنڊار آهي. جيڪو لڳ ڀڳ مني صدي اڳ راضي لکي تيار ڪيو. خبر ناهي هن وقت فقيرجي فقير گل محمد

تائين اهڙي خوبصورت تخليق قدردانن جي نظر کان ڪيئن اوجهل رهي آهي ۽ شايع ٿيڻ کان ڇو رهجي وئي آهي. هن قحط الرجال واري دور ۾ اها ضرور شايع ٿيڻ کپي. ان سان راضي فقير جي محبت ڀري محنت ضرور رنگ الئيندي ۽

ئيندا.اهل ادب ان مان ضرور الڀ پرا

“شاد”پروفيسر بشير احمد

الڙڪاڻو

Page 31: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 31

مرتب جو اظهار خيال

منهنجي مهربان محترم عبدالعليم ڪلهوڙي صاحب راضي فقير جي رسالي جا ٻه ماخذ ڏنا اهي ٻيئي ماخذ،اصل ي ۾هڪ ڪاتب جي لکت کي ٻي ڪاتب جدا ڪتاب تي اتار

ڇڏيو هيو. ڇاڪاڻ ته راضي فقير جي پهرين سوانح نگار فقير گل محمد پهرين ڪتابت ٽن جدا جدا بوڪن تي ڪئي

هئي.رسالي ۾ لکيل بيتن کي ترتيب ڏيڻ وقت اهو خيال

دل ۾ آيو ته هر هڪ داستان کي الڳ الڳ جاء ڏجي. هر هڪ داستان کي نئين پني تي آڻجي.

کان پوء داستان ٻيون ۽ رسالي ۾ داستان اول لکڻ ٽيون لکيل هيو جيڪو ادبي اعتبار کان درست نه آهي اول

لفظ کي “ اول”کان دوئم ۽ سوئم لکبو آهي تنهنڪري بدالئي اتي .پهريون، لکيو ويو آهي.

سر سسئي ۾ ابري، معذوري ۽ ڪوهياري لکيل آهي لفظ ابري اصل ۾ لفظ اڀري آهي يعني ڪمزور تنهنڪري

Page 32: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 32

لفظ آيو آهي اتي اڀري ڪري لکيو اٿم.جتي به ابري رسالي ۾ لفظ ماروي آهي جيڪو اصل ۾ ماروئي

آهي لفظ ماروي کي بدالئي اتي ماروئي لکيو ويو آهي.بيتن کان واين يا ڪافين کي الڳ الڳ لکيو ويو

آهي.هڪ ئي پني تي بيت ۽ ڪافي ڪن ڪن رسالن يا

آهن.ڪتابن ۾لکيل هوندا آهن سي درست نه هوندا راضي فقير جي رسالي ۾ جيڪي بيت لکيل آهن ڪوشش ڪري انهن بيتن کي ان حالت ۾ لکيو ويو آهي. ڪا خاص تبديلي نه آندي ويئي آهي. تبديلي آڻڻ سان مقصد

فوت ٿي ويندو آهي.ڪي بيت اهڙا آهن جيڪي ماڻهن کي چيڙائيندا ۽ ناراض ڪندا پر جئن ته پهرين سوانح نگار لکيو آهي ته

ن ۽ مولوين اهي بيت ڪڍي ڇڏيا جيڪي اعتراض عالم جوڳا هئا.

اڃابه ڪي اعتراض جوڳا بيت آهن مگر پهرين سوانح نگار لکيو آهي مولوين سڀ اعتراض جوڳا بيت ڪڍي ڇڏيا

هه ۾ ترتيب ڏنو ويو آهي 2991۽ هاڻ نئين سر رسالو سال تنهنڪري جيڪي بيت رسالي ۾ لکيل آهن سي سمورا

Page 33: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 33

هندڙن جي خدمت ۾ حاضر ڪجن ٿا.بيت شايع ڪرائي پڙ

خادم العلم غالم رسول قاضي

اسسٽنٽ پروفيسر

گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ميرپور

ماٿيلو

0300-3193769

0334-2590759

Page 34: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 34

سر يمن ڪلياڻ

داستان پهريون(2)

اول چئو اهلل اعلي , پوء ڪر قصو قرب جو هادي سڀني هيڪڙو، ملڪ ڌڻي مولي

ني جا ڪيا صاحب ڪم سوالمالڪ مڙ قادر جي قوال، جڙي جوڙ جهان جي

(1)

لڳي مشاهدو ملڪ جو خاوند ڪيو خيال جوڙي جوڙ جهان جي ٿيو راضي رب جالل

جي سنڀال، منهنجو ساهه سڌير ڪيو سڄڻ تنهن

Page 35: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 35

(9)

جوڙي جوڙ جهان جي پاڻ ڪيائين پسند )ملسو هيلع هللا ىلص(خاوند خاص خلقيو موچارو محمد

صحي چيو صمد یو انت محبوب انا موالک راهه وٺائي رند، جوڙيائين جوڙ جهان جي.

(9)

بندا هن بر ۾ ويسارو ٿي نه ويهه ماڳ تنهنجو مهند ٿيو هي پرائو ڏيهه

ت ساڻيهه، رک محبت انهيء ملڪ جيسدا ج

(1) موڳا هن ملڪ ۾ تون غافل ٿي نه گذار ارماڳ تنهنجو مهند ٿيو هي فاني سڀ سنس

جتي قاضي رب قهار،اتي شل ڪاڻياري ڪانه ٿئي.

Page 36: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 36

(9) جيڏو تون خاوند اوڏو آسرو آهه، ڪانهي مون ڪميڻي کي واحد توري واهه

ين اهلل، ٻي ڪنڌي ساريان ڪانه ڪااجهو آه

(2) صمد، صاحب، ڌڻي، احد چوندو اچ پڙهي فرض واجب سنتون راهه وٺي تون رچ ننگا پنهنجي نفس کي سدا سڻائج سچ توبهه ڪر تاڪيد سان, ڪوڙ ڪڍي سڀ ڪچ صحي سپيريان جي ڳالهه تي، پتنگ وانگر پچ محبت جي ميدان ۾ نسنگ ٿي تون نچ سندو دوزخ مچ، تو اوڏو ئي نه اچي.

(1)

صمد صاحب ڌڻي تواب توڙئون رهيو تن سڃاتو سبحان کي ڪن کان ڏيئي ڪن مڃيم محمد ڪارڻي محبت رکي من

س حوالي حق جي.ٻيائي ڏيئي ٻن، ٿي

Page 37: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 37

(3)

صمد صاحب ڌڻي, وائي وهائج وير کٽين جي هارائين متان ٿئين دلگير ال تقنطوا من رحمة اهلل سڀيئي لنگهندا سير سچو سخن سبحان جو سڻين ٿيو سڌير جن سان محمد مير، تن کي ڪانه باک بهير ۾.

(20)

وحده الشريڪ لہ واحد وهائج وٽ هنجو هٽکٽين جي هارائين ته هي تن

پرين ڏيندء پٽ، ڀري جام جنت جو.

(22) وحده ال شريڪ لہ , جن اتو ڏينهن ازل تن مڃيو محمد ڪارڻي مٺو مير مرسل ان تان خوف خلل، موال مڙيئي معاف ڪيا.

Page 38: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 38

(21)

وحدو الشريڪ لہ جڏهن وائي واريائون تڏهين ڪلمي سان ڪفر جي، ٻيائي ٻاريائون

د ڪارڻي.مدعي ماريائون، مڃي محم

(29) وحده جي وڍيا, سي ڪن اهلل ڏي آر هنيون حقيقت گڏيو طريقت رکن تار معرفت جي ميدان ۾ ڏورين در ڏاتار سک نه ستا ڪڏهين ساري سڀ ڄمار وحدت وارو وار، اصل ڪم عاشقن جو.

(29)

وحد تان ڪثرت ٿي, ڪثرت وحدة ڪار حق حقيقي هيڪڙو ٻيا وڃائج ويچار

ار، رک سدائين روح ۾.هو هالچو هر و

Page 39: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 39

(21) وحدتا ڪثرة ٿي، وحدت ڪثرت ڪم حق حقيقي هيڪڙو ٻيا وڃائي سڀ وهم هو هالچو هم، باهلل سندو سڄڻين.

(29)

تون چئو اهلل هيڪڙو ٻوڙا ٻيو نه ڄاڻ پرور چيو پاڻ“ وحده ال شريڪ لہ”

او تان تو ئي ساڻ، سڄڻ ساهه پساهه ۾.

(22) ي ٻي م ڌارتون چئو اهلل هيڪڙو ٻول

پرين ڪر پچار لديو ولم يلدلم ته ڏيهه ڌڻي ڏاتار، رهي تنهن جي روح ۾.

(21)

وحده ال شريڪ لہ جن پرتئون چيو پاڻ تن مڃيو محمد ڪارڻي هيجئون هنئين ساڻ ان تان قادر الٿي ڪاڻ، ابتڙ سي نه اوليا.

Page 40: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 41

(23) وحده ال شريڪ لہ اي پروڙج پنڌ

ئين هيء تنهنجو هنڌکٽين جي هارا مهندان ڏيندء منڌ، ڀري جام جنت جو.

(10)

ڌڻي اتو جن اصل صاحب صمد تن مڃيو محمد ڪارڻي اهي آگي ڪيا امل ان تان ڀلي الٿي ڀل، ابتڙ سي نه اوليا.

(12)

ڌڻي اتو جن الست صاحب صمد تن مڃيو محمد ڪارڻي سي ٿيا محبت ۾ مست

سي نه اوليا.ان جي پرور رکي پت، ابتڙ

Page 41: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 41

(11) وحده الشريڪ لہ، جن ڏٺو ڏينهن ميثاق تن وسائي وجود تي سدا محبت ماڪ پرور ڌڻي پاڪ، مڃيائون محمد ڪارڻي.

(19)

جن مڃيو محمد ڪارڻي سي ستڙ ويا سچار راتو ڏينهان روح ۾ ڪن پرين جي پچار تن مان واحد سڀ ويچار، قادر ڪل ڪڍي ڇڏيا.

(19)

ڇڏيا نسورا نور ٿيا قادر ڪل ڪڍي سچن سور ويا حزنونی ھم وال ھم یال خوف عل

ولي معمورڪيا، انگ انهن جا ازل ۾م

(11) سگهن سڌ نه سور جي، ڪن رويو رنجوري رنگ پيل پاسو پٽ تي پچن جيئن پتنگ وحدت جي ونگ، ڪيا لعل لشاري چئي.

Page 42: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 42

(19)

سگهن سڌ نه سور جي، اگهن ڇا آچار يل پاسو پٽ تي ڪن وصل جو ويچارپ

پرين جي پچار، رهجي وين روح ۾.

(12) سگهن سڌ نه سور جي اگهن ڇا احوال پيل پاسو پٽ تي گهرن واحد جو وصال جانب جي جمال، ڪيا لعل لشاري چوي.

(11)

سگهن سڌ نه سور جي رڻڪن رنجوري رجال پيل پاسو پٽ تي مجذوبن مثال

ر وهائين جاللڳين لوهه لشاري چئي ج جانب جي جمال، ڪيا مست ميدان ۾.

Page 43: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 43

(13)

نابودي نهال، عبد کي اعلي ڪيو مورت ۾ مخفي پيا صورت ۾ سال ڪبي ڪيهي ڳال، پريان سندي پار جي

Page 44: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 44

داستان ٻيون

(2)

تون شافي تون ڪافي، تون سڻ درد جون دانهون جانب منهنجي جيء ۾ آزار جون آهون

، ميان مريضن جون.واحد ڪر واهون

(1) تون شافي تون ڪافي، تون ڊٺن ڪرين ڊول ڏئين تون الهئين تون قادر تنهنجو قول ٻاجهارو ڪر ٻول، مولي مريضن سين.

(9)

تون شافي تون ڪافي تون دردن ڪرين دم ڏئين تون الهين تون قادر تنهنجو ڪم هي وڏو مون وهم، جو واريو ويڄ وهارئين.

Page 45: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 45

(9)

تون ڪافي، تون دردن ڪرين ڌرمتون شافي ڏين تون الهين تون قادر تنهنجو ڪرم ڀال ڪر ڀرم، ته آجي ٿيان آزار کان.

(1)

دارون منهنجي دردن جا ڪيا طبيبن تيار دوا منهن جي دل کي پرين جي پچار هي وڏو مون ويچار، جو واريو ويڄ وهارئين.

(9)

ڪيا حڪيمن هزار، دارون منهنجي درد جا و ديدار، دوا منهنجي دل کي.دوست ج

(2)

ديدار ڪر دلبر جو ڪعبي وڃين ڪوهه ٻيو مڙيئي ڏوهه، ڌاران پسڻ پرينء جي.

Page 46: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 46

(1)

عاشقن عالج، پسڻ آهي پرينء جو تن الء مدامي معراج، جي ڏسن منهن محبوب جو.

(3)

محبوب محمد ڪريم، ٻيو مڙيئي مجاز نوراني نماز، پسڻ آهي پرين جو.

(20)

طبيبن تات، هڏ نه وڻي هاڻ مون دوا منهنجي دل کي وحدت وائي وات توڙي ڪهن ڪات، ته به هجان در حبيب جي.

(22)

حبيبن هيڪار، هنئي ناؤڪ نينهن جي طبيبن تنوار، وڄا وڃي وسري.

Page 47: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 47

(21) برهه رکجي بي پرواهه سان، جو مورهئون ڏي نه مان و.ڪوڙئين هڻي ڪان، ته به در نه مٽجي دوست ج

(29)

اسرافيل اکين ۾ توکي قهري ڪات ساجن انهي سونهن سين ڪٺيئه سڀ جماعت

ڪيو ٻي وائي ڪرنه وات، تنهنجي پهرئين ئي پورو (29)

عزرائيل اکين ۾ توکي قهري ڪان ساجن انهيء سونهن سين ڪٺيئه ڪل جهان

ٻيو مارج مان نه، تنهنجي پهرئين پورو ڪيو.

(21) کين ڪيو اوقاتحملو ڪري حق جو ا

ڪهن ريء ڪات، اچيو عاشقن کي.

Page 48: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 48

(29)

ڪري شوق شڪار جو اکيون ٿيون اثبات گهورن سين گهات، اچيو ڪن عاشقن کي.

(22)

هڻ حبيب هٿ کڻي، ٿئي ڪم ٿورو ڪر دوست تنهنجي در، مران تان مان لهان.

(21)

هڻ حبيب هٿ کڻي تکا ڀري تير نظيرمون هوند منهن ٿئي ڪريان نت

پرين تنهنجي تڪبير، ڪسان تان قربان ٿيان.

(23) تارا آهن تير، نيزا نيڻ پرين جا وجهن ٿا تڪبير، سانگو نه رکن ساهه جو.

Page 49: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 49

(10) ڪنز قدوري قافيہ جي پڙهي پروڙين ڪل ته به حقيقت جو هل، ٿئي نه پسڻ ڌاران پرينء جي.

(12)

ڪنز قدوري قافيہ ڪين پروڙيم ڪال و حال، ٿيو پسڻ منجهان پرينء جي.حقيقت ج

(11)

ملن مطالعو ڪنز قدور، مون مطالعو سپرين پڙهان سوئي پور، جنهن ۾ ورق وصال جو.

(19)

سا سٽ نه سمجهائين، جنهن مان پسڻ پرينء کي ماريو منجھائين، اڀاڳا اکرن ۾.

(19)

ڪنز قدوري قافيہ، ڪيو طالبن طب ڙهڻ ئي وچان ٻيو.جنهن مان ريجهي رب، سو پ

Page 50: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 51

داستان ٽيون

(2)

ڪنز قدوري قافيہ، موڳن رکيو من طالب المولي مذڪر توڙؤن رهيو تن

کان ڏيئي ڪن،سچن سڃاتو صاحب کي ڪن

(1) روزا ۽ نمازون اي پڻ چڱي چال اوء ڪا ڳجهي ڳال، جنهن سان پسجي پرين کي.

(9)

ڪاتب ڪڄاڙي الء ڪرين مٿي پنن پيهه ويهه، ته به اکر اهو ئي الف جو. ورق ورائين

(9)

ڪاتب ڪڄاڙي الء ڪرين مٿي پنن پور جي تو نظر نور، ته بسم اهلل ئي بس آهي.

Page 51: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 51

(1)

هاري وجهه هنئين تي الف جي اوٽ ٽ، ته بسم اهلل ئي بس آهي.وڪتابن پڙهين ڪ

(9)

ڪاتب ڪڄاڙي الء ڪرين اکرن آر .وارين ورق هزار، ته به اکر اهوئي الف جو

(2)

هاري وجھ هنئين تي الف جي آر ڪتابن ۾ ڪار، بسم اهلل ئي بس آهي.

(1)

اکر پڙهه الف جو ڪنز قدوري سٽ ن خودي وڃائي کٽيان اهلل مع الصابر

ويهه تني وٽ، جي سڃاڻن صاحب کي.

Page 52: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 52

(3)

جي نه سڃاڻن صاحب کي، هل تنين کان هير پڌر وڃائي پير، اٿي پس پرينء کي.

(20)

پرين ڏي پير، ستين تون سنوان ڪري وڌء وڏو وير، ساڃاهه نه ٿيئي سپرين جي.

(22)

طالب مطلوبن جي، جھلي ويهه ڳلي ٻڪي ڏيندء ٻاجهه جي منجهان حب هلي مٿي ڇٽ ڇلي، پس پنهنجا سپرين.

(21)

طالب مطلوبن ريء وتي ويڳاڻو پسڻ نه ٿئيس پرينء جو گهمي ڪوماڻو

حبوبن جو ماڻو، رسڻ راحت ڀانئيانم

Page 53: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 53

(29) رسڻ رحم پرينء جو، پرچڻ ڀانئج پيار الهي لوڪ ميار، ٿيء حوالي حق جي.

(29)

عاشقن ڏينهن ازل جي مردن ڪيو معراج روز ميثاق جي توڙئون پائي تاج“ راضي”

حاصل تن هاج، جن صحي سڃاتو سپرين.

(21) آهي انسانن تي، فرض فرقاني

عجيب جو اٿوقرض قرآني وٺو امر سجدا سبحاني، لکيا لوح محفوظ ۾.

(29)

سجدو سبحان کي مون ميثاقان مهند ڪيو پرينء جي پسڻ جو پرو مون پيو راضيء کي راهه ۾ رهبر رب ٿيو وچان وير ويو، ملڻ سان محبوب جي.

Page 54: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 54

(22)

جهڙي طبيعت طفل جي تهڙو عاشقن ارواح اڻ نه ڪڍن ڪنهن جيٻئي بانڪا گهمن بي پرواهه،ڪ

(21)

ديد اڙائي ديد سان ڪئي عاشقن عيد شهنشاهه شهيد، راضي روء زمين تي.

(23)

عاشق ڪن عيد سدائين سوريء تي درس اڙائي ديد، چڙهيا نيزي نينهن جي.

(10)

سوريء ٿيو سڏ ڪا هلندي جيڏيون جيء جسو ۽ هڏ، ڏينديون ڏيڻ واريون.

Page 55: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 55

(12) اصل عاشقن جو سوريء آهي سوال،

اهلل صاحب ڪر سنڀال ة ال تقنطوا من رحم قربئون چڙهيا ڪال، محبت جي ميدان ۾.

(11)

سوري آهه ثواب، اصل عاشقن کي ڪسي ٿيا ڪباب، پسڻ خاطر پرينء جي.

(19)

سوري آهي سڪ، اصل عاشقن جي توڙئون ڏيئي تڪ، آيا محبت جي ميدان ۾.

(19) ، اصل عاشقن جيسوري آهي سوڀ

اللچ ڇڏي لوڀ، پسڻ ويا پرينء کي.

Page 56: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 56

(11)

سوري آهي سونهن، اصل عاشقن جي ويا الء ورونهن، محبت جي ميدان ۾.

(19)

سوري آهي سن، اصل عاشقن جو ويا خاطر ون، محبت جي ميدان ۾.

ڪافي

ڏس عشق جو ايمان يڪي لڙي ٿو جهان سان

سامان نه دولت نه دٻدٻو نڪي سواري کڻي هڻي نعرو حق جو مانجهي ملهائي ميدان برهه باري بار مٿي تي کنيو زير و زبر آسمان راضي روشن روء زمين ۾ سورهه سخي سلطان

Page 57: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 57

داستان چوٿون

(2) اصل عاشقن جا، سوريء چڙهيا سنڌ هاديء پسي هنڌ، آيا محبت جي ميدان ۾.

(1)

سوريء سڀ ڄمار، پسڻ آهي پرين جو آڌار، آهي نام اهلل جو.عاشقن

(9)

سوريء آهي سچ، اصل عاشقن کي محبت ٻاري مچ، پسڻ ويا پرين کي.

(9)

هادي پنهنجي هٿ سان، مونکي سوري ڏئين سڀ ته ڪر راضي ٿيو رب، جانب منهنجي جيء تي.

Page 58: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 58

(1)

سوري آهي سک، اصل عاشقن جو ڏٺي لهن ڏک,پسڻ سان پرينء جي.

(9) اهه، نه ته وٺ واٽڪپيو هجين ته ڪ

ٽڪڻ چيرڻ چچرڻ، رمز رندن جي راهه اول سسي الهه، پوء پڇج پرينء جو.

(2)

وڍيو هجين ته واهه،نه ته وٺ واٽ گھر جي ڏين سر سبيل ۾، عاشقن عادت آهه

جي جاهه، جن کي قهري ڪات هٿن ۾ هيء تني

(1) ڪاتيء ڪٺا ڪين پر الفت کڻي اڌ ڪيا

ي نزديڪ ٿياعاشق اجل کي نيه وحدت منجھ ويا، پسڻ خاطر پرينء جي.

Page 59: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 59

(3) ڪاتيء ڪٺا ڪين، پر عشق ڪيا اڌ

ڪوريو ڏين ڪنڌ “ل اهلل يسب ي جاھدون ف ي” وحدت جي وصال جا رسيو وٺن رند پڇائي پرين پنڌ، آيا محبت جي ميدان ۾.

(20)

تنگ چائين پاڻ کي، مچ ڏسي م مڙپ يئي تون گھڙڄيري جي ڄڀيء ۾ گهور ڏ

پسڻ خاطر پرينء جي ٿيء پرزا مٿي پڙ وحدت وٺي وڙ، آگ نه ڏي عام کي.

(22)

عشق سدائين آڳ جو پتنگن ڪيو پسند راهه وٺي رند، کاڻا کوري وچ ۾.

(21)

پتنگن پنڌ آهي اڳيئي آڳ جو قربئون ڏيئي ڪنڌ، کاڻا کوري وچ ۾.

Page 60: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 61

(29)

پتنگن پياس، آهي الستي آڳ جي ه قياس، کاڻا کوري وچ ۾.ڪيائون ڪون

(29)

پتنگ پيار، آهي ازلي آڳ جو الهي مچ ميار، کاڻا کوري وچ ۾.

(21)

پتنگن پچار، آهي اصل آڳ جي ڏيئي سر سچار، کاڻا کوري وچ ۾.

(29)

پتنگن پروڙ، آهي سدائين آڳ جي منجهان ذوق ضرور، مڙي آيا مچ تي

Page 61: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 61

(22)

پري پتنگ آئيا، سورهيه سرويچ اڙائي پيچ، اچي پيا آڳ ۾. پختا

(21) پتنگهن کان پري، بيحد باهه ڀڄي وڃي ويسهه ڪونه ڪري، ان الٽيء ڳالهه تي.

(23)

سر ڳوليان ڌڙ نه لهان ڌڙ ڳوليان سر ناهه سنڀال هٿ ڪرايون آڱريون ويا ڪانهن ڪپجي ڪال وحدت جي وصال، جي ويا سي وڍيا.

(10)

ليان هڏ ناهي هيءسر ڳوليان ته ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڳو قلم قسمت جا ويا ذوقئون ڪپجي زيء وحدت وڏو ويء، جن پيتو سي پر ٿيا.

Page 62: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 62

(12)

پاڻهي پسي پاڻ کي پاڻهي رب رحمان پاڻهي پير مريد ڪري پاڻهي ملڪ منان ڌري ڏس ڌيان، ته منجهان تو معلوم ٿئي.

(11)

پاڻهي مالڪ ملڪ جو، پاڻهي بادشاهه بحال ڪري پاڻهي سر سنڀال پاڻهي پير مريد

ڳجھ مڙيائي ڳال، منجھان ئي معلوم ٿئي.

(19) پاڻهي پسي پاڻ کي پاڻهي پاڻ مالڪ پاڻهي خلقي خالق، پاڻ طالب تن جو.

Page 63: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 63

داستان پنجون(2)

عشق جي اسرار جي، پر ۾ ڪيائون پچار آخر والعصر جو ڪيو عجيبن اظهار تنهان پوء تيار، دانهيان ٿي ديدار الء.

(1)

دانهين ڇو ديدار الء، ڪرين ڇو نه ديدار ٻيادر تن مردار، هيء در جن ديکيو.

(9)

صحبت صالحن جي، آهي اندر اجار من مليو ماه ڪن جيئن، الهي ڪٽ قلعي دار تن وٽ سڀ ڄمار، گذارجي گولو ٿي.

Page 64: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 64

(9) صحبت صالحن جي, آهي ناالئقن نواز ڪري عاشق آڳ جو، جهڙو بحري باز

ي شهباز، ٿي رسيو رحمان سين.شتاب (1)

جو ئي راهون رد ڪري سوئي رهبر آهي رقيب و تعز من تشاء و تذل من تشاء هاليو حبيب هادي آهي حبيب، هميشه هڪل ۾.

(9)

اڻسترڪ ڪيائون ترڪ کي سگهو سچائي پرين پسايو پاڻ، پردا سڀ پاسي ڪري.

(2)

باري بيشمارڪوڙئين قدرتون تنهجون لکڻ ليکو نه ٿئي ڪري ڪونه شمار پرين تنهنجي پچار، ڇا ٻڌايان ٻين کي؟

Page 65: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 65

(1)

سڌڙيا شراب جي، ڪن ڪوهه پچار ڪات ڪاللن ڪڍيا ڀڄي ٿيا بيزار پڪ تني کي پيار، سر جني جا سٽ ۾.

(3)

عاشق اصل اڻ موٽ، وهه ڏسي وهسن گهڻو ڪڙي ڪيف ڪثير کي پين پر سدائين پالوٽ

چوي رکن روز رموٽ“ لشاري”ڳن لؤن ل توڙي چڪن چوٽ، ته به آهه نه سلين عام کي.

(20)

عاشق ٿيا اڻ جهل، وهه ڏسي وهسن گهڻو ڪڙي ۽ قاتل کي پين سدائين پل

چئي، جوش وهائين جل“ لشاري”لڳين لؤن درد منجهن دل، انت نه ڏين عام کي.

Page 66: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 66

(22)

عاشق ٿيا اڻ ٽر، وهه ڏسي وهسن گهڻو چئي جوش وهائن جر“ لشاري”لڳين لون

ه سقر، ته به آهه نه سلين عام کيتوڙي سڙن منجه

(21) عاشقن آسائش، ڪڏهن تان ڪانه ڪئي اندر ڪشمڪش، ويچارن واحد جي.

(29)

عاشق اوچي ذات، وهه ڏسي وهسن گهڻو ڪڙي ڪيف ڪثير جي، ڪن وائي سدائين وات

اعتقات*رکيائون رحمان تي الستي ائون پريت مان رئڻ جي رڪعاتپڙهي

ٻڌن ڪين ٻانگ کي، نڪا جوڙ جماعت ، ريڌا وتن رمز ۾.حڪات*چيو حق

Page 67: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 67

(29) محمدي ميدان ۾، ٿي حيدر ڪيم هل ڪٽي ڪوٽ ڪفر جا، قبضي ڪيم ڪل آهيان پاڻ امل، هنيم نعرا حق جا.

(21)

محبت جي ميدان ۾ غازي ٿيا گڏ عاشق اجل کي، ڪن سدائين سڏ

سم ۽ هڏ، رند اڇلين راهه ۾جيء ج

(29) محبت جي ميدان ۾ نڪري ٿيء نروار جھلي نيزا نينهن جا، عاشق ٿي اظهار توڙي ڪن سنگسار، ته به ٻڌائج ڪين ٻين کي.

(22)

محبت جي ميدان ۾ ٿيء عاشق عملدار جھلج نيزا نينهن جا ساري سڀ ڄمار توڙي ڪن قتل جي ڪار،ته به ٻڌائج ڪين ٻين کي.

Page 68: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 68

(21)

محبت جي ميدان ۾ طالب ڇڏ سڀ تانگ چڙهه سوريء سپيريان جي لعل ورائي النگ ٻي ٻڌج نه ٻانگ، سواء هاديء هيڪڙي.

(23)

محبت جي ميدان ۾، وڍڻ وائي وات وحدت جي وصال ۾ وڃي ٿيء وفات

چئي پڙهيا لؤن سٻاجهي الت“ لشاري”الهي سر آهي اڏي ۽ ڪات، سدائين سر عاشقن جي.

(10)

سدائين سر جي صادق سخا ڪن الهيو لحم لڱن تان، وڍيو ڏيهه ڏين راضي روز ڪسن، عاشق در اهلل جي.

Page 69: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 69

(12)

محبت جي ميدان ۾ ڪر ڪسڻ جو ڪم راضي انهي راهه ۾ قربئون ڌر قدم ته دوست تو کان دم، پرين پاسي نه ٿيئي.

(11)

محبت جي ميدان ۾ عاشق ڪيو امارو ري واروڪاهي پيا ڪٽڪ ۾ وير ڪ

نت هڻي نعرو، آيا محبت جي ميدان ۾.

(19) محبت جي ميدان ۾ عاشقن آچار

چئي، ڪن پرينء جي پچار“ لشاري”لڳين لئون توڙي سڙن سڀ ڄمار ته به آهه نه سلن عام کي.

Page 70: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 71

(19)

جنهن عاشق مٿي دم، سو دعوي نه ڪري دوست جي سائو منهن سونهن وئي لڱن ناهي لحم

، مٿي سر سودا ڪري.وڃائي سڀ وهم

(11) هئي هئي وهي هل، من ۾ محبوبن الء جيرا جوش جاليا ڪڙهي ويا ڪل عاشق ٿيا امل، ڏيئي سر سبيل ۾.

(19)

منهن ۾ موسي جهڙو اندر ۾ عزازيل دوئيء جو دليل، ڪڍي ڪوهه نه ڇڏئين.

Page 71: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 71

داستان ڇهون(2)

عاشق ابليس، ٻيا سڀيئي سڌڙيا ث، لعنتي لعل ٿيو.منجهان خام خبي

(1)

قرآن جن جي قلب ۾، پوٿي ٿا پڙهن سقر منجھ سڙن، ٻڌا جي ٻن سان.

(9)

اوڏو نه وڃ آء کي، مون نه رکج من ڪنبي ڪجانء ڪن، عاشق انهي اکر کي.

(9)

ٿڙ جھلي ٿا هر ڪر ناحق ڏور م ڏار لڳيئه لڙهه المن سان، اوڳا اٿئي آزار

۾ عالم آسرو.سو ئي صاحب سار، جنهن

Page 72: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 72

(1)

حبيبن هڪل، منجهان ئي مهر ڪئي سا مون ياد پئي، ميثاقي من ۾.

(9)

منجھان مهر ڪئي، حبيبن هڪل توڙئون جي توڪل، رهي آهي روح ۾.

(2)

“ج”ڪي، سا ئي صورت“ ح”سا ئي صورت “ح”ڪي “ ح”اوپر نقطه دور ڪرو ته رهي

(1)

صوفي سير سڀن ۾، جيئن رڳن ۾ روح ميدان ۾ پسي سنجھ صبوح محبت جي

توڙي لڳي لوهه، ته به انت نه ڏجي عام کي.

Page 73: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 73

(3)

صوفي سير سڀن ۾، جيئن جيء اندر جيرا ويهي ڪل وجود ۾ درس ڪري ديرا صوفيء سويرا، اڏيا تڪيا تن ۾.

(20)

صوفي سير سڀن ۾ جيئن رڳن ۾ رت پيو پسي پاڻ ۾ اٺئي پهر عبرت

ين سهائي صوفئين.جا ماڻهن منجھائي مت، سا سنئ

(22) صوفي سير سڀن ۾ جيئن جسي جا وار وهي ڪل وجود ۾ ساري سڀ ڄمار پرين پسي پار، ٻڌائي ڪين ٻين کي.

(21)

من مڙهي تن حجرو ڪين چاليها ڌر موتوا قبل ان تموتو قلب سدائين ڪر جيڏانهن ڪريان نظر، تيڏانهن صاحب سامهون.

Page 74: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 74

(29)

نه چاليهه، جهڙو پسڻ پرينء جو تهڙا چاليها جانب سداء جي ن اال ھو ي الدار یال مقصود ف

وحدت جي ويء، جن پيتو سي پر ٿيا.

(29) من مڙهي تن طلب ڪيم چاليها رک وحدت جي وصال جي چاش سدائين چک جيڏانهن ڪريان اک، تيڏانهن سڄڻ سامهون.

(21)

هي شڪور شاهدهادي منهن جي حال جو، آ وسيلو واحد، ورتو راضي روز ميثاق جي.

(29)

قادر بنا ٻيو ڪم، ڪريان تان ڪافر ٿيان دوست سدا منجھ دم، راضي رکيم روح ۾.

Page 75: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 75

(22)

طالب ڪثر سونهن سر ايء روميء جو رنگ جن ديکيو دنگ، تن به ڪڇيو ڪين ڪي.

(21)

طالب ڪثر سونهن سر ايء روميء جي رات تي ذات، تن به ڪڇيو ڪين ڪي.جن سڃا

(23)

اجھي عاشق آيا، مدامي مئي پياڪ ڏيئي سر سبيل ۾ چڙهيا بهادر بوراق چوڏهن طبق چاق، لحظي ۾ لنگهي ويا.

(10)

اجھي عاشق آيا مئي پياڪ منير ڏيئي سر سبيل ۾ صادق ٿيا سڌير اٺئي پهر اڪير، ڪوپن کي ڪالل جي.

Page 76: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 76

(12)

موالي اجھي عاشق آيا مئي پياڪ ڏيئي سر سبيل ۾ پيئن سرڪ سنوالي ڪوپا ڪاللي، گهمن مست ميدان ۾.

(11)

اجهي عاشق آيا، ڪوپا ڪيهر شينهن وسائيندا وجود تي سندا محبت مينهن پاڻي پياري نينهن، راول گڏيندا رڪ سين.

(19)

اجھي عاشق آيا ڪوپا ساهي ڪر مٿان الهي مر، راوت گڏيندا راز سين.

(19)

عاشق آيا ڪوپا ڪاللياجهي جوڙي جاللي، تيغون ڪندا تکيون.

Page 77: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 77

(11) اجهي عاشق آيا ڪوپا ڪل ذات هڻي سر روات، تيغون ڪندا تکيون.

(19)

اجهي عاشق آيا صوبا صلحدار ڪري آڳ تيار، تيغون ڪندا تکيون.

(12)

اجهي عاشق آيا ڪوپا ڪالوت رڪ وجهي راوت، تيغون ڪندا تکيون.

(11)

آيا ڪوپا ڪل ڪاملاجھي عاشق رڪ ڪري شامل، تيغان ڪندا تکيون.

(13)

عشق نه اهڙي بات جو جيئن کيڏن ڳڀرو سسي پاسي ڪات، اڇل ته اڌ ٿئي.

Page 78: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 78

(90)

عشق نه اهڙي ڳال، جو سڀڪو سڌ ڪري ڪنڌ پاسي ڪالل، اڇل ته ٻه اڌ ٿئي.

(92)

الئق جنهن کي لقب ڏنو، خاوند خوب خواجا ء زمين ۾.رئيس ٿيو راجا، راضي رو

Page 79: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 79

)ڪافي(

من مثنوي، هڏ حافظ ديوان، لڱ عبداللطيف روح راضي، چار ئي يڪ چولي، ٻول حق ٻولي. توراة موسي مثل مثنوي، زبور داؤد حافظ ديوان انجيل عيسي عبداللطيف، فرقان فرمان رحمان راضي ڏس ڳجھ اندر ڳولي، ٻول حق ٻولي

يوانشاعر شمار ۾ چوکا چار، مثنوي، حافظ د عاشق عبداللطيف، راضي رمز دار چار ئي يار سڀ ڄمار ڄاڻي رب ستار خوب پڙهه تون کولي ٻول حق ٻولي، ٻول حق ٻولي و نحن اقرب اليہ من حبل الوريد اظهار انس جي اولي ٻول حق ٻولي ٻول حق ٻولي

Page 80: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 81

وائي ڇيڙ جي

خاڪ کاوي خاڪ پيوي خاڪ هلي خاڪ چلي خاڪ نيچيخاڪ اوڍي خاڪ سوڍي

خاڪ اوپر خاڪ ميرا خيال تيري ڌوڙ ۾ ڌمال خاڪ چل خاڪ هل پاڪ پل مٽي ميرا مال تيري ڌوڙ ۾ ڌمال.

تيري مورت تيرا حسن ميرا ڪلر ۾ ڪمال تيري ڌوڙ ۾ ڌمال

خاڪ ٻولي خاڪ چولي خاڪ اٺي خاڪ بيٺي خاڪ آوي خاڪ جاوي خاڪ جهيڙي خاڪ ميڙي

سمهڻ ۾ سنڀال تيري ڌوڙ ۾ ڌمال ديکا روز ازل ڪي اڇا هي جانب ڪا جمال“ راضي”

تيري ڌوڙ ۾ ڌمال

Page 81: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 81

سر سريراڳ

داستان پهريون

(2) ڪن کيڙي سير سمنڊ جي، ڪن ڪيو جبل تي جوالن ڪي عاشق ويا آسمان، تي چڙهي مٿي چوگان جتي جاء نه جن مالئڪ جي،آدم نه انسان اتي نظارو عاشقن جو رکايو رب رحمان

هزارين ٿيا حيران پسي هنڌ هماء جو ڌري ڏس ڌيان، ته پسڻ سڀ پڃري ۾.

(1)

صاحب تنهنجي سڪ ۾ سمنڊ پيان سڀ رازق ڄاڻي رب ته قلزم قوت نه ڀائيان.

Page 82: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 82

(9)

سهکي سمنڊ سير تنبي ريء تري وڃي اهکي جبل جهير، رت ڪڍي ٿي راهه ۾.

(9)

جبل منهنجي جان ۾ سمنڊ منهنجو ساهه پسڻ ٿيو پرينء جو.جتي شمس نه ماهه، اتي

(1)

تن ۾ تئونس پرين جي رئان رات و ڏينهن قلزم پيان ڪيئن، سمنڊ سرڪي نه ٿئي.

(9)

ٻيڙا پنهنجي ٻاجهه سين ڀيڙا ڪر ڀتار صاحب ڪر ستار، سڀ اڪارين سير مان

Page 83: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 83

(2) ٻيڙا پنهنجي ٻاجهه سين ڪنڌي ڪر ڪريم رازق رب رحيم، سڀ اڪارين سير مان.

(1)

هر ساعت، جاڳي جن ياد ڪيو سائين کي ان جي عالم ۾ مٿي ٿي ميوات جن کي وحدت وائي وات، سي اگهيا در اهلل جي.

(3)

سدائين ستار، جاڳي جن ياد ڪيو انهيء جي عالم ۾ مٽي ٿي موچار ڏيهه ڌڻي ڏاتار، ڪيا سڀئي سالمي تن جا.

(20)

اگهيا در اهلل جي ساري سڀ ڄمار ارمروان جي عالم ۾ مٽي ٿي

باريء بيشمار، ڪيا سڀئي سالمي تن جا.

Page 84: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 84

(22) صاحب رات ساري، جاڳي جن ياد ڪيو ان جي عالم ۾ مٽي ٿي موچاري

چئي.“ لشاري”تني تي بيحد باري، لطف ڪيا

(21) جيڪي منجھ جنسار، سو سڀ تاري تڳي تنهنجي

چئي آهي باري بيشمار“ لشاري”لطف تنهنجو فضل جو عدل ڇٽي نه عيبدار، ڪو ڦيرو ڪج

(29)

سڀئي سبحان جي ڪر حوالي ڪار تحقيق ٿي تسليم سان وهم ڪڍي ويچار صاحب رب ستار، حاصل ڪري حاج تون

(29)

وکر سو وهاء، جو وڻي اڳيان واحد کي هيري لعل جواهر جو سٺو ساٿ سنڀاء روئي رب ريجھاء، ڪامل وڏي قرب سين.

Page 85: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 85

(21)

وکر بار و بار پر وهائو ويسرا ڪن وهائي وس ڪيو وکر وڏيء وار ڪن گهمندي هٽ بازار، وکر اڳ وڪامي ويو.

(29)

اگهائي ته اگهامي ڌوڙ، نه ته اچي موٽ ماڻڪن کي جي قبولي ڪوڙ، ته پدمنئون پري ٿئي

(22)

کٿوري اتي کول، جتي سوداگر سرهاڻ جا ناحق رقم نه رول، ٻڌائي ٻين کي

(21)

لڀي ڪو الچار هزارن ۾ هوندو ڪونه، لکن مان ارب پدم وڃي ڳول هوندا ٻه نه ته چار.

Page 86: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 86

(23)

ناکئو نگهدار منجي معلم خبرون تن ساري کنيو سمنڊ ۾ سفر جو سينگار

چئي تک لنگهي ويا تار“ لشاري”لطف سان سنڀالي ستار، وڃي عدنئان اڪريا

Page 87: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 87

داستان ٻيون

(2) آڏو تک وهي تار، منهنجي موج نه سهي مڪڙي

ٺاين جي چاڙهيم ڪوڙئين ڪئين بارميڙي م لکڻ ليکو ناهه ڪو مون ۾ عيب اپار پسي مدايون منهنجون ٿيو شيطان شرمسار پرور اڪارين اپار، ٻيڙا پنهنجي ٻاجهه سين.

(1)

هڪڙي ٻانهي چت ۾ ٻي ڪري جبار پاڻهي وجھي ڪن ۾ پاڻهي اڪاري پار صاحب رب ستار، ستڙ سڀيئي ڪري.

(9)

جي جت جر وهي ٿو جامشيوا ڪر سمنڊ سوين وهن سير ۾ امل ماڻڪ عام ماسو لهن مدام، پوڄارا پر ٿيا.

Page 88: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 88

(9)

پوڄارا پر ٿيا سمنڊ سوجهيائون اونهي تنهن عميق مان امل آندائون لعلون لڌائون، ملهه مهانگو ان جو.

(1)

ماڻڪ جت مدام، اتي چورن تڪيو سريو تن سالم، جي امل اوڀائي آيا.

(9)

ي ماڻڪن ميدان، اتي چورن تڪيوجت سريو تن سامان، جي امل اوڀائي آيا.

(2)

ستا اٿي سنڀال، ننڊ نه گهرجي ايتري تو جو ساڻيهه ڀانيو سو مونجهارو محال حقيقت جو حال، ننڊن ڪندي نه ٿئي.

Page 89: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 89

(1)

تن تسبيح من مڻيون، دل طنبورو ڌار وحده ال شريڪ لہ رک تندن منجھ تنوار

حان جي، پيهي ڪر پچاربنا سر سب سمهڻ سڀ ڄمار، ننڊ عبادت ان جي.

(3)

تن تسبيح من مڻيون دل طنبورو آهه فاذڪروني اذڪرڪم قربئون اٿي ڪاهه تندون جي طلب جون وحدت سان وڄاء سمهڻ جن ساڃاء، ننڊ عبادت ان جي.

(20)

وڍيا گڏيا ٽڪين سين ڪي جو ٻوليو تن ن تون هين تون ڪنڪاٺ ڪريم ڪريم ڪري تندو

سي ٿا رت رئن، ٽيئي گوندر گم ٿيا.

Page 90: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 91

(22)

وڍيل وايون ڪري، ڪٺل ڪئي ڪوڪار توڙئون پيئي تن ۾، توحيد جي تنوار پرين جي پچار، رهي آهي روح ۾.

(21)

جي جاڳيا سي ڀاڳيا، ستا ٿيا سڃا اهي ٿيا اڃا، جن جو ناتو ننڊ سان.

(29)

ڀاڳجاڳڻ آهي جس، سمهڻ ناهه س ڀلو تن جو ڀاڳ، جن سدا سودو صاحب سين.

(29)

جاڳڻ آهه جس، سمهڻ ناهه سڪ اندر جن عشق، تن ستيئي سبب ٿيو.

Page 91: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 91

(21)

وهڻ وهه ٿيو سمهڻ سوري ڀانيان اديون آس نه الهيان، پسان مان پرين کي.

(29)

وهڻ وهه ٿيوم، سمهڻ ڀانيان سوري ٿي پوڄارن پوري، ٻيئي جن ڇڏيا.

(22)

سمهڻ سوري ڀانيان وهڻ وهه ٿيوم جڏهن پرين ياد پيوم، تڏهن وريو ورق وصال جو.

(21)

وهڻ آهه وصال، سمهڻ ناهه سنڀال حاصل تني حال، جني صحي سڃاتو سپرين.

Page 92: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 92

(23)

سبحان تنهنجي صاحبي، عجب تو اسرار پن رکين پاتار ۾، پهڻ تارين تار

لهان. جي پرين اچين مون پار، ته ميريائي مان

(10) وٺي وجھ وکر، وحدت جو وجود ۾ اڳيان سودو وڻي سچ جو صاحب آهه سڌر هلي ڪونه حبيب سان وحدت ري مڪر موال مور نه الهين مون تان قرب ڪڪر پرينء کي پڪر، چڙهي ترهي توحيد جي.

(12)

ڀلي آئين تون منهنجا ولها والي تون ور الست کان اڳي گهوٽ ويٺين تون گهر

پنهنجي هٿن سان ڏنئي پاڻ ڌڻي پاکر هادي تنهن جي پت رکي پرور، داور سدائين دارين ۾.

Page 93: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 93

(11) ٻيڙي ڌاري ٻاجهه جي وحدت ونجھ وهاء الڄو تنهنکي لطف جا پڳهه پريت پهاء سڙهه سونهڻ سڪ جا سامونڊي سنڀاء مڪڙي ماهو من ۾ دامن درس ڇڪاء مصري محبت جي ناتاري نينهن نماء

روح ۾ هنئين ساڻ هالءوجهي رس ڪري جملو جهاز جو رتي ڪين رهاء چڙهي ترهي توڪل جي مٿي ڪنن ڪاهه اوال الفت جا ڪلمي قرب ڪماء

وٺج راهه“ راضي”وحدت جي وير ۾ صدقو ڪري ساهه، هل سامونڊي سبحان ڏي.

(19)

ماء سامونڊي سنبهيا اتر هليا عام جهاز جاوي ڏي غوراب هالئين گام

جارن کي ڪري سر قتالمواريان وڻ التائب من الذنب کمن ال ذنب لہ جنبي ويا جام جتي عميق انعام، اتي پهچڻ آهي پهت سين.

Page 94: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 94

(19)

عشق اپايس نينهن نپايس برهه ڪيس بحال ڪڪال کون ي کن ف اسين الست کان اڳي هئاسين ٿي

هاديء جو حال، لکيو لعل لڱن ۾.

(11) ڏئي ارواح کي، سدائين ٿيو منجهه سڪراتعشق

پسڻ ڪارڻ پرين جي ڏسي ڏينهن نه رات کي رحمان جي.“ راضي”وحدت وائي وات،

Page 95: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 95

سر سهڻي

داستان پهريون(2)

وهه تک واهڙ تک جتي نينهن تک نرالي، جن ساء چکيو سڪ جو سي وحدت وصالي جن کي عشق عميق جو سي مست موالي

يون جن هٿ ڪيو.قادر آڻ قوالي، هن

(1) ڪنڌيء ڪڇون انڌي وڇون تن لهي نه تار صورت ساهڙ ڄام جي ڪيا ڏيل اندر ۾ ڏار واهڙ تن وار، جن سنڀاران سپرين.

Page 96: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 96

(9)

گهڙي گهڙو هٿ ڪري سنڀاران ٿيو سڏ جيء جثو ۽ هڏ، سهڻيء اڇليو سير ۾.

(9)

گهڙي گهڙو هٿ ڪري گهيڙ نه ڳولي گهٽ ي ڏيئي سٽ.ڪاهي پيئي ڪنن ۾ سهڻ

(1)

گهڙي گهڙو هٿ ڪري سنڀالي ستار مالئين مهراڻ ۾، باري مون ڀتار جاني مون جيار، اڪارج عميق مان.

(9)

گهڙي گهڙو هٿ ڪري سنڀالي سبحان جا رحمان“ راضي”سڻيج سڏ سيگهه ۾

باري تون برهان، اڪارج عميق مان.

Page 97: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 97

(2)

گهڙي گهڙو هٿ ڪري محبت رکي من ڪوڪ پريان جي ڪن وڌائين وصال جي

تار اڇاليئين تن، ميثاقي ميهار ڏي.

(1) گهڙي گهڙو هٿ ڪري وچه وسيو وڪيل سڻين سڏ سيگهه مان جر ۾ سڀ جليل جاني تون جميل، اڪارج احسان سان.

(3)

گهڙي گهڙو هٿ ڪري رسج تون رشيد سڻي سڏ سير ۾ شتابي شهيد

کي روح ۾ رهيو محب مجيد“ راضي” اڪارج امن سين.هادي تون حميد،

Page 98: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 98

(20)

گهڙي گهڙو هٿ ڪري گولي چئي غفور

سڻي سڏ سير ۾ شتابي شڪور صاحب رب صبور، اڪارج احسان سين.

(22)

گهڙي گهڙو هٿ ڪري سڏيائين سالم سڻي سڏ سير ۾ ڪريان جي ڪالم اجهو ٿيء عالم، سگهو رسج سپرين.

(21)

رازق روحن کي امر ڪيو عجيب کم هاليو حبيبالست برب

روز ميثاق جي.“ راضي”قريب، چيو ىقالوا بل

Page 99: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 99

(29)

رازق روحن تي رحم ڪيو رقيب کي روز ميثاق جي مرهيو رب مجيب“ راضي”

منهنجو نور نصيب،ڪيوقادر ڪن کان اڳي قرب سين.

(29) رازق روحن کي امر ڪيو اهلل رباني راز جي سڻي مون صالح

جن سڃاتو ساهڙ ڄام کي.رسيا سي فالح،

(21) رازق روحن کي ڪيو خوش خدا جن سڃاتو ساهڙ ڄام کي تن کان جانب ناهه جدا سچي سڌ ٻڌا، احد جي اسرار جي.

Page 100: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 111

(29)

اصل ارواحن جي، هئي جباري جوڙ مالڪ جي ميدان ۾ خاڪي هئا کوڙ

در رحمان جي ڪر سدائين سر جوڙ“ راضي” تان.ميهر پاتا موڙ، لٿا ڏوالئا ڏيهه

(22)

الست ارواحن جي ڪئي جوڙ جبار هادي پنهنجي حڪمت سان ساهڙ ڪيو سردار ميهر ٿيو مهندار، لٿا ڏوالئا ڏيهه تان.

(21)

الست ارواحن کي توحيد جي تات پسيائون پرينء کي جتي ڏينهن نڪو رات وحدت وائي وات، مونکي محب ميهار جي.

Page 101: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 111

(23)

الست ارواحن کي توحيد جي تنوار رات و ڏينهان راضي چئي ڪن پرين جي پچار مونکي محب ميهار، سگهو رسج سپرين.

(10)

الست ارواحن کي توحيد هو تمام فاذاکروني اذکر کم ساهڙ جا سالم راضي روز ميثاق جي من ۾ موج مدام التحيات هلل وصلواة والطيبات پرين جا پيغام مونکي ميهر ڄام، سگهو رسج سپرين.

(12)

ت ارواحن کي جاڳايو جاللالس من ڪاڍو ميهار ڏي ٿي سهڻيء کي سنڀال وحدت جو وصال، نماڻيء کي نصيب ٿيو.

Page 102: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 112

(11)

الست ارواحن کي فرمايو فائق سهڻيء کي سڪ ساهڙ جي ٿي شتابي شائق لشاري تي الئق،ڪياقادر ڪن کان اڳي قرب سين.

Page 103: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 113

داستان ٻيون(2)

الست بربڪم جڏهن قادر وڌم ڪن ڏهن قالو بلي قرب سين تتي چيم تنت

سي ڀلي وحدت منجھ وڃن، ميثاقان ميهار ڏي

(1) الست بربڪم جڏهن قادر وڌم قلب تڏهن قالو بلي قرب سين تتي ڪيم طلب سي هليا وڃن حلب، احد جي اسرار ۾

(9)

احد جي اسرار جي ڪل ٻڌايان ڪيئن؟ پرين مونکي پڙهايو جتي رات نڪو ڏينهن

نينهن، هادي ڏنو هٿ سان. نماڻيء کي

Page 104: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 114

(9)

احد جي اسرار جي ڪريان ڳالهه ڪيهي ته ٿيو مست ميهار الء سرتيون سڀيئي سک نه سمهو ڪڏهين رهو نه ويهي پرينء الء پيهي، پسو هوند پاتار ۾.

(1)

اصل منهنجي انگ ۾ پرين لکيو هو پاتار تنهن الء تران تار، ڪاهيو پوان ڪنن ۾.

(9)

ست احمد ڄام تي آندو مون ايمانال رازق روز ميثاق جي ڪڍيو غير گمان ڪلمون، قرب، قرآن، هاديء ڏنو هٿ سان.

Page 105: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 115

(2)

الست احمد ڄام کي ڪيو مون قبول بيشڪ تون باريء جو آهين رحماني رسول هاديء پنهنجي هٿ سان موال ڪيئه قبول متان ٿيو ملول، سرور آئي سک ٿيا.

(1)

د ڄام تي رکيم شوق شتابالست احم مذکر مليو خوب خطاب ىطالب المول

رازق روز ميثاق ڪيا مونکي حرف حساب منهنجو قلب ڪتاب، هادي ڪيو هٿ سان.

(3)

الست احمد ڄام کي ڪيو مون منظور من ڪاڍو ميهار ڏي پيم پرين جو پور ڏک مڙيئي ڏور، مولي کڻي معاف ڪيا.

Page 106: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 116

(20) صحي الست احمد ڄام کي سڃاتم

مدائي من جي پري وڃي پئي وٽان مون وئي، اچڻ سان عجيب جي.

(22)

الست احمد ڄام تي آندم اعتبار رازق روز ميثاق جي عجيب ڪيا اسرار مولي مونکي معاف ڪئي محشر جي ميار عين سدائين الفت جا کڻي نيڻ نهار احمد اکين ٺار، رهيو آهي روح ۾.

(21)

ايو جبارالست ارواحن کي جڏهن جاڳ تڏهن من ڪاڍو ميهار ڏي ٿي سهڻي کي سنڀار ڪوڙين در ڪريم جي نميا لک هزار پدمن کي پرينء جي هئي طلب اندر ۾ تار رازق سڀن روحن کي ڏات ڏني ڏاتار ڪلمي جي آڌار، سڀ لنگهندا سير مان.

Page 107: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 117

(29)

سهڻو سڀني ۾، نور نبي نروار احمد ڄام اظهار، هڻي ڌڪ حسن جا

(29)

هڻو سڀني ۾ نور نبي نجيبس احمد ڄام عجيب، هڻي نعرا حق جا

(21)

سونهارو سڀني ۾ نور نبي نشان احمد جهڙو انسان، ٻيو ڏٺم ڪونه ڏيهه ۾

(29)

سهڻو سڀني ۾ نبي نور نسنگ احمد ڄام اڙٻنگ، هڻي نعرا حق جا

Page 108: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 118

(22)

سهڻو سڀني ۾ نور نبي نيڪ احمد ڄام ايڪ، ٻيو ڏٺم ڪونه ڏيهه ۾.

(21)

ڪڍيا جي ڪنڀار سي چٽ ڏسي چري ٿي سپڪ ڀانيو سهڻيء جوڀن جو جنسار درياء ڌو پار، لحظي منجهه لنگهي پيئي.

(23)

وڃي ڪن ڪپيندي سهڻي منجهان سير مونکي ميهر مير، اڪارج امن سين.

(10)

سرجندي سعيو، منهنجو من ميهار ڏي روح اندر رايو، سدا ساهڙ ڄام جو.

Page 109: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 119

(12 )

سرجندي سانڀارو، منهنجو من ميهار ڏي اڪاريندم اوڀارو، ساهڙ ڄام سير مان.

Page 110: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 111

داستان ٽيون(2)

ساهڙ جا سامان اڻ لکيا اڳي هئا ڪانه هئي، نڪو اڀ آسمان کون ي کن ف

بنيو هو نه بت ۾ اڃا ڪو انسان ميثاقان مهند هئي عشق جي آذان

چئي.“ اريلش”ريجهي سان رحمن، التائين لئون

(1) ساهڙ جي سڃاڻ مون اڻ ڏٺي اڳي هئي

ڪانه هئي نڪا ڪنن ڪاڻ کون ي کن ف نڪو جن جهان ۾ نڪو پسڻ پاڻ

نڪي ڪانهن ڪنڌين ۾ نڪي ڀولين ڀاڻ ريجهي روح رهاڻ، ڪيم محب ميهار سان.

Page 111: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 111

(9) جان جان هئي جيئري ويٺي تان نه وري ويئي منڌ مري، ميثاقان ميهار ڏي.

(9)

جيسين هئي جڳ ۾ تيسين هئي اداس لڙهي لهرين پاس، ميثاقان ميهار ڏي.

(1)

جان جان هئي جيئري تيسين آيس نه آرام لڙهي لهرين الم، ميثاقان ميهار ڏي.

(9)

جان جان هئي جيئري ويٺي نه هڪ وار لڙهي لهرين پار، ميائي ميهار ڏي.

(2)

سائر ٻوڙي سهڻي ڍنڍ نه ڪي ڍوري هوري، ميثاقان ميهار ڏي.گهڙي سر گ

Page 112: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 112

(1)

واهڙ آسائتيون نه ٻوڙ، تو پڻ ليکو ڏيڻو سدا سانوڻ ڏينهڙا ڪين هلندء توڙ وهاڻيء ولوڙ، پونديئه پرين جي.

(3)

واهڙ وهين م تار سڪي ٻيٽاري ٿئين ڏسان تنهنجي ڏيل ۾ ڄڱر ڄمون ڄار ڪنن ۾ ڪنوار، تو آسائتي ٻوڙي.

(20) سچيون گهيڙ نه پڇن گهار ڪوڙيون ڦرن ڪپرين

عشق جني جو آر، تن کي ندي ناهه نگاهه ۾.

(22) صحبت ساهڙ ڄام جي جن پرتئون ڪئي پرڀات سي ويون سٽينديون سيرمان رميون ڏينهن رات ڪهي وڌيون ڪات، محبتي ميهار جي.

Page 113: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 113

(21) محبت محب ميهار جي جن ڏٺي پهرئين ڏينهن نسک نه ستيون ڪڏهين ڪانڌ پاسي ڪيئ

نائي وڌيون نينهن، مدامي ميهار جي.

(29) مورت محب ميهار، جي ڏسو منجھ ڏيل سک نه سمهو ڪڏهين ڪانڌن پاس قليل اوالنڀي عشق جي اندر ڪيو عليل دوست جو دليل، ڪاهي ڏسو ڪنن ۾.

(29)

صورت ساهڙ ڄام جي ڏسو جي ٻيهار هوند ترسو ڪين تار کان، هلي ڇنو هار

ڻ خاطر پرينء جي.ساڙيو سڀ سينگار، پس

Page 114: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 114

(21) صورت ساهڙ ڄام جي جن کي ڏيکاري ڏاتار سک نه ستيون ڪڏهن ٿيون بدن کان بيزار پرين جي پچار، ڪنديون ويون ڪنن سان.

(29)

صورت ساهڙ ڄام جي ڏسو جي ٽيهار ته سک نه سمهو ڪڏهين سرتيون سڀ ڄمار هوند پرينء جي پار، ڪاهي پئو ڪنن ۾.

(22)

ڄام جي چلي ڏسو چوڌار صورت ساهڙ ميهر ڀانيو من ۾ دوست ناهي ڌار هوند ڪسڻ جي ڪار، ڪريو ڪل ڪنن ۾.

(21)

صورت ساهڙ ڄام جي جيڏيون پسو جام ته سک نه سمهو ڪڏهن طلب نه رکو طعام ڪاري ڀانيو قيام، ڪاهي پئو ڪنن ۾.

Page 115: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 115

(23)

صورت ساهڙ ڄام جي جيڏيون پسو جال ٽ ڪاللته سک نه سمهو ڪڏهن ڪسو و

سوريء مٿي سال، هڻو نعرا حق جا.

(10) سدا ساهڙ ڄام جو ڏٺو جن جمال سي سک نه ستيون ڪڏهين ڪٺيون ڪل ڪمال حسن ڪيون حالل، سرتيون سڀيئي سير ۾.

(12)

صورت ساهڙ ڄام، جي سرتيون پسو سڀ وساريو هوند وجود کي چئو راتيان ڏينهان رب اللچ ڇڏي لب، ڪاهي پئو ڪنن ۾.

Page 116: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 116

(11) لهرن لک هزار پاڻيء پسڻ هڪڙو تانگھ نه لڌي تارئين کلي خبر چار مئي متي مهران جا واري ڇڏ ويچار ترڻ جي تنوار، الهه ته اللڻ لڳ ٿئين.

(19)

لهرن لکين لڙ، پاڻيء پسڻ هڪڙو مهراڻ ڏسي نه مڙ، ڪاهي پئو ڪنن ۾.

(19)

جي گهڙيا سي چڙهيا انهيء ۾ آهي ڏي پئو ڪاهيمئي متي مهراڻ ۾ ڪ

ته مولي ميهار مالئي، سنڀوڙو سيڻاهه سين.

(11) ساهڙ ڌاران سهڻي اهي ضعيف زوال ڏم پاسي ڏکندو منڌ ميهر وٽ متوال ڪري قرب ڪمال، پسي منهن پرينء جو.

Page 117: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 117

(19)

هاري حق سڃاڻ سنڀاران ساهڙ جو پــــــــرين چــــيو پاڻ اذکرکم يفاالذکرون

مهراڻ، پسي منهن ميهار جو. لنگهي منڌ

(12) هاري حق سنڀال سنڀاران ساهڙ جو خواب خيال خطرا تن کي ڪر زوال الئق پسين لعل، جنهن الء جفائون ڪرين.

(11)

هاري حق سنڀار، سنڀاران ساهڙ جو خام خيال خطرا وهال سڀ وسار ته ترت لنگهي تار، پسين منهن ميهار جو.

Page 118: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 118

داستان چوٿون

(2) ڙ سڪيء ۾ ساڻي ٿئي، ڪري بحر منجھ بلوساه

سندو ڌوڙ دلو، تار ترندو ڪيترو؟

(1) اکيون منهن ميهار ڏي، جن خوب رکيون کوڙي بنا سنڊ سير ۾، ڇوهه گهڙن ڇوڙي تني کي موڙي، سائر سگهندو ڪينڪي.

(9)

ڪان هئي نڪو ڄم نه ڄاڻکون ي کن ف ۾ تاڻمذکر رهي تن اندر ىطالب المول

مونکي پرين پاڻ، سبق پڙهايو سڪ جو.

(9) ڪانه هئي لحم نڪا لڪ کون ي کن ف

سهڻيء کي سڪ، هئي ميثاقان ميهار جي.

Page 119: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 119

(1)

هڪ ڪاري رات ٻيو ڪچو گهڙو ٽيون بادل چوٿون بحر ڪاهي پيئي ڪست مان پنجون لڙ گهڻو لهر ڇهان وٽ سٽ واهڙ کي ستان ڪن قهر

جي نائين پسجي نه پهر اٺين موج مهراڻ اتي وسيلو ٿي واهر، ساهڙ ساڻي سير ۾.

(9)

هڪ ڪاري رات ٻيا ڪڇئون ٽيون سارنگ سيارو ڪاهي پيئي ڪنن ۾ جتي پاڻي سڀ پارو پرين پيارو، ڏسان تان ڏاهي ٿيان.

(2)

هڪ ڪاري رات ٻيا ڪڇئون ٽيون مرن جو مارو سيسر اچن سيگهه مان واڳون ڪن وارو

وچ چئي ڏين ڏورون ڏيکاروٻلهڻيون ٻر ساهڙ سوڀارو، ساڻي ٿيندم سير ۾.

Page 120: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 121

(1) ڪاري رات ڪڇئون گهڻا وسڻ جو وارو تن اڇاليائين تار ۾ ساهڙ الء سارو ميهر موچارو، ڏسان تان ڏاهي ٿيان.

(3)

هڪ ڪاري رات ٻيو ڪچو گهڙو ٽيون بادل ڪري نه بس ڪاهي پيئي ڪنن ۾ جتي لڙ وهي لس

، پلي پليندي ڪيترو؟سهڻيء کي سس

(20) ڪاري رات ڪڇئون گهڻا، مٿان مينگهه مالر ڪاهي پئي ڪنن ۾ جتان ابتا ڪري آر سهڻيء کي سنڀار، هئي مرندي محب ميهار جي.

(22)

ڪاري رات ڪچو گهڙو مٿان بادل برس ڪاهي پيئي ڪنن ۾ جتي سيسر سرس ڪري ڪين ترس، وڃي سٽيندي سير مان.

Page 121: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 121

(21)

ن گهڻا ڪپر ٿو ڪاهيڪاري رات ڪ آڻيو سيڻاهن کي، لهرين منجھ الهي هيء عورت در اهلل جي آسائتي آهي هڪ ميهر نه منجھائي،ته ڇا ڪندا دور درياء جا؟

(29)

ڪڙ ڪڙ ڪن م ڪاهه، ڪين مڙندي سهڻي مينڍن مان مهار جي ڌوئي الهينديس ڌاء صدقي ڪنديس ساهه، ساهڙ اڳيان سير ۾.

(29)

ت ڪن گهڻا جتي گهورون ڏين گهوڙاڪاري را سوين سيڻاهيا سير ۾ ويا ڳاڙيندي ڳوڙها جن کي محبتي موڙها، تن کي ندي ناهه نگاهه ۾.

Page 122: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 122

(21) ڌڙ ٻڙ ڌوم درياهه ۾ جتي هيبت ناڪ هلن سيسر واڳون سير ۾ چوڌاري چلن مهندان ٿيو ملن، سنيها ساهڙ ڄام جا.

(29)

تي جر واڳون جالدڙ ٻڙ دونس درياهه جي ج جنهن کي محبت ميهار جي سا قربئون ڪهي ڪال ساهڙ لهه سنڀال، سهڻيء جي سير ۾.

(22)

دڙ ٻڙ ڌوم درياهه ۾ جتي جر واڳون جام ڪاهي پيئي ڪنن ۾ جنهن کي طلب تمام ساهڙ جھل تون سام، سهڻيء جي سير ۾.

(21)

ڌنڌوڪار درياهه ۾ جتي دولهه جي ڌمال ۾ نڌر ڪري نال ڪاهي پيئي ڪنن

کامي ويا خيال، ساهڙ ڌاران سهڻيء جا.

Page 123: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 123

(23)

ڌنڌونڪار درياهه ۾ جتي هيبت وڏو هول ڪاهي پيئي ڪنن ۾ جتي جر گهڻو جھول ٻڌو مون ٻول، ميثاقي ميهار سان.

(10)

ڌنڌونڪار درياهه ۾ جتي هل سڃي هيبت گهڙو گهڙي کان اڳي ڪري ڪانه ڪٿ

اهڙ سٿپرور تون پسائين سندي س هادي ڏيئي هٿ، اونهي مان اڪارئين.

(12)

ڌنڌونڪار درياهه ۾ هت هيبت وڏو هل ڪاهي پيئي ڪنن ۾ جتان جر وهي جھل محبت ڪونهي مل، سٽيان ٿي سر سير ۾.

Page 124: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 124

(11)

ٻارهن ڪن ٻٽيهه تڙ مڙيئي تار عشق جني جو آر، پتڻ سي نه پڇنديون.

(19)

تٻارهن ڪن ٻٽيهه، تڙ تڙ مٿي تا عشق جني جي بات، تن کي ندي ناهه نگاهه ۾.

(19)

ٻارهن ڪن ٻٽيهه تڙ، تڙ تڙ، مٿي تند عشق جني جو پنڌ، ٻجهان سي نه ٻڏنديون.

Page 125: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 125

داستان پنجون(2)

هڪ چڙن چت چريو ڪيو، ٻيو اچي نه آرام ساريان ساهڙ ڄام کي سرتيون صبح شام، ڪاري ڀانيان قيام، جي ڏسان نه منهن ميهار جو.

(1)

هڪ چڙن چت چريو ڪيو ٻيو لڳيم لکئي جي الر ساريان ساهڙ ڄام کي سرتيون سڀ ڄمار دوست بنا دلدار، وهڻ مون وهه ٿيو.

(9)

چڙي ڪئي چونگار، منهنجو من ميهار ڏي ڪاهي پيئي ڪن ۾ وئي پريان جي پار تانگهو توڻي تار، سهڻي ڀانئي نه سير ۾.

Page 126: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 126

(9)

پرينء جي چڙا تو ۾ تات، ڪٿان پيئي ڏيئي منهن مچ ۾ ڪڍي لوهارن الت”

هڪڙي مار مترڪن جي ٻيا قهري وهيا ڪات “.تنهان پوء وائي وات، پيئي مون پرين جي

(1)

چڙا تو ۾ وائي، ڪٿان پيئي پرين جي رکي سر سنڌاڻ تي لون لهارن الئي”

ڏيئي منهن مچ ۾ دل تنور تپائي “.تهان پوء سڪ سوائي، پيئي مون پرين جي

(9)

چڙا تو ۾ ٻولي ڪٿان پيئي پرينء جي رکي سر سانداڻ تي ڏني لوهارن لولي”

“.کوري دل کولي پوء مون پرينء ڏي

Page 127: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 127

(2) چڙن چوري آهيان، ڪيئن سک ٿي سمهان هاڻ سرتيون ساهڙ ڄام جي ڪيم رات و ڏينهن رهاڻ ميهار مرڻ ساڻ، نير پاتم نينهن جو

(1)

سمهان سال چڙن چوري آهيان، ڪيئن سک ٿي ساريان ساهڙ ڄام کي جر ۾ وڃيو جال منهنجو من متوال، ڪيو ميهر روز ميثاق جي

(3)

کرڪئي ڪيو خوشحال مونکي ميهر ڄام جي ميثاقان من ۾ ٿيم ساهڙ جي سنڀال الست جا احوال، رهيا اٿم روح ۾

(20)

هن ڀر سيم هاڪار، ستي سانڀرن جي ٻيلي ٻنهي ڪنڌئين ڪيم نت نهار

يهر مون مهندار، ماڻهن ليکي مهڻوم

Page 128: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 128

(22) هن ڀر سيم هونگار، ستي سانڀرن جي ٻيلي ٻنهي ڪنڌئين تن لڳي مون تار ساهڙ مو سردار، ملن ليکي مهڻو

(21)

ڪچا رڇ ڪنڀار جا ڪچي نهائين ڪل مئي متي مهراڻ ۾، اچن هانگاما هل باري الهين ڀل، ته مالن ميهر ڄام کي.

(29)

ه جھليو ڀيلو ٿيو بيزارڪچي ڪٽ ن لٽي لهريون ويئون چري سڀ چوڌار هنئين منجھ هزار، ٻوليون ملڪ الموت جون.

(29)

سڀيئي ستڙ ڪرين، ڪونه منجھائين ٻار سوکي ڪج سچا ڌڻي، قبر سندي ڪار پرين تنهن جو پار، ولهيون ڍڪڻ ولها.

Page 129: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 129

(21) پيتائين پريم جي، ميهاران مالر

جيئن وسي بوند بهار تنهن منڌ مستان ڪئي، ساري سڀ ڄمار، نينهن نهوڙي سهڻي.

(29)

گھڙن واريون تڙن تي، گهڙن بيشمار سڀ ڪا چئي آئون سهڻي، پئي پريان لئه پاتار تن جني جي تار، سي پاڻهي ٿينديون پڌريون.

(22)

گهڙن واريون تڙن تي گهڙن لک هزار سڀڪا چئي آئون سهڻي پئي پريان جي پار

دربار، سڀان سڀ سڃاپبيون. دوست جي

(21) ٻيٽ، نه ٻيڙو، نڪا دنگي درياهه ۾ ڪير اچي ڪن مان ڪري ڀر ڪنڌيء ڀيڙو ميهر ڪج ميڙو، سهڻيء سان سير ۾.

Page 130: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 131

(23)

ديواني درياهه ۾ پرجهي پائج پير ويٺو اٿئي وير ۾ واڳون وجهيو وير ڪي داناء مرد دلير، مانجهي مارين مڇ کي.

(10)

ـيت ڀانئيا سي آيتون االهيتو جي ب لؤن تني الئي، پريان سندي پار ڏي.

(12)

اٿي آئي اڌ رات جو ڪاهي ڀر ڪپر. ملڻ ڪاڻ ميهار جي ڪيا ويچاريء ور، خواهش جي خمار ۾ پيس ڪانه خبر، سس آندو ساڙ کان ڪچو ٿانء ڪنڀر، جڏهن ڀڄي ويس ڀر،تڏهن ٻاڪاريندي ٻڏي ويئي.

Page 131: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 131

(11) تري آيون مٿي پاڻ چڪڻ چڙهي تار

سڻي سڏ سنگهار جا ڪنديون روح رهاڻ مينهون ميهر ساڻ، پرچي پار لنگهنديون.

(19)

چڪڻ چڙهي تار تري آيون منجھ ميدان سڻي سڏ ميهار جا ڪنديون درس ڌيان مينهون ساڻ امان، پرجهي پار لنگهنديون.

(19)

چڪڻ چڙهي تار تري آيون مٿي سير اهه سڌيرسڻي سڏ ميهار جا، ٿين س

جن سان ميهر مير، سي پرجهي پار لنگهنديون.

(11) ـچڪڻ چڙهي تار تري ايون منجھ درياهه سڻي سڏ ساهڙ جا سرهو ٿين ساهه جن سان وسيلو واهه، سي پرجهي پار لنگهنديون.

Page 132: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 132

(19)

چڪڻ چڙهي تار تري ايون مٿي مڏ ڪوڙئين ڪر کڻنديون سڻي ساهڙ سڏ

لنگهنديون. مينهون ميهر گڏ، پرجھي پار

(12) چاهڪ چري تار تري چڙهيون مٿي چوٽ سڻي سڏ ميهار جا ڪنديون پر پالوٽ ڪل ڪلمي جي ڪوٽ، پرجهي پار لنگهنديون.

(11)

اٿئي ويٺي تار سرتيون ساهڙ ڄام جي، ڪاهي پيئي ڪنن ۾ تار نه جهلي تار، تن سدائين تار، مونکي محب ميهار جي.

Page 133: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 133

وائي و مست محبوبن جي ديدار مونکيڪي

وسري نماز، نه ياد ڪم ڪار مونکي علم عقل عشق وڃايو،

ناهي هڪ حرف هوشيار مونکي نه ڪا ڪاڻ قاضين جي

وسريا حڪم هموار مونکي نينهن نيڻن جي نايو ڪيو برهه بي اختيار مونکي راضي روز ازل کان رهي سڪ سڀ ڄمار مونکي.

Page 134: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 134

سر سارنگ

(2) گم الئيا، بادل ڪئي برساتاکين آ

بوندون بس نه ڪن رمن ڏينهان رات وسڻ وائي وات، سارنگ جي سرير ۾.

(1)

سارنگ ڪنان سرس، آهي آب اکين ۾ ڪري ڪانه ترس، وسي روز وجود ۾.

(9)

عشق جي آب جي سارنگ ناهه سنڀال منجهان اکين آل، وسن روز رتول ۾.

Page 135: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 135

(9) هان آب جانت نينهن وسائي مينهن، اکين منج

جيڪي حياتي ڏينهن، بادل وسي بس نه ڪئي.

(1) وسڻ اکين جيئن، جي سکين مينگهه مالر ته سارنگ سڀ ڄمار، بادل وسي بس نه ڪرين.

(9)

نت نينهن وسائي نار، اکين منجهان آب جا سرتيون سڀ ڄمار بادل وسي بس نه ڪئي.

(2)

عشق وسائي آب جا، منجهان نيڻن نير ير، سدا سانوڻ مينهن جي.اندر منجھ اڪ

(1)

ٻڌيون ٻاهڙ مير تي، واحد ڪر وسون قادر الهه ڪسون، هادي هر جهان جون.

Page 136: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 136

(3) جنبي جيسلمير تي، صاحب ڪيو سڪار ڏاتر نيو ڏڪار، هاديء هر جهان تان.

(20)

سوين ٿين سڪار، ته به ڏکيء ڏڪار نه لهي جي اچي سج ڪاپار،ته به انڌي اوندهه نه لهي.

(22)

دغا جن جي دل ۾ تن الء ڏهاڙي ڏڪار توڙي لڳي پيسي خرار،ته به بک نه لهي بي ايمان جي.

(21)

محبت جن جي من ۾ تن الء سدائين سڪار توڙي نه وسي سڀ ڄمار، ته به الڪو نه ٿئي عاشقن کي

(29)

مدامي مينهن، عاشق وسائين اکين مان جن کي رات و ڏينهن، محبوب ئي من ۾.

Page 137: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 137

(29) ڍٽ ڍري پٽ پيئون، ويون جنبي جيسلمير سارنگ اڄ سوير، عالم ڪل آباد ڪيو.

(21)

اڄ پڻ اتر پار ڏي ڪڪر ڪئي ڪٽ وڄون وسڻ آيون گوڙيون نه آهن گهٽ ڪي چڙهي ويون چين تي ڪي ڍريون مٿي ڍٽ ڪي رمي ويون روم تي کنوڻيون ڪري کٽ ڪي اٿيون عرب پار کان وڄون کڻي وٽ

کان جوالن ڪري جھٽڪي آيون اڀرندي ڪي گڙن گرنار ۾ الهي لڱن لٽ والي سڀ وسايا پرور مڙئي پٽ ويو ڏڪار ڏيهه مان، ٿيون مانڌاڻيون مٽ ڪئين قدرتون ڪريم جون نٿو ڄاڻي ڄٽ پسڻ ڪارڻ پرين جي سڀئي سانگا سٽ ڪر عاجزي در اهلل جي جيئن باهي بيٺو ڀٽ

Page 138: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 138

راضي انهيء راهه کان هرگز تون نه هٽ ي سوايو مٿي اندر منجھ اپٽسارنگ وس

ڇپر وسائي ڇٽ، لڙي ويئون الهوت ڏي.

(29) اڄ پڻ اتر پار ڏي وڄون ٿيون وسن ڪي چڙهي ويئون چين تي ڪي مٿي ڍٽ ڍرن ڪي هليون حلب ڏي ڪي مٿي روم رمن ڪي آيون عرب پار کان ڪي پورب منجھ پرن ڪي مڙيون مشرق پار ڏي ڪي گرنار گڙن

يهه ڏسينواليء سڀ وسايا سندا ڏ راضيء کي راهه ۾ مان پهچايو پرين اچي اوهيرن، عالم ڪل آباد ڪيو.

(22)

اڄ پڻ رسيال رخسار بادل ڪڍيا برجن سين سارنگيون ساز سرندا وڄيا چنگ ٻنگ چوڌار ٿيو سارنگ سڀ ڄمار، جانب آيو جوء ۾.

Page 139: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 139

(21) جانب آيو جوء ۾ رتا رنگ رتول

ڪڍيا ڏولوجهي رحمت روء زمين تي ڏاتر اڄ پڻ منهنجي ڍول ، عالم ڪل آباد ڪيو.

(23)

موٽي مانڊاڻن جي ڀري ڪيائين ڀال مينهون پاڻ مراديون لنب چرن لعل ڪچي پاسي ڪنڍيون چاهڪ چرن چال پوڃاڙيء جو پٽن تي موجون ڪري مال ڏاتر ڏيهه مان، قادر ڪڍيو ڪال پنجن مان پندرهن ٿيا جي مليا ٿي محال

۾ گلن ڪيا گاللٿي بهاري باغن گهڻي محبت ماڻهن ۾، ڪسي ويا ڪالل

جو صاحب اونايو سوال“ راضي”رحمان تنهن پسڻ الء پرينء جي سوين ٿيا سال هنڌين ماڳين هر ڪنهن کي، ٿيو واحد جو وصال سارنگ وسي سوايو، ڪيو نطارو نهال ڪئين ميواتون ملڪ ۾ جانب ڪيون جال

Page 140: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 141

سنڀالهادي هر ڪنهن جاء تي، ڪئي سکن جي جوڙي رب جالل، عالم ڪل آباد ڪيو.

(10)

موٽي مانڊاڻن جي، وري ڪيائين وس، واحد وڏائي ڪيا گاهه مٿي گس، ويو ڏڪار ڏيهه مان ٿيون رهاڻيون رس، پنجن مان پندرهن ٿيون جي مليون ٿي مس، ڪئين قدرتون ڪريم جون پينار سدائين پس،

کي جبار ڪري جس،“ راضي”رحمن ل خبيث جا، خاوند سڀئي کس،مون کان خيا

مولي منهنجي مدعي کي دور نيئي دس، ٻانهي در ڌڻيء جي هميشه تون نه هس، سارنگ وسي سوايو، بادل ڪري نه بس، وجهي رحمت روء زمين تي چڱي ڪيائين چس، سڪا وڻ ساوا ٿيا، قلبن لٿي ڪس، ڏاتار تنهن جي ڏس، عالم ڪل آباد ڪيو.

Page 141: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 141

(12) ڪري هڪل هونگاراتران ٿي آئيو،

ڀري تل ترايون جوڙي هليو جنسار اچي روبڪار، اٺو روضي پاس رسول جي.

(11)

مند ٿي منڊل وڄيا گگن ڪئي گوڙ وٺا مينهن وڏڦڙا صاحب الٿي سوڙ هارين هر سنڀايا ٿي جڪ وڏي جوڙ اهلل انن جا خاوند ڪيا کوڙ ويو ڏرت ڏيهه مان مولي ڏنيس موڙ

عشق اهلل سان لب رسيا توڙ، جن جوسي طا

Page 142: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 142

سر ڪيڏارو

داستان پهريون(2)

ڏٺو محرم ڏينهن سونچو شهزادن ٿيو سيد وسايو سر تي سندو ماتم مينهن

ل اهلل حسين هليو هينئنيسب يجاھدون ف ي نئون الئي نينهن، قربئون ڪربال ۾.

(1)

ڏٺو محرم وار، سونچو شهزادن ٿيو ينگارسيد کنيو سر تي سورن جو س

عاشق ٿي اظهار، ڪامل ڪٺو ڪربال ۾.

Page 143: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 143

(9) ڏٺو محرم روز، سونچو شهزادن ٿيو سيد وسايو سر تي سندو سورن سوز عاشق پڙهي اعوذ، مرڪي مور شهيد ٿيو.

(9)

سختي شهادت جي نسورو ئي نور هادي حسين کي ڀلي ڪيو ڀرپور ڏک مڙيئي ڏور، مولي کڻي معاف ڪيا.

(1)

ي هئي ماکيء کان به مٺيسختي شهادت ج امامن ڏينهن ازل جي، ڏوران ئي ڏٺي چڱي تن چٺي، جن ڏنا سر سبيل ۾.

(9)

سختي شهادت جي مڙوئي ملير ذرو ناهه يزيد کي عشق جو اڪثير توڙئون هڻي تقدير، جا آئي امامن تي.

Page 144: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 144

(2)

شهيدن جي شوق ۾ هميشه هنجهون هار را وسائج سارنگ سڀ ڄماري وا کث بک ي الوال يضحکوا قل ي فل

رکج روح ۾.“ راضي”هئي حسين هر وار،

(1) ڪوپا قلعي ڪوڏيا، راوت ۽ رڻ مل وڃي وڙهيا ويرين سين ڪري هونگ هڪل مانجهي سي ئي مل، مرڪي مور شهيد ٿيا.

(3)

حسن مير حسين الء رنو جڳ جهان ملڪن ماتم ڪيو اڀ رنا آسمان

ڪيو ارمانهميشه حشر ۾ عاشقن وڻ ٽڻ ورونهيا مرون ٿيا مستان صاحب رب سبحان، پاڻ وڻنديون جو ڪري.

Page 145: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 145

(20)

حسن مير حسين الء رنا بادل بيشمار عاشقن آب وهائيو ساري سڀ ڄمار ٿيو زلزلو زمين تي رئڻ زار و زار

قادر رب قهار بقاي ھا فان و ي کل من عل وڇنگارملڪن ماتم ڪيا عرشن پئي ا

رندن رت وهائيو عارفن اظهار ڏيهه ڌڻي ڏاتار، پاڻ وڻنديون جو ڪري.

(22)

حسن مير حسين الء رنا ڪئين رجال عاشقن ارمان ۾ جر وهايو جال جابر ذوالجالل، پاڻ وڻنديون جو ڪري.

(21)

حسن مير حسين الء اندر جن نه ارمان صاحب رب سبحان، مور نه مرهيندو تن کي.

Page 146: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 146

(29)

حسن مير حسين الء اندر جن نه آر قادر رب قهار، مور نه مرهيندو تن کي.

(29)

حسن مير حسين الء اندر نه اڪير قادر رب قدير، مور نه مرهيندو تن کي.

(21)

حر هلي آئيو عاشق سو اڙٻنگ وڃي ويرين وچ ۾ هنيائين تير تفنگ جوان کٽي جنگ، سو پڻ شير شهيد ٿيو.

(29)

آيو مانجهي موچاروحر هلي وڃي ويرين وچ ۾ وير ڪيو وارو نر هڻي نعرو، مرڪي مور شهيد ٿيو.

Page 147: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 147

(22) حر هلي آيو، عاشق سو اڻ جهل ڪاهي پيو ڪٽڪ ۾ ڪٺائين ڪرڳل مانجهي انهيء مهل، هيء به شير شهيد ٿيو.

(21)

حر هلي آيو عاشق سو اڻ موٽ وڃي ويرين وچ ۾ چڙهي ڏنائين چوٽ

هيء پڻ شير شهيد ٿيو.ڪفر ڀڃي ڪوٽ،

(23) ڪامل ڪربال ۾ غازي ڪن غزا*

مانجهين ڪيا مزا ن ي ان اهلل مع الصابر رحماني رضا، آئي امامن تي.

(10)

ڪامل ڪربال ۾ آيا سيد سلطاني ڪيائون سر قرباني ل اهلل ي سب يو جاھدون ف

رضا رحماني، آئي امامن تي.

Page 148: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 148

يونداستان ٻ(2)

آيو علي شاهه مرڪيو مديني ڌڻي سونهاري سيد ري ٻيو ڪير ڪندو ڪاهه رهبر وٺي راهه، ڀڳا ڪوٽ ڪفار جا.

(1)

آيو علي ڄام، مرڪيو مديني ڌڻي سونهاري سيد ريء ڪير سڌاري سام محبت جي ميدان ۾ اجاريو تنهن اسالم قربئون ڪرم اهلل کي سوين ڪن سالم

ر جامڪامل ڪوثر تي، پياري پ عاشق ٿي امام، ڀڳا ڪوٽ ڪفار جا.

Page 149: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 149

(9)

جو ملن ميهڻو سوئي مون سينگار، آهي علي شاهه جو نظارو نروار، محبت جي ميدان ۾ عاشق ٿيو اظهار، محمد سان مهندار، هر دم هو هڪل ۾.

(9)

سر ڏيئي سڌار، اسالم احمد ڄام جو مرسل ٿي مهندار، هڻج نعرا حق جا.

(1) ورهيه سخي سرمدسڏايم سرٿي س

قربئون ڪپائي ڪنڌ، آيس ڪسي ڪربال ۾.

(9) سڏايم سرٿي حر حسيني حبدار مونکي سيد سردار، تاج ڍڪائي توحيد جو.

Page 150: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 151

(2) سڏايم سرٿي حسيني حقدار مونکي پرور پڳدار، ڪيو رزق روز ميثاق جي.

(1)

سڏايم سرٿي سخي سرور جو ساالر ثاق جيمونکي مرسل مهندار،ڏني مبارڪ روز مي

(3)

سڏايم سرٿي غوث گيالني مونکي جبر جيالني، ڪيو رازق روز ميثاق جي.

(20) سڏايم سرٿي جيالني جنسار

يثاق جي.ممونکي مـحي الدين مهندار، ڪيو رازق روز

(22) سڏايم سرٿي شهنشاهه شهباز

روء زمين تي.“ راضي”عرش جا آواز، ٻڌايا

Page 151: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 151

(21)

سڏايم سرٿي شهنشاهه شهزور روء زمين تي.“ راضي”رد مدامي مور، م

(29) سڏايم سرٿي خاص خواجه غريب نواز

روء زمين تي.“ راضي”الست جا آواز، ٻڌايم

(29) سڏايم سرٿي گيالني گل

راضي، روء زمين تي.”حقيقت جا هل، ٻڌا

(21) سڏايم سرٿي گيالني گلزار مونکي رب جبار، ڪيو محي الدين ملڪ ۾.

Page 152: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 152

(29)

ايم سرٿي گيالني گهوٽسڏ ڪري هڪل حيدري ڪفر ڪيرايم ڪوٽ چئنچل ڏيئي چوت، هنيم نعرا حق جا.

(22)

سڏايم سرٿي سيد سخي سردار روء زمين تي.“ راضي”محمدي مير مهندار، آيو

(21)

سڏايم سرٿي خاص خاتم الخليل ڄاڻي رب جليل، ته رتي ناهه رواز جي.

(23)

در لعلسڏايم سرٿي من ۾ مست قلن ڄاڻي رب جالل، رتي ناهه رواز جي.

Page 153: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 153

(10)

سڏايم سرٿي قلندر ڪلنگي دار ڄاڻي رب ستار، رتي ناهه رواز جي.

(12)

سڏايم سرٿي عنايت العالمين ڄاڻي رب العالمين، ته رتي ناهه رواز جي.

(11)

سڏايم سرٿي قلندر ڪاللي مونکي جانب جاللي، ڪيو رازق روز ميثاق جي.

Page 154: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 154

داستان ٽيون(2)

قلندر واري قرب ۾ غازي ٿيا غرق ورائي وحدت ورق، هنيائون نعرا حق جا.

(1)

قلندر واري قرب ۾ مانجهي ٿيا مستان سورهه ٿي سلطان، هنيائون نعرا حق جا.

(9)

قلندر واري قرب جو، مانجهين لڌو مان جابر ٿي جوان، هنيائون نعرا حق جا.

(9) جو مانجهين لڌو ماڳقلندر واري قرب

ورائي وحدت واڳ، وڃي حاصل ٿيا حق سان.

Page 155: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 155

(1) قلندر واري قرب جو مانجهين لڌو مڪان

الهوتي لعل ٿيا.“ راضي”نيهي نر نيشان،

(9) اصل عاشقن جو ڪسڻ آهي ڪم ڏسي ڪاتي قريب جي گوندر لهن غم پسڻ خاطر پرينء جي وڃائين سڀ وهم يو.الهوتين لحم، لللہ ڪارڻ لٽ

(2)

اصغر ڏي آهن گهڻا، تون ڪر اڪبر ڏي آر عهد سدائين عشق جو پتنگ وانگر پار لعل ٿي نهار، محبت جي ميدان ۾

(1)

اصغر ڏي آهن گهڻا، تون اڪبر ڏي اچ پسي ڪاتي قريب جي نحل ٿي نچ پتنگ وانگر پچ، محبت جي ميدان ۾

Page 156: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 156

(3)

اصغر ڏي آهن گهڻا، تون اڪبر ڏي مڙ مور ي قريب جي نت نهارج نورپسي ڪات

پئو پرين جي پور، محبت جي ميدان ۾.

(20) محبت جي ميدان ۾ غازي کٽن گوء هت هڏ هين نه هوء، پسڻ ڌاران پرين جي.

(22)

انا الحق اوري ٿيو عاشق اڳي آهين عارف اتي ڪاهين، جتي ناهه جاء جبرائيل جي.

(21)

اناالحق هزار، عاشق آهي ڪونه ڪو پرين پار، سو پسڻ کان پري ٿيو. جنهن ۾

Page 157: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 157

(29) عالم سارو اناالحق ، عاشق آهي ڪونه جنهن سان پرين پڪ، سو ڏسڻ کان ڏور ٿيو.

(29)

خودي ۽ خدا ٻئي ماپي ويندء من ۾ منصور ۽ مولي، ڪيئن ريجهي ويا هڪ رمز ۾.

(21)

منصور کي محبت جا سيکاريم سبق چئي.“ راضي”تنهان پوء طبق، روشن ٿيس

(29)

مڙني کي محبت جا سيکاريا مون سبق راضي، چئي.”تنهان پوء طبق، روشن ٿين

(22)

جيئرن جانب نه ڏٺو مئن مليو محبوب خاص ٿياسي خوب، جي پاڻ وڃائي پوريو.

Page 158: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 158

(21)

جيئرن جنگ نه ٿئي ، مئن کٽيو ميدان صاحب رب سبحان پاسي پاڻ وئن جي.

(23)

ڏامي آئيونڳجهون ڳاڙهي رنگ، اڄ ا پيئون پڇن جنگ، ڪٿي شير شهيد ٿيا؟

(10)

ڳجهون ڳاڙهي روء، اڄ اڏامي آئيون ڀڻيون پڇن جوء، ڪٿي شير شهيد ٿيا؟

(12)

ڳجهون ڳاڙهي وات، اڄ اڏامي آئيون پييون پڇن بات، ڪٿي وير ونهائيا؟

Page 159: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 159

وائي

امامن جو يتيمن جو، ماتام مونکي شهيدن جو

۾، ڪيڏو ڪيس ٿيوڪربال جي پڙ حضرت شاهه حسين سان، ڪوفين قهر ڪيو هڪڙي سختي ساهه کي، ٻيو پاڻي نه مليو سختيون سور سهمان، سڀيئي ڏاتار ڏيج ڏنو قضيو شاهه قاسم جو،آهي وهم وڏو ٻڌي سورن سندرو، اللڻ الڳ لڌو

کي، آگا امن ڏيو“ راضي”راحم برڪت شاهه شهيدن جي، پرور پوش ڪريو

Page 160: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 161

وائي

اڪسير عجب اسرار علي آهي موال مهندار حيدر هيڻن مسڪينن سان موال عاشق اڙين جو آڌار

جنهن کي سرور چيو سردار ىمول يو عل ىانا مول ڏنيس سوڀ ستار ياال عل ي ال فت

اسد اهلل ڪل شيء غالب ڏنس ڏيج ڏاتار يد اهلل فوق ايديهم محب موال ڪيو مختيار

اٿم تنهن جي پرت پچار راضي چئي روز ازل کان ڏيئي الڳ لنگهي کي پهرايو پينار.

Page 161: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 161

سر سسئي اڀري

داستان پهريون

(2) سورن ۾ سڙي، سج اڀاريم سرتيون پالهي پسان ڪانه ڪا گوندر ري گهڙي رندن منجھ رڙي، هاڻي مرنديس هوت الء.

(1)

سکن وئي سال ٿيا، هاڻي ساڻي سور راديون عجيب جا پون پلٽيو پو محبت جا مذڪور، اديون ڪنهن سان اوريان.

(9)

سور هئين ۾ سانڍ، سڀيئي سپيريان جا توڙي ٿين النڍ، ته به پڌرا ڪج نه پرينء ري.

Page 162: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 162

(9)

سانڍ هئين ۾ سور،مڙيئي محبوبن جا پاريو ڏين پور، متان لوڪ لکائيين.

(1)

سور نه سمهڻ ڏين ويٺي جم نه جيء کي ساهه سرير کي.نهوڙيو ٿا نين، سرتيون

(9)

سورن سڃاڻي سرتيون مون سان سڱ ڪيو پورن پڄاڻي، ڪئي آهي ڪٺل سان.

(2)

سکن ٿي سڏ ڪريان، اوري ڪين اچن ڏکن جا ڏيل ۾ سدا مچ مچن پلپل ٿا پچن، جيرا جوش جڏيء جا.

Page 163: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 163

(1)

ڏک گهڻا ڏسجن، سک نه ساڻي هڪڙو ڪونه وهائو وريو ڏسي جنهن ڏجن

ڏکيء جي ڏيل ۾.ويتر پيا وڌن، ڏک

(3) سور سوايا سرتيون، مٺا مور نه ٿين ڏک منهنجي ڏيل کي نهوڙي ٿا نين ساجن کي سارين، اکيون روز ازل کان.

(20)

ڏکي تي ڏمر ، اچيو ڪنهن پر ڪريان اڻ ڪوٺيا اچن هليا، ڪوپا ساهيو ڪر اديون انهي ڳالهه جو، وڏو ٿيم وڪر مون ۾ مچ مڱر، اچي درد دکايو.

Page 164: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 164

(22) سورن سموري، پنهنجي پڄاڻي ڪئي شدت شوخي شام سين، پورن ڪئي پوري سکن کي سوري، ڏکن ڏيکاري ڇڏي.

(21)

ڏک مڙيئي ڏات، سک مڙيئي سور ڪو جو پويم پور، ته ويجهي نه وڃان وصال کي.

(29)

ڳڻتين ٻڌا ڳوٺ، جيڏيون منهنجي جيء ۾ سکن کي سرتيون ٿي ڪيچ طرف ڪوٺ

ٺ، ڪڙهي سڀ ڪارو ٿيو.من مثالي مو

(29) آئون نه گڏيس پرينء کي سڪندي ٿيم سال دردن اچي دل تي جوش مچايا جال ڏونگر ڏوري نه سگهان آئون ضعيف زال شوهر ملي شال، آري ڄام اگهيء کي.

Page 165: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 165

(21)

آء نه گڏيس پرينء کي، هيڻو ٿيم حال آري ڄام اگهيء جو، اچي پڇ احوال

ي ويم وجود مان.توريء قيامت ڪال، وسر

(29) آئون نه گڏيس پرينء کي جلي ويو جوڀن مٺيء جو محبوب ري ٿيو تهوارون تن جوانيء ۾ جيڏيون ماري ويو موهن مشفق ڌاران من، ڦاٽي ٿو فراق ۾.

(22)

آئون نه گڏيس پرينء کي، وئي جوڀن جواڻي ڏوري ڏونگر لڪيون، سڙي ٿيس ساڻي

ويڳاڻيآريء الء عليل ٿيو، وتان کوري جيئن کاڻي، پيئي ڏونگر ڏوريان.

Page 166: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 166

(21)

آء نه گڏيس هوت کي، حال ٿيم هيڻو جيء جانب جت ري، جهڄي ٿيو جھيڻو ڄيرو اندر جندڙي ٻاري ويا ٻيڻو ڦٽيل تي ڦيڻو، وجهن ما نه وصال جو.

(23)

آئون نه گڏيس پرينء کي ويئي مون وهي نه سهيپل پرانهون پنهونء ري، سگهان

آري ڄام عشق ۾ ويو ڪالهه ڪهي پانڌي ڪو پهي، ڏي ٻارانڀا پرينء کي.

(10)

ملڻ ڪارڻ مينهن، ويٺي هوت وسائيان رڙي رات رڃن ۾ ڏوري ڪيم ڏينهن نماڻي سان نينهن، ڇني وڃ م ڇپرين.

Page 167: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 167

(12) ڇني وڃ م ڇپرين نينهن ندوريء ساڻ ڻوري وسائين ولهيء جو، ورنهه وير وٿا پرين ڀالئي پاڻ، موٽج مون مسڪين تي.

(11)

ڏکن ٻڌو ڏيهه، جيڏيون منهن جي جيء ۾ ڇنيڀي تن ڇڏايو سکن کي ساڻيهه ڇلي مون سان ڇيهه، گوندر گهڻو ئي ڪيو.

(19)

جيڏيون منهنجي جيء ۾ ورهه ڪيو وٿاڻ وسائي ويهي رهيو، پرين پنهنجو ڀاڻ سرتيون سکن ساڻ، ڏکن ڏاڍو ڏول ڪيو.

(19)

جيڏيون منهنجي جيء تي ورهه ڪيو وارو آسڻ اٿيڙي ڇڏيو، سکن جو سارو ونجھليو ويچارو، رندن ۾ ريهون ڪري.

Page 168: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 168

(11)

صحبت سپرين جي، آهي نسورو نور حق جو حضور، ڏيندا مون ڏير ويا.

(19)

صحبت سپيريان جي، آهي نوراني ناز رحماني راز، ڏيندا مون ڏير ويا.

(12)

ريان جي آهي وحدت جو وصالصحبت سپي محبت جو مثال، ڏيندا مون ڏير ويا.

(11)

صحبت سپيريان جي، چڱي آهي چال محبت جو مال، ڏيندا مون ڏير ويا.

Page 169: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 169

(13) جيڪا ڏيندي بل، مون جيئن ٻاروچل کي هميشه هل، ڪندي هوتن پٺيان حب ۾.

(90)

جيڪا ڏيندي داء، مون جيئن ٻاروچن کي ڪندي ساجن پٺيان سڃ ۾.هميشه هاء،

(92)

جيڪا ڏيندي وجھ، مون جيئن ٻاروچل کي سنجھ، ڪندي دانهون درد فراق جون سرتيون صبح

(91)

جيڪا ڏيندي دل، مون جيئن ٻاروچن کي خوشي تنهن کي کل، ڪڏهن رهندي ڪينڪي.

(99)

جيڪا ڏيندي من، مون جيئن ٻاروچن کي دولت تنهن وٽ ڌن، ڪڏهن رهي ڪينڪي.

Page 170: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 171

(99)

جيڪا ڏيندي حال، مون جيئن ٻاروچن کي ملڪيت تنهن وٽ مال، ڪڏهن رهي ڪينڪي.

(91)

جيڪا ڏيندي مام، مون جيئن ٻاروچن کي سرتيون صبح شام، ڪندي ڪاڍو ڪيچ جو.

Page 171: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 171

داستان ٻيون

(2) جيڪر ٿيان پڻي، جانب جي جتيء جي اچي ڪيچ ڌڻي، لتاڙيم لتن سان.

(1)

نب جي جتيء جيجيڪر ٿيان پڻي، جا اچي ڪيچ ڌڻي، ڪر مهر مسڪين تي.

(9)

جيڪر ٿيان واري، نرمل جي نعلين جي اچي تون آري، لتاڙيم لتن سان.

(9)

جيڪر ٿيان زمين، پرينء جي پيرن جي اچي تون امين، لتاڙج لتن سان.

Page 172: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 172

(1)

جيڪر ٿيان خاڪ، جانب جي جتيء جي پنهونء ڪارڻ پٻ ۾ چڪن ٿا چاڪ

ر ڌڻي پاڪ، ساجن ميلين سڃ ۾.پرو

(9) واري ور وٺي ويا، ڪري ڏير ڏنگائي ساجن بنا ساڻيهه ۾ ڀانيان عالم اونداهي سرتيون سهائي، پنهون کڻي ويو پاڻ سان.

(2)

واري ور وٺي ويا، اندر الئي آڳ محشر جو ماڳ، ڏٺم اڄ اکين سان،

(1)

واري ور وٺي ويا، ڪيچي قهر ڪري الء وندر منجھ وري سسئي تنهن ساجن

سورن ساٿ ڀري، ڏيئي مونکي ڏير ويا.

Page 173: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 173

(3)

واري ور وٺي ويا، ڪيچي ڪري قهر پنهونء ڌاران پهر، وهڻ مون وهه ٿيو.

(20)

واري ور وٺي ويا، آري ڄام امير ساجن الء سرتيون، نت وهايان نير ٻروچ ٻاونگير، کلي دل کسي ويو.

(22)

هت ڇڏيواري ور وٺي ويا، ڇوري گوندر منجھ گڏي، ماري ويا مسڪين کي.

(21)

ڏونگر ڏينهان رات، پاڻ مٿانئين گهوريان تو ۾ وحدت وائي وات، سدا ٻاروچن جي.

Page 174: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 174

(29)

سرجي ته سک ويا، سامائي ته سقر اهي ٻئي اکر، نماڻي نصيب ٿيا.

(29)

سرجي ته سور، سامائي ته سکن سؤ هزار و ديدارنماڻيء نصيب ٿيو، دوست ج

اهي ٻئي پار، لکيا اصل منهنجي انگ ۾.

(21) ارٽ االڻي ڇڏيو آتڻ اڄ اظهار موڪالئي مون ڪنان، پٽي ڪڍو پار هئي هئي هوت وٺي ويا ساٿ ڌڻي سردار هاڻي هن ڀنڀور ۾ لک ٽڪڻ الچار تنهن منهن ڇائي ڇار، جا ور ريء ويس ڪري

Page 175: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 175

(29)

ڻڀينر هن ڀنڀور ۾ هت نه ٽڪان ها حشر ڪنديس حب م ڪهي ڪيچن ڪاڻ چڙهي ڏاڍن ڏونگرن پٿون ڪنديس پاڻ ٻاروچل هڻي ٻاڻ، کلندي دل کسي ويو.

(22)

ڏوريندن کان ڏور، ڌڻي ناهي ڌار توڙ رسائي تن کي جن پرتان ڪئي پچار وڻي وين واپار، ساجن جي صحبت جو.

(21)

توڙي هلين وک توڙي هلين ڊوڙ د انگ وهايو.لکيو ويٺي لوڙ، جيڪي واح

(23)

توڙي والڙون ڪرين توڙي هلين تک تمام جيڪي ڪهيو رب ڪالم، سو رتي مور نه رهجي.

Page 176: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 176

(10)

لکيو جو پالڻهار، سو قلم ڪياڙيء نه وهي هاڻي ويٺي گهار، جيڪي واحد انگ وهايو.

(12)

قلم جنهن جي هٿ ۾، ڪجن در تنهن جي دانهون جا. اونائي آهون، لکي اکر امن

(11)

چوريء رات چڙهي ويا ڀڃي ڀنڀوران ڀيرو هاڙهي ڏونگر حب ۾ منهن نه پئي ميرو ٻانڀڻ جو ٻروچ الء جلي ٿو جيرو پنهونء جو پيرو، مٿان لڪ لنگهي ويو.

Page 177: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 177

(19)

مٿان لڪ لهي ويو، سو هلي رائي پسو رند ماري ويا معذور کي، اوٺي ڪري انڌ نڌ،ٿيا روانا راهه ۾ ڪيچي کڻي ڪ

آئون ستي هو هليا، هوت ڇڏي هي هنڌ سگهو ناهي سنڌ، سسئي جو سورن کان.

(19)

سکن گهوري سڀڪا ڏک ڪانه ڏوري اڃا ٿيون اوري، پسڻ کان پرينء جي.

(11)

ڪهان تان ڪيچان پري، وهان تان مون وٽ پنهون ڪارڻ پٽ، عبث اڳي نهاريم.

(19)

ور ڪهان تان ڪيچان پري، وهان تان مون وٽ ڀلي نهاريم بر، عبث آري ڄام لئي.

Page 178: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 178

(12)

سنجهي رهيون سمهي، وساري وريام اسر جن آرام، اٺ نه ٻيلي ان جا.

Page 179: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 179

داستان ٽيون(2)

تو جو قول قريب، ويهي ڪيو وڻڪار ۾ سو پارج هوت حبيب، مون جيهيء معذور سين.

(1)

پهرين پارج قول، پوء پارڻ پنهونء ڄام تي وسارج ٻول، جو هتي ڪيئه هوت سان. سو نه

(9)

هوت به ايندو حب، آئون پڻ اڳڀري ٿيان متان سرتيون چون سب، ته ڪميڻي مان ڪين ٿيو.

(9)

ڏوريان شال نه ڏسان ساجن سڀ ڄمار پرين تنهن جي پار، رڙهي مران راهه ۾.

Page 180: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 181

(1) مون ڀانيو مون وٽ، هوندا پرين سڀ ڄمار

اکين جي آڌارويڙهو ڏيئي ويڪرو وهندا ويا ڪاهي ڪل قطار، آئون ئي ڏونگر ڏوريان.

(9)

من ۾ نالو محب جو، تن ۾ تات تنوار ڀلي لنگهن سڀ ڄمار،ڪيچي مون تان قطارون ڪري.

(2)

من ۾ نالو محب جو تن ۾ پرين جي تات ان رات، ڪيچي مون تان قطارون ڪريڀلي لنگهن ڏينه

(1)

لعل جن جي هياس، تن پڻ لوڙهي جنک نه گهوارا*ٿي ساجن پٺيء سال ماٿا

وحدت جو وصال، ٿيو سسئيء کي سڃ ۾.

Page 181: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 181

(3) اڄ جوڙيم جوڙ جبار، پرين پيهي گهر آئيا سکن اچي ڏکن کي، محڪم ڏني مار سا پر سورن سان ٿئي، جا پر کٽيء کار ڀينر مون ڀتار، ور ويٺي ئي مليو.

(20)

نڪو جن جهان ۾ نڪا برن منجھ بال ئي سڃاتو اهلل، تنهنکي ڇپر ڇاڙڪي ٿيو.سس

(22) تات، روهه منا روز چئي تال هنا

سسئي کي ساجن جي سدا وائي وات راهه ملي رات، پنهونء کي پنڌ ۾.

(21)

سسئي جي سورن جي ڳجهي سڻايان ڳال ته لڳي ماٺ مرن کي کامي وڃن خيال ڏسو ڪونه ڏنڀال، جبل سڀ جلي وڃي

Page 182: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 182

(29)

هڙو ڪانه ٻجهندي دانهنپنڌ نه پنڌن ج جيڪر ڪريان آنهه، ته جبل سڀ جلي وڃي.

(29)

آئون نه هجان شال، اصل آئون پيدا ٿي سڙي انهي سور ۾ فدا ٿيس في الحال جانب آيو جال، مٺين پييس مامري.

(21)

ڪشي ٻڌ ڪمر، سورائتي سندرو سسئي کي سيج تي ڏنئون سور سمر .ڏکن جو ڏمر، ڏيندا مون ڏير ويا

(29)

ڀيڙي ڀيڙي ٻڌ، سورائتي سندرو عشق آريء ڄام جي ڪيو پٻ پڌرو

، ڏيئي ويا ڏونگر ۾.ٻنڌروٻاروچل

Page 183: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 183

(22)

هن منهنجي حال جي پوي نه خان خبر حليمن هوت ملي، تڙائي تڪبر بلوچاڻي بر، ڪاڪيون هلندي ڪانه ڪا.

(21)

هن منهنجي حال جي ڪيچ پوي نه ڪل ها مٿي ڳلروز رئان ٿي رت، ڦڙا ڳوڙ

پنهونء ڌاران پل، ڏٺم ڏينهن قيام جو.

(23) قيامت ٿي ڪال، تون اڃا ٿي آرس ڪرين ساجن جي سنڀال، منهنجو جيء جياريو.

(10)

ساجن ساعت هيڪڙي جي جانب ٿئي جدا ته محشر جو مدا، ڏٺم اکين سين.

Page 184: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 184

(12)

ساجن ڌاران سرتيون اندر ناهه آرام ڄ اکين سين.ڪاڪيون ڪاري قيام، ڏٺيم ا

(11)

ساجن ساعت هڪڙي جي دوست ٿئي دور ته محشر جو مذڪور، ڏٺم اڄ اکين سين.

(19)

ڀينر هن ڀنڀور ۾ قيامت ڀانيان ڪالڪ تن کي ڏيان طالق، پنهونء ڪارڻ پٻ ۾.

(19)

سرتيون سڀ ڄمار، قيامت ڀانيان ڪانڌ ري وسري پيا وجود کي پنهونء ري پار

يء حب ۾.حشر ٿيا هزار، هوتن پٺ

Page 185: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 185

(11) ڪيم ڪيچين الء سوء جو سينگار رنگائي رنگريز کان ڪاڪيون ڪيم ڪار

وسري ويم وجود تان هوتن ريء هاالر بادل بيشمار، روز وسايم راهه ۾.

(19)

ستي سئم سڏ، آيل ٻاروچن جا جيء جسو ۽ هڏ، گهوريان گهوٽ پنهونء تان.

Page 186: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 186

داستان چوٿون(2) ، پيئي سڪي سڪ الءسسئي سڪ سچي

پيتائين پنهونء سين ويئي راس رچي تنهن تڙ اچي، پيتي پان اڃ ٿئي.

(1)

جڏهن پيئي پچار، ڇپر هوت پنهونء جي گوندر لٿا گولئين سوين ڪيائون سينگار آيل پني آر، ڪامل آيو ڪيچ مان.

(9)

جڏهن پيئي هٻڪار، ڇپر هوت پنهونء جي طر ٿيو اظهارٻهه ٻهه ٿي ڀنڀور ۾، ع

سرهو ٿيو سنسار، گوندر لٿا گولئين.

Page 187: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 187

(9) رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر تاڙي ڪئي تنوار ڪوئل جي ڪوڪار، اها پڻ آهه عشق جي.

(1)

وجهڻ جان جبل ۾، آهي وڏو ڏوهه رت ڪري ٿو روهه، پياديء کي پنڌ ۾.

(9)

وجهڻ جان جبل ۾،آهي وڏو آزار پٻ ڪڍائي پار، پياديء کان پنڌ ۾.

(2)

ڪني ڪني ماڻهئين، گوندر تي گذران ساٽو ڪجي سور جو. ڇڏي هيء مڪان،

(1)

ڪني ڪني ماڻهئين گوندر تي گذر ٻڌي قرب ڪمر، ساٽو ڪجي سور جو.

Page 188: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 188

(3)

ڪني ڪني ماڻهئين،گوندر ٿيڙو گام سدا سڙن سورن ۾ سڪن صبح شام پرين کان پيغام، راضي ملين عشق جو.

(20)

تنهن پرين نيو پساهه کون يکن ف جڏهن چئي سدائين ساجن کي ساري منهنجو ساهه

واحد چيو واهه اهلل ة ال تقنطوا من رحم سڻي دل سرهي ٿي، ڏنم لڪن منجهان الهه پنهونء جي پيغام، تان مري ٿيان ماهه

کي راهه، هادي ڏيکاري حق جي.“ راضي”

(22) نجلسمهان تان سک نه اچي، جاڳان تان ج

آريء ريء اجل، ڀانيان ٿي ڀنڀور ۾.

Page 189: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 189

(21)

سورن واري سڀڪا مون سورن سو هزار پيهي ويا پاتار جيئن، سرتيون سڀ جھار لکڻ ليکو نه ٿئي ڪري ڪونه شمار من ڪو وهائو وري ڀري ڏيان بار ڪونهي خريدار،نه ته ڏيان ڏهاڙي ڏيهه کي.

(29)

سورن واري سڀڪا، مون وٽ سمنڊ سير هي ويا پريون ڪري ڪاڪيون کوڙي ڪيرپي

عشق آري ڄام جي نت وهايم نير سدا سارنگ مينهن جيئن وسي بوند بهير من ڪو وهائو وري، نه ڀري ڏيان بير

ي وحدت وير، تيئن رهيا اٿم روح ۾جيئن چڙه

Page 190: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 191

(29)

ويهه م شهر ڀنڀور ۾ موسٽ منڌ وسار اسٽ ڏي آر، رک سدائين روح ۾.

(21)

نه منڌ ڀنڀور ۾، موست مور نه مڃويهه چوندي وڃ، ساجن پٺيء سڃ ۾. ون

(29) غافل غفلت ڇڏ، تون ڪيئن اڻاسي اوجهرين چپاتا چلي ويا، لنگهيا لڪن لڏ سسئي ڪري سڏ، ساجن ڪارڻ سڃ ۾.

(22)

ولليو وڻين چڙهي پسيو لڪن لڏ سسئي سوريء چاڙهيا هوتن ڪارڻ هڏ

ن ٻڌي ٻاروچو وري.سرتيون منهنجا سڏ، م

Page 191: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 191

(21) ولليو وڻين چڙهي سڻي چيٽن چهڪار ڪاري تنهن ڪانڀوء ۾ ڪيهر ڪن ڪهڪار ٻڌائين ٻروچ چئي ٻيالين ٻهڪار برهمڻ تي بر ۾ ببر ڪن بهڪار ڏونگر جا ڏهڪار، لنگهائج لطف سين.

(23)

ـواڪا ڪيو وڻين چڙهي، ٿيندي سانباهي سير ساجن ڪارڻ سسئي لڪن ڪئي لير

هون خاطر پٻ ۾ نت وهائي نيرپن دير* پرور مان پياري دوست تنهنجو

، ڏٺم ڏينهن قيام جو.ديردلبر توکان

(10) سسئي سرواڻن کي سنجهي نه سڃاتوء پڄاڻا پاتوء، ڪشالو ڪيچ جو.

Page 192: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 192

(12) سسئي سرواڻن کي سنجهي نه سمڌوء پڄاڻا پوندوء، قدر ڪيچ ڌڻين جو.

(11)

ٽيئه لڱ غريب جالڳي ڪوسي هير، ل اڃا آهي ساهه سڌير، پسڻ الء پرينء جي.

(19)

لڳي ڪوسي هير، واريء ڍڪيس وار پيئي ڪري پچار، پسڻ الء پرينء جي.

(19)

ڏونگر ڏکوين تي ڪري روهه رحم عشق آريء ڄام جي وڃايو سڀ وهم لڱن سوڌو لحم، ڏينديس ڏونگرن ۾.

Page 193: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 193

(11)

ا سبقپاڙهي رات، پنهون ويو سورن ج جيڏيون منهنجا جوش۾ ويا ڪنبي ڪل طبق اللڻ مٿي لڪ، رس رسيال راهه ۾.

(19)

واڪن مٿي واڪا، ڪر سٻاجها سڏ ته هوت تنهنجا هڏ، نين ڪوهيارو ڪيچ ڏي.

(12)

ڪيچ منهن جي ڪڇ ۾، من ٿيو مڪران جيڏيون منهنجي جان، ٿي حوالي هوت جي.

(11)

ل کيجيڪا ڏيندي راز، مون جيئن ٻاروچ عشق سندو آواز، ڪندي ويندي ڪيچ ڏي.

Page 194: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 194

(13)

جيڪا ڏيندي مام، مون جيئن ٻاروچل کي سرتيون صبح شام، ڪندي ڪاڍو ڪيچ ڏي.

Page 195: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 195

سر معذوري

داستان پهريون(2)

ڏيرن پٺيء ڏوريو سسئي سڀ ڄمار هوندا ٻاروچاڻا ٻار، ته ڪوٺي نيندس ڪيچ ڏي.

(1)

چڙهيو تن تنور، ميثاقي من ۾ پلٽيو پون پور ن یالعاشق ب یلنار نص ا

ساجن تنهنجي سور، گهڻيون گهائي وڌيون.

(9) نڪي مئي آهيان، نڪي جيان جال آئون مران شال، منهندان محبوبن جي.

Page 196: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 196

(9) ٻانهي چون جي ٻائي، تڏهن به مون کٽيو دوست اڳيان دائي، ڪوٺين ته قربان ٿيان.

(1)

هون ڀانيان ٻاجههگولي ٿي گزاريان ته ٻ روئي رت پرينء کي وڏا وڌم واجھ ڀينر هن ڀنڀور ۾ ڪنهن سان ڪنديس ڪاج هتي جن هوت وساريو سي مهند ٿينديون محتاج اندر ٿيون عاج، سڌر سور پرين جو.

(9)

پرين خاطر پٻ ۾، جالئي ٿي جيرا هلي هوت پنهونء جا پرٽ پڇي پيرا ا.ٻانڀڻ ٿي ٻيرا، ڪتا کينئي ڪيچ ج

(2)

آئون ڪنيزڪ ڪيچين جي ٻانهوٽي ٻار پنهون تنهنجو پار، ڏسان تان ڏاهي ٿيان.

Page 197: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 197

(1)

پيم پٺاڻن سان جي پشوري ڪن پچار آئون سنڌي نه سمجهان هنن جو عربيء ۾ آچار هو جو پڇن پارسي ۾ مون ٿيو وڏو ويچار اتي احمد ٿي آڌار، رهبر رسج راهه ۾.

(3)

ون جوپ جوانهو جي اچن ٻه ڄڻا جود نک جون ظاهر ساڻ زباني ک وما د ي وما ربک وما نب

ٿيء ضعيفن جو ضمان، موٽ محمد ڪارڻي.

(20) هو جي اچن ٻه ڄڻا جودون جوپ جمال

ڪست ڪمال رکن نک يک وما د ي وما ربک وما نب اي رب جالل، رهبر رسج راهه ۾.

Page 198: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 198

(22) ڻ، سي اڳ نه ڏٺم ڪڏهينهي جي ڏٺم ها

اچي پڌر ٿيا پاڻ د ي ہ من حبل الوريب ال و نحن اقر ٿي تن اندر ۾ تاڻ راي بکوا کث ي ل اوال ي ضحکوا قل ي فل

اتي ساجن سسئي ساڻ، رهبر رسج راهه ۾.

(21) عزرائيل اچي اظهار ستي جاڳائي سسئي

ء ماڻهو موڪليو.پرس پڇي پار، ته پنهون

(29) ڀلي آئين ڀاء عزرائيل! ٿي اظهار توکي هوت هاليو، پورا ڏيئي پار مونکي رب جبار، ماريو ڏينهن ميثاق جي.

(29)

عزرائيل کان آريء جا پڇيا سسئي پار ادا ڪي اوٺي ڏٺئه ڪيچي ساڻ قطار پنهونء جي پچار، موت منهنجي من ۾.

Page 199: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 199

(21)

عزرائيلموت منهنجي من ۾ اندر منهندان منڪر نڪير جي وڏو تون وڪيل

کان ڪونهي پهه پڇڻ جو تنجنهن تي راضي رب جليل،

(29)

منڪر ۽ نڪير کي ڏٺم ڏينهن ميثاق جن هنئي اچي هاڪ نک ي ک وما د يوما ربک وما نب

پرور ڌڻي پاڪ، پنهون ميليم پٻ ۾.

(22) منڪر ۽ نڪير کي سسئي ڪيا سڏ

نهنجا هڏ، ادا ڪي اوٺي ڏٺو؟هوت م

(21) فردا منڌ ڦٽي ڪئي ناقص هلي نار پٽيو ڪڍي پار، پنهونء ڪارڻ پٻ ۾.

Page 200: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 211

(23) فردا منڌ ڦٽي ڪئي، هاڙهي هلي هڄ آريء ڌاران اڄ، وهڻ هن وهه ٿيو.

(10)

فردا منڌ ڦٽي ڪئي، هلي ناقص پٺيان نينهن رمي راتو ڏينهن، پنهون ڪارڻ پٻ ۾.

(12)

، زيء ويا زوري، مان مروشي محبوب ڏيهو ڇپر ۾ ڇوري، کڻي پير پنهونء جا.

(11)

هو نائيٽ ويا نڪري هيء ڊي هليو ڊوڙي لڪن منجھ لوڙي، کڻي پير پنهونء جا.

(19)

ندي نيائون، پنهون وٺي پاڻ سان ڪهل نه ڪيائون، ماري ويا مسڪين کي.

Page 201: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 211

(19)

نسمر ريء سڌون ڪرين، اوري تون آهي ڪڄا لئه ڪاهين، ڪوڙي ڪيچ ڌڻين ڏي.

(11)

جن چيو اڄ نه سڀاڻ، سي پهتيون ڪين پنهون کي جي هتان هليون هاڻ،سي هاڙهي مليون هوت کي.

(19)

جن چيو اڄ نه ڪال، سي پهتيون ڪين پرينء کي هئي تن جي حال، روز رهن ٿيون راهه ۾.

(12)

رينء کيجي هليون هيل نه پر، سي پهتيون ڪين پ ويو تني کان ور، روز رهن جي راهه ۾.

Page 202: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 212

ڪافي

رهبر رمز رالئي ويو،محبت مام مالئي ويو سٽي سانگا سڀ صفاتي، اناالحق االئي ويو پير مغان پريت جو پيالو، پرس پاڪ پالئي ويو

رمز رنديء ۾، جانب جيء جالئي ويو“ راضي”

Page 203: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 213

داستان ٻيون

(2) محبوب کي، آيو موت ماري آئون نه مليس

سڪان ٿي سڪرات ۾ ڏي ساجن ڏيکاري اکين سان آري، پسي پوء مان مران.

(1)

آئون نه مليس محبوب کي عزرائيل ٿيو اظهار سڪندي سڪرات ۾ ويئي سڀ ڄمار پسڻ خاطر پنهونء جي پٽيو ڪڍان پار سٻاجھا ستار، ساجن ميلين سڃ ۾.

(9)

ن ٿيم پنڌآئون نه مليس محبوب کي پويو سڪان ٿي سڪرات ۾ رويو پڇان رند ساهه نه وڃي سنڌ، پسڻ ڌاران پرينء جي.

Page 204: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 214

(9) آئون نه مليس محبوب کي ڪيس موت مڙهي سڪان ٿي سڪرات ۾ پيو قلب ڪڙهي راتو ڏينهن رڙي، پسڻ خاطر پرينء جي.

(1)

آئون مليس محبوب کي ويو ساهه سڙي ڪيم هڪل هوت کي لڪن منجھ لڙي

ٽ چڙهي، ڪنديس حوالي هوت جي.مٿي چو

(9) مٺي ٿي مداء گهري، ٿيو ڪال قريب اچين ته اچ ڪريان، تن جو تون طبيب جان ڪي مل حبيب، نه ته ماري ڇڏ مٺيء کي.

(2)

مٺي ٿي مداء گهري قريب ٿيو ڪال اچين ته اچ ڪريان وحدت جو وصال جان ني نماڻي نال، نه ته ماري ڇڏ مٺيء کي.

Page 205: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 215

(1)

وت ڏيئي ويو حب ۾ رئڻ سندي راههه برهمڻ کي بلوچ ريء بدن لڳي باهه ساجن ڌاران ساهه، ڪاڪيون قيامت ڀانيان.

(3)

رئان رمان شال، راتو ڏينهان راهه ۾ اديون اڄ ڪي ڪال، پسان پنهونء ڄام کي.

(20)

مر ته موچاري ٿئين جيئڻ اڳيان جبار صبر وڏي سنڀار، سگها ميلين سپرين.

(22)

نڪو ساء صبر ۾، نڪا ٻولڻ ۾ ٻاجهه جنهن سان پسجي پرينء کي. اهڙو ڏسي ڪو ڪاج،

Page 206: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 216

(21) نڪا سوڀ سکن ۾ نڪا ڏکن ۾ ڏات اهڙي ڏسي ڪو بات،جنهن سان پسجي پرينء کي.

(29)

هٿان هڏ نه ڇڏيا، صبر سڀ ڄمار سرمان ۽ سينگار، ويا ويچاريء وسري.

(29)

سڀ ڄمار سر ڏني ساجن ملي ته سڃان اوڙڪ سو اظهار، ڪريان پيش پنهونء جي.

(21)

موت منهنجي من ۾ ڌرئون ڪيو ڌڻي پنهونء ڪارڻ پٻ ۾ ڪنديس پاڻ پڻي جتن الء جبل ۾ وڌيم گهور گهڻي ڏکيء کي ڏونگر ۾ ويا هاڃي هوت هڻي

آهي مون اڻي اهلل ةال تقنطوا من رحم جي.سسئي ساهه کڻي، ڪيو حوالي هوت

Page 207: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 217

(29)

ڀلي آئين ڀاء تون، عزرائيل اڄ هوتن الء حب ۾ روئي نه ڪيم رڄ ڀاء اٿي ڀڄ، ڏس ڪو پير پنهونء جو.

(22)

ويو سج وڻن تان پئي پريان جي پار جنهن جي تن ۾ تار، سو ڪوهيارو ڪيچ ويو.

(21)

ويو سج وڻن تان پئي پريان جي پاس ويو. جنهن جي مونکي پياس، سو ڪوهيارو ڪيچ

(23)

ويو سج وڻن تان رنگ ڏيئي راس جنهن جي مونکي تاس، سو ڪوهيارو ڪيچ ويو.

Page 208: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 218

(10)

ويو سج وڻن تان وندر ڏيئي راس جنهن جي مونکي آس، سو ڪوهيارو ڪيچ ويو.

(12)

ويو سج وڻن تان رنگ ڏيئي رات جنهن جي مونکي تات، سو ڪوهيارو ڪيچ ويو.

(11)

ي ڪري ڇڪويو سج وڻن تان ڇوه جنهن جي مونکي سڪ، سو ڪوهيارو ڪيچ ويو.

(19)

ڏونگر لڳي ڏونگر تي ڀڄي ٿيو ڀورا لنگهي ويا لڪن مان گس وٺي گورا ڏکن جا ڏورا، پهتا سڀ پرينء کي.

Page 209: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 219

(19)

ڏونگر لڳي ڏونگر تي ڦٽي ٿيو ڦارون لنگهي ويون لڪن مان ڪرهن قطارون .هڪلون هونگارون، سڻي مان سگهي ٿيان

(11)

سڻي مان سگهي ٿيان، توڏن تنوارون ماري ويا معذور کي موڙي مين مهارون مون ڏي ميارون، هزارين هوتن جون.

(19)

ڪانه ٻڌي مون ڪڏهين توڏن جي تنوار مستن تان ميار، مورائين معاف ٿي.

Page 210: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 211

داستان ٽيون(2)

ڪارا ڏونگر ڏيهه ۾ جتي مٿانهين ماٿر ن مون مادرسجھن گهڻا سڃ ۽ مرو

آرياڻي آڌر، منهن محبوبن جي.

(1) ڪارا ڏونگر ڏيهه ۾ جت رڻ پٽ سجھن روهه

چئي ڪاف ڪشاال ڪوهه“ لشاري”لنگهائج ڏاتر بخش ڏوهه، ته ٿيان حوالي هوت جي.

(9)

ڪارا ڏونگر ڏيهه ۾ جتي برپٽ بيران عاقل اجهي ات ويا وير ٿيا ويران

رانسسئي لنگهيو سڪ مان محبت سان مڪ جن جو پنهون پاڻ ضمان،تن کي ڪانهي باک بهير جي

Page 211: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 211

(9)

ڪارا ڏونگر ڏيهه ۾ جتي جبل غاروغار چئي پوي تونگ تنوار“ لشاري”ليڙن جي

جن ڏٺو پير پنهون جو سي پرجهيو ڪڍن پار هوندن تي هزار، الڳاپا لوڪ جا.

(1)

ڪارا ڏونگر ڏيهه ۾، جتي جبل وڏا جنجال ڇي رجالپنهون ڪارڻ پٻ ۾ رويو پ

جو راهه ۾ رب ٿيو رکوال“ راضيء”

ساجن لهه سنڀال، سسئيء جي سڃ ۾.

(9) ڪارا ڏونگر ڏيهه ۾ جتي ڏري منهنجو ڏيل لڪن منجهه لشاري چئي ڪندي ڪيئن عليل ٿيندو راضي رب جليل، وهان تان وٿي پئي.

Page 212: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 212

(2)

نڪو ڏونگر ڏيهه ۾ نڪي ليڙا لس جتي وندر وس، اتي پسڻ پنهونء جو.

(1)

نڪو ڏونگر ڏيهه ۾ نڪي ليڙا لڪ ۽ حق، اتي پسڻ پنهون جو.“هو”جتي

(3) سمهڻ جو سعيو، ڪڍي ڇڏ قلب مان روح اندر رايو، رک سدائين رڙهڻ جو.

(20)

سمهڻ منجهان سور، جيڏيون جيڏو ئي ٿيو پرينء سندو پور، مون کان غفلت گم ڪيو.

Page 213: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 213

(22)

ننڊ آهي نور، سمهين تان سڌ پوي مٿي طور ىزاغ البصر وما طغ ما

گهايو وجهي گهور، پنهون سندو پٻ ۾.

(21) ستي جا سنڀال، سا جاڳندي نه ٿئي ڪيچ ڪوهياري ڪال، پاڻ پسايو پاڻ ۾.

(29)

جا سڪ ستي، سا جاڳندي نه ٿئي آريجن اتي، پاڻ پسايو پاڻ ۾.

(29)

جا ستي سڪ، سا جاڳندي نه ٿئي لي وڌيس ڇپرين.آريء جي عشق، ڇو

Page 214: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 214

(21)

مڙيئي ٿيون معذور، جي پسن ڪين پرينء کي دوست ناهي دور، اکين اوڏو سپرين.

(29)

ڏيرن ڏنم ڏس، ته ڪيچ پراهون ڪاهه رڙهي ورتم راهه، ته وک نه پوري هڪڙي.

(22)

ٻاروچو ٻيهار، جيڪس ڏٺو جيڏئين رئان روز رت ڦڙا هوتن الء هزار

ڏيئي هٿڙا. مون جيئن ڪڍو پار، مٿي

(21) ڪوڙئين پڇن ڪوهيار، هوت پڇي ڪا هڪڙي جن جو پنهونء سان پيار، سي پاڻهي ٿينديون پڌريون

Page 215: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 215

(23) ٻاروچا ٻيا گهڻا ساجن مون سردار محشر ويل ميدان ۾ ٿيندو محب مهندار آريء جي آڌار، ملندي معافي ملڪ کي.

(10)

ٻاروچا ٻيا گهڻا منهنجو آري ڄام اصل رکيم چت ۾ الستي املچونڊي

تنهن ماڻڪ ڪونهي مل، آهي سرس سڀن ۾.

(12) ٻاروچا ٻيا گهڻا منهنجو اجھو آري ڄام اچي ڪامل ڪل جي سيگهه جھليندو سام قربئون ڏينهن قيام، مرڪائيندو مڙن کي.

(11)

جي حب نه هلڻ سکيا سي جڏا ميل جالل چئي سائين سڀ سنڀال“ لشاري”لنگهائي وصال، متان مارڳ ڇڏئين.وساري

Page 216: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 216

(19)

جي حب نه هلڻ سکيا سي جڏا ميل جبار چئي سائين سڀ سنڀار“ لشاري”لنگهائي سڀ

وسيال وينجهار، متان مٺي ڇڏئين.

Page 217: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 217

داستان چوٿون

(2)

ويو جاڳائي جوان، والي ڪنهن واليت جو سڪڻ جا سامان، ڏنم هوت هٿن سين.

(1)

ڪڙوجت مڙيئي جوان، منجهن مرد ه محبت جي ميدان ۾ پنهون ٿيو پهلوان جڙيو سڀ جهان، آريء جي اوصاف ۾.

(9)

ساهه ڪڍي وئين سپرين ڪري قتل جي ڪار دلبر دل ڦري وئين هت بدن رهيو بيڪار پرين تنهنجي پسڻ الء سڪان سڀ ڄمار هت بدن ڇڏي وئين بيمار، ساهه وٺي وئين سپرين.

Page 218: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 218

(9)

ڇان رندساهه وٺي وئين سپرين رويو پ چانگن سر چڙهي ويا ڪيچي واري ڪنڌ ڏيندس ماهه مرن کي سرتيون وڍي سنڌ هو پريا مٿي پنڌ، آئون ٿي وڻن ۾ واڪا ڪريان.

(1)

ووڙيم سڀ وڻڪار، جيڏيون ڪارڻ جت جي آرياڻي اختيار ط يمح ء یواهلل بکل ش

سڀ ۾ پنهون پار، ٻيو ناهي ٻروچ ريء.

(9) نج ۾ پڇين ڪوهه پارهوت تنهنجي ه

تو ۾ پنهون پار انفسکم افال تبصرون ي وف پنهنجو آهي پار، آڏو عجيبن کي.

Page 219: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 219

(2) دوزخ پئي دوست ملي، ته بهشت مثل ڀانيان چلي چاهه منجهان چمي سر چايان وجهي هٿ حرص مان پڃري ۾ پايان لڱن کي اليان، ڄڀيون ڄيري سنديون.

(1)

هان ۾ دوزخ جو ديروجيڏيون هن ج سونهون سويرو، پڇي پسج سسئي.

(3)

دوزخ منهنجي دل ۾ سدا پيو سڙي راتو ڏينهن رڙي، پسيو اوالنڀا عشق جا.

(20)

پسي اوالنڀا عشق جا دوزخ ڪيون دانهون واحد ريء واهون، ويون ويچاريء وسري.

Page 220: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 221

(22)

جڏهن دل دوزخ ۾، تڏهن بدن بهشت ٿيو لو رات عشق جو.پڃري منجھ پيو، ا

(21)

دوزخ کي دور ڪر، ٿي بهشت کان بيزار آريء جو آزار، رهبر ٿيم راهه ۾.

(29)

درد ڏي نه ڌمال، اڳ ڏکوئي آهيان ڪيچيء جي ڪمال، ريء ڪاتي مون ڪٺو.

(29)

جيڏيون منهن جيء ۾، ڏکن ڪيا ڏار گوندر ڪيا گلزار، سرتيون منهنجي ساهه ۾.

Page 221: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 221

(21)

نهنجي ساهه ۾گوندر ڪيو گسسرتيون م ڏکن جا ڏس، جيڏيون منهنجي جيء ۾.

(29)

گوندر ڪيو گهر، جيڏيون منهنجي جيء ۾ ڏکن سندا ڏر، سرتيون منهنجي ساهه کي.

(22)

رئان ته راحت کالن ته خواري اچي جي آري، ته ميريائي مان لهان.

(21)

کلڻ خواري ڀانيان رئڻ ٿيو رحم ي محب مالئيو.وندر جي وهم، مونک

Page 222: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 222

(23)

چوريء رات چڙهي ويا، من ڪري مڃ ماري ويا معذور کي اوٺي ڏيئي اڃ اتي پير پنهون جو جتي رائو سجهي رڃ ساجن ڌاران سڃ، ڀانيان ٿي ڀنڀور ۾.

(10)

چوريء رات چڙهي ويا ڪري بات بيان ماري ويا منڌ کي ڌريائون ڪو نه ڌيان

مونکي ڏير ويا. سورن جا سامان، ڏيئي

(12) چوريء رات چڙهي ويا ڪري برو فازا بات نڌر ڇڏي ننڊ ۾ ويا نهوڙي ناٿ سورن ڀري ساٿ، ڏيئي مون ڏير ويا.

Page 223: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 223

(11)

ڪيو ڪيچن الء ڪامڻ پاڻ قربان وڍيندس وير نه ڪري ڌري ڪونه ڌيان ساجن ميلين سڃ ۾ سسئي کي سبحان .جيء جسو ۽ جان، ٿيو حوالي هوت جي

(19)

ٿيو حوالي هوت جي جيء جسو ۽ جان منهنجو سڱ ساجن سان ڪيو صاحب رب سبحان وڻي ڪونه وجود کي، آريء ري انسان ڪاڪيون ڪيچ مڪران، ڏٺم پٺيان پنهونء جي.

(19)

ولهيء کي وجود ۾ هوتن جو هور لنگهي پٻ پري ٿيا، هاڙهو حب هنگلور جتن ساڻ زور، هلي ڪونه حب ۾.

Page 224: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 224

(11)

منهنجو هلڻ هوت ڏي، سرتيون سڀ ڄمار راتو ڏينهان روح ۾، ڪريان گهگهيرن گفتار تن تني جي تار، اٿم ميثاقان من ۾.

(19)

جت نه ڀانيان رت،ڌاريان ڌاري ذات هيء ستي هو هليا ويا، اٿي آڌيء رات ساجن سندا سرتيون، اٿم سور سوغات پنهونء جا پرڀات، رجل ڳوليان راهه ۾.

Page 225: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 225

سر ڪوهياري داستان پهريون

(2) ٿا گرد ٿرن ۾ وار وڇائين فاذا جبل روون اندر ۾ آهين ڪرها نه ڪاهين، ٻاروچا ڀنڀور ۾.

(1)

ٿا گرد ٿرن ۾ لڏا الٿائون مان وٿي گوون برون، ايزان الون ائين ٿي چيائون انهن ريء آئون، ٿيس بيراڳڻ برن ۾.

(9)

تيون رهيو من ۾ موت مدامساجن ڌاران سر هميشه حشر ۾ ڪاري ڀانيان قيام دوست وجھي وئين دام، وحدت جا وجود ۾.

Page 226: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 226

(9)

هڪ پهڻ ٻيا پيچرا ٽيان جبل سجهن جڳ آڏا اڻ سونهن کي ٿا ويري وڙهن وڳ هو جي مٺي منهن لڳ،سي ٽارج لڪ لشاري چئي.

(1)

جيئڻ خاطر جيڏيون ڏيرن ڏنا ڏنجھ ن ته سور مڙيئي سهنجڀڳيس جان ڀنڀور کا

لٿا مون تان اهنج، پنهون ٿيس پاڻهي.

(9) پنهون ٿيس پاڻهي ويئي سسئي جي سرت تهان پوء ترت، ٿي حوالي هوت جي.

(2)

پنهون ٿيس پاڻهي ويو سسئي جو ست تهان پوءجت، مليس هوت حب ۾.

Page 227: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 227

(1) سيئي ڪا پچار، ڪي هونهين ٿي هٿ کڻي

هوتاڻن هيڪار سوين روليون سسيون جت پنهونء جا يار، رتي رحم نه سکيا.

(3)

برو بگيرد بي روان شيشنگ ٿيا شهزور شتر هونگاري هليا، لنگهيا هاڙهو حب هنگلور ڪج پنهون پرگهور، پياديء جي پنڌ ۾.

(20)

برو بگيرد بي روان شيشنگ ٿيا شهباز هو شتر هونگاري هليا ايزان جي آواز

رهبر رسج راهه ۾. پنهون ڪري پرواز،

(22) زرٿو مرٿو زيء پنهون نيائون پاڻ سين ٿڙش ٿڙش ڪيم ڪي ڏوري ڏيرن ٿيء جتن ڪارڻ جيء، ڏيئي مرج ڏونگرين.

Page 228: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 228

(21) زرٿو مرٿو زير، پنهون نيائون پاڻ سين ٿڙش ٿڙش ڪيم ڪي ٿيء ساجن الء سڌير نت وهائي نير، هاڙهي ڳولج هوت کي.

(29)

ڀو ڏيهه ۾ چيتا گهمن چوڌارڏاڍا ڏين گدڙ بگهڙ ڀولڙا بالئون بيشمار اتي رب جبار، ٿي مدد مسڪين جي.

(29)

ڏاڍا ڏينڀو ڏيهه ۾ٻيا جن جانور جال چئي رڻ ۾ ڪو رجال“ راضي”رسي ڪون

اتي رب جالل، ٿيو ماڙ هن مسڪين جي.

(21) شب نه جاڳينء شوق سين، ستينء صبح شام

ننڊون ڪرين برهه ڪئيه بدناماليو نينهن آريء جو انجام، پار ته پوري رهين.

Page 229: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 229

(29) شب نه جاڳينء شوق سين ستينء سڀ ڄمار هتان هوت کڻي ويا، ساٿ ڌڻي سردار رهي توتي منڌ ميار، ڪچو ڪيچين کي چوين.

(22)

شب نه جاڳينء شوق سين، ستينء سويري هتان هوت وٺي ويا وڪوڙي ويري

ويري، جاڳيس تان جت ويا.اٿيس ا

(21) شب نه جاڳينء شوق سين ستينء رات ساري هتان هوت وٺي ويا اٿياري آري ڌوٻڻ ٿئينء ڌاري، پهه نه سڃاتئه پرينء جو.

(23 )

شب نه جاڳينء شوق سان ستينء ڏيئي سنجهو منجو ماري ويا معذور کي ڇڏي منڌ

ويا.ڏيئي ڏير ڏنجهو، چوريء رات چڙهي

Page 230: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 231

(10)

چوريء رات چڙهي ويا ڪري بروفاذا بات ماري ويا معذور کي ڪيچي هڻي ڪات ڏکي ڏيئي ويا ڏات، سسئي کي سڃ ۾.

(12)

بروفاذا بات جن جي ٿانگر روان ٿو چوري رات چڙهي ويا بانڪا وٺي بر ڪيچي کڻي ڪر، ٿيا روانا راهه کي.

(11)

بروفاذا بات جن جي، سنجھي سنوارين رات چڙهي ويا معذور کي مارين چوريء

توڏا تنوارين، هوت هليو حب ۾.

(19) نه ند دلبر دوست کي سڪي ڪيم سڏ سو ۽ سل هڏ، گهوريان گهوٽ پنهونء تان.

Page 231: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 231

(19)

بشي ڪان بلوچ ڪري اٿي ويا اڌ رات هچن هلڻ وقت ۾ وائي نه ڪئي وات تن تني جي تات، هتان جي هوت ويا.

(11)

هاريان راهه، سدا سپيرين جينه ند ن جي هلندڙ هلي ويا تن الء سڪي ساهه آڻيندو اهلل، پذيري پرينء کي.

(19)

ڪل نانگيون ٿي نڪرو اللچ ڇڏي لب هلو سدائين حب سين سرتيون اوهين سڀ هادي پنهنجي هٿ سان راهه رسائي رب پرين پسو پاڻ ۾ هوت هلي حب

ئي.سيڻن سندو سبب، ننڊن ڪندي نه ٿ

Page 232: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 232

وائي ڏونگر منجھ ڏران آئون نه ٽران هنيون منهنجو هوت کڻي ويا کڻي پير پنهون جو، جبل چوٽ چڙهان جيڏيون ڪارڻ جت جي،ڪاڪيون روز ڪڙهان ڀنڀوران مون بس ڪئي، لڪن پاس لڙان آريء جي اٺن جا، پسيو رند رڙان مونکي سڪ ساجن جي، سرتيون ٿي سڙان

، پرين پئي پڙهان سدائين روح ۾“ راضي”

Page 233: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 233

وائي رات پنهل هو پاسي ۾، اڄ هاڙهي ويو هلي ڀينر ڏس ڏکيء کي،چاڪ پسان آئون چلي سرتيون ڪنهن سان سليان سور ڪو وارث ناهه ولي جيڪر منهنجي جوش ۾ وڃن جبل جلي وينديس پٺيان ور جي محب ڏسان ملهي هاڙهي پٻ هنگلور جي، ڳولينديس ڳلي

اهه ۾، آ ڳهه ٿيندو علي کي ر“ راضي”

Page 234: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 234

وائي ڏونگر منجھ ڏران آئون نه ٽران هنيون منهنجو هوت کڻي ويا کڻي پير پنهون جو، جبل چوٽ چڙهان جيڏيون ڪارڻ جت جي،ڪاڪيون روز ڪڙهان ڀنڀوران مون بس ڪئي، لڪن پاس لڙان آريء جي اٺن جا، پسيو رند رڙان

ي سڙانمونکي سڪ ساجن جي، سرتيون ٿ سدائين روح ۾ ، پرين پئي پڙهان“ راضي”

Page 235: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 235

وائي رات پنهل هو پاسي ۾، اڄ هاڙهي ويو هلي ڀينر ڏس ڏکيء کي،چاڪ پسان آئون چلي سرتيون ڪنهن سان سليان سور ڪو وارث ناهه ولي جيڪر منهنجي جوش ۾ وڃن جبل جلي وينديس پٺيان ور جي محب ڏسان ملهي

ي، ڳولينديس ڳليهاڙهي پٻ هنگلور ج کي راهه ۾، آ ڳهه ٿيندو علي “ راضي”

Page 236: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 236

داستان ٻيون(2)

وڏا وڻ وندر جا جت مرن جو محشر بالئون برن ۾ ڪرڪيو کڻن ڪر ويٺيون وجهن ور، ڏوران ٿي ڏنگڻ الء.

(1)

وڏا وڻ وندر جا، جتي سفر گهڻو سانگ سسئي کي ساجن جي تن اندر ۾ تانگھ

نگ، ڪڍيم روز لکن جي.اللڻ ڪارڻ ال

(9) واقف نه وڻڪار جي جتي مرن جو مارو برن ۾ بالئن سان چلي نه چارو ڪيچي ڪوهيارو، ڏسان تان ڏاهي ٿيان.

Page 237: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 237

(9)

ڪيچي ڪري ڪاهه، ميون مارڻ آئيو الهي سانگا ساهه، ٿيس حوالي هوت جي.

(1)

ڪيچي ٿي قهار، ميون مارڻ آئيو نگا ساهه جا.ٿيس نطاري نروار، الهي سا

(9)

ڪيچي ڪاهه ڪري ميون مارڻ آئيو پرتئون پير ڀري، ٿيس حوالي هوت جي.

(2)

اڱڻ مٿي اوپرا توڏا ڏٺئه تيار ونگيئه نه وارن سان، مين جي مهار ته ولهي تو وڻڪار، ڏوريندي ڏينهن نه ٿيا.

Page 238: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 238

(1)

اڱڻ مٿي اوپرا جڏهن ڪرها ڏٺئه ڪال جمل اٿي جالونگيئه نه وارن سين

هاڻي تنهنجي حال، سور نه پرايا سسئي.

(3) جڏهن ڀيڄ ڀني ڀال، تڏهن اوٺين اٺ پالڻيا سڌ نه ڏيندين ساٿ جي سرتيون ٿيم نه سنڀال مهارون مين جون ويا ڇنائي ڇال اڃان انهي ڳال، قيامت اليم قلب ۾.

(20)

ور لڪن جي لوڙ، گهوريا سک ڀنڀور جا سي ڪم نه اچن ڪوڙ امڙ تون جي آڇيين

جسي منهنجي جوڙ، ٻڌي ٻاروچن سين.

Page 239: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 239

(22) مٿان مٿي باهه، ٻريم ٻاروچن جي گهوريان گهوٽ پنهونء، تان سرتيون سارو ساهه امڙ اوري آء، ته سٽ سڻايئين سور جي.

(21)

هوتن پٺيء حب ۾ سرج سڀ ڄمار موتو قبل ان تموتوا مرڻان اڳي مار

ئي ساجن الء وحدت وائي وارسس وسائج وصال جي مٿي مينگھ مالر بلوچ بيشمار، پاڙج قوم پنهونء سان.

(29)

لڳي ڪوسي هير لوڪ مڙيئي لهسيو اڀن منجاهن آيو توبهه جو تاثير مرن موت قبوليو نت وهائي نير جانب تنهنجي جدائيء ۾ سڙي ٿو سرير پرينء جي پسڻ الء اندر منجھ اڪير ور وسيال وير، رهبر رسج راهه ۾.

Page 240: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 241

(29) ڏک سکن جو سينگار،گهوريا سک ڏکن تان وحدت جي واپار، در ڏيکاريم دوست جو.

(21)

سکن ڏيئي سؤ هزار، ورهه وهايم وترو ڏک منهنجي ڏيل ۾ ڀينر بيشمار ويچارن ڪين وڃايو سورن سڀ ڄمار دوست جي درٻار، سونهان ٿيا سيگهه ۾.

(29)

کي شاباس، جني مون سان گهاريوتن سورن مونکي پنڌ پرين جو ڏکن ڏيکاريو ويچارن ڪين وساريو، سونهان ٿيڙا سڄڻين.

(22)

سکن کان ڏکن کي شاباس بيشمار ويچارن ڪين وڃايو سرتيون سڀ ڄمار پرس پرينء پار، سونهان ٿيا سيگهه مان.

Page 241: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 241

(21)

آء ته عشق جا پورا ڏسيئين پار ون بيشماراالهي اندر ۾ باهي

سدائين سقر جيئن، ساڙي سڀ ڄمار منگل منهنجي من ٻاريا هوت هزار الڳ ٿيو آزار، ڪا ڪل پسي پرينء جا.

(23)

پاسي ڪر پرهيز کي پڌر وڃائي پاڻ جن ڏٺو آري اکين ساڻ،تن سڀ دين ورائي درس ڪيا

(10)

آئون ستي هو هليا، وٺي محب ميا جاڳي جتن جا مون روئي رند کنيا

اجن پٺيء سڃ ۾ الٿيم لڄ لياس مهڻا ساري ملڪ جا وسري سڀ ويا عقل مت حيا، ويا پنهونء ڪارڻ پنڌ ۾.

Page 242: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 242

(12) لٿو ڪم ڪيچن جو هليا ناقص ڇڏي نار وندر جي واٽن ۾ ڪيم سڏن سو هزار تون آهين ڏيهه ڌڻي ڏاتار، هوتن تان هيڏي ڪئي.

(11)

ڏکوين نيشان، ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو ڪان، ڏورڻ هليون ڏونگرين.ڇڏي هي م

(19)

ڏکوين جو ويس، ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو دلبر سندو ديس، ڏورڻ هليون ڏونگرين.

(19)

ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو هي ڏکوين پار وڃن گوندر گڏيون ساڙي سڀ سينگار سورن سڀ ڄمار،مون سان ننڍي هوندي نينهن ڪيو

Page 243: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 243

داستان ٽيون

(2) پٿر مون پيرن ۾ ڀلي لڳن بيشمار

ر آڱوٺي نه ملي ڏونگر وجهن ڏارآڱ هاڙهي وندر وچ ۾ سڙان سڀ ڄمار ويندي پرينء پار، جتي ذات نه پايان.

(1)

ڪنڊا مون پيرن ۾ مر لڳن لک هزار آڱر آڱوٺي نه ملي ڌريون ٿين ڌار آري اکين ٺار، ڏسان تان ڏاهي ٿيان.

(9)

جو، مجوسيء کي مار“ال”الئي خنجر وحدت وار وڍي وهم وجود جاورق

ڪڍي سڌون سرير مان، تن توحيد سان تار محبت جي ميدان ۾ ڪر ڪسڻ جي ڪار پر پرينء جي پار، ته هلڻ ۾ هلڪي ٿئين.

Page 244: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 244

(9)

ڪيچان آيو قافلو ساٿ ڌڻي سردار کٿوري خوشبوء جا ڀري آيا بار اها پئي پچار، ته وريو بخت ڀنڀور ۾.

(1)

ورآڏا ڏونگر ڏيهه ۾ جتي پنڌ اڙانگا پ ويچاري وڻڪار ۾، مين ڪئي معذور نرمل رسج نور، پياديء کي پٻ ۾.

(9)

آڏا ڏونگر ڏيهه ۾ جتي لڪن لک هزار بر ۾ بالئن جون بهيرون بيشمار اتي ڏيهه ڌڻي ڏاتار، رس رسيال راهه ۾.

Page 245: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 245

(2) آڏا ڏونگر ڏيهه ۾ مٿي لڪن الهه پنڌ اڙانگا پٻ جا منجهان رڃن راهه

سڪ سڪايو ساهه پهڻن پير پٿون ڪيا رس رسيال واهه، سسئي کي سڃ ۾.

(1)

مرد جنهن مات ڪيا سي سسئي لنگهيا سو هزار جبل جاڏا بيشمار، نمن مڙيئي نينهن کي.

(3)

هاڙهو ڳاڙهو کيرٿر، جت جبل آهن جام ور وسيال سپرين عالم جا امام اجھا آري ڄام، من ووڙيندي ور پئين.

(20) ٿر جبل ججھا جتهاڙهو، ڳاڙهو، کير

پنهون ڪارڻ پٻ ۾ نيڻ وهائي نت هوت هلي آ هت، ڪر حوالي حق جي.

Page 246: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 246

(22)

هاڙهو، ڳاڙهو، کيرٿر جت جبل آهن جال پنهون ڪارڻ پٻ ۾ رويو پڇي رجال

جو راهه ۾ رب ٿيو رکوال“ راضي” ساجن لهه سنڀال، سسئيء جي سڃ ۾.

(21)

پرتوو پنهونء جو چڱي آهي چٺي ٺي، اصل آري ڄام جي.مصيبت م

(29)

پرتوو پنهونء جو چڱي اهي چال مصيبت آهي مال، اصل عاشقن جو.

(29)

اکيون پرين تنهنجون ڀانيان هاديء جو حضور سڀ الهين سور، جي ڳالهائين ڳاٽ کڻي.

Page 247: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 247

(21)

اکيون پرين تنهنجيون گهايو وجهن گهور ميثاقي من ۾ پون پلٽيو پور

زين نادان کي.نظر ڪرين نور، ته نوا

(29) پريان سندي پار جو ڪتو اچي ڪارو ته سسي ساهه سارو، قربان ڪريان ڪتي تان.

(22)

ڪتي قريبن جي ڀونڪي ڀٽاري ويٺي ويچاري، ڏند ڏيکاري ڏيهه کي.

(21)

جيڏيون هن جهان ۾ آيل اٿي اوريو ساهه تنهن ساجن تان گهوٽ مٿان گهوريو

ء ڪارڻ پٻ ۾.ڏونگر هلي ڏوريو، پنهون

Page 248: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 248

(23) باري بند بلوچ جو نسورو ئي نينهن رهيو راتو ڏينهن، هر دم هوت پنهونء جو.

(10)

هردم هوت پنهونء جو ٿيو حقيقت حال سرتيون ساجن جا، اٿم سور سنڀال ڀانيان وڏو ڀال، جن پسايو پرينء کي.

(12)

هنئين منجھ هوت الء ڪاڪيون اٿم ڪرٽ لنگهائج لڪن مان.پنهونء چام پرٽ،

(11)

پنهونء سان پاند جيئري اٿم جيڏيون کا اڳي ڪانڌ“ ڪن”اصل آري ڄام ڪيم

وندر منجھ ويساند، ساجن ڏنيم سڪ جي.

Page 249: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 249

(19)

ڪهي ڪيچن جو وهي وڳ ويو ساجن تنهنجي ساٿ جو جانب جت ٿيو پرو مون پيو، ته ملي پاکر پنهونء کي.

(19)

ڀوڙو ساٿهلڻ جو هل ٿيو، سن سنگ ڀريندي سڀڪا مٿي لڪن الٿ جن ننڊ وڃائي ناٿ، تن تان محصول معاف ٿيو.

(11)

هار ته اوڏي ٿين عجيب کي“ هئڻ”هيڪر تو ۾ پنهون پار و انا سرہ ي االنسان سر

هوت تنهنجو يار، پرين پراهون نه ٿئي.

(19) هيڪر هئڻ ڇن ته ويجهي ٿين وصال کي

روئي راهون پن اهلل ةتقنطوا من الرحم ال جت ڏٺو جن، سي محفوظان معاف ٿيون.

Page 250: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 251

(12)

هيڪر هئڻ ڇوڙ ته ويجهي ٿين وصال کي وحده ال شريڪ لہ خيمان اندر کوڙ

ته منڌ پسين موڙ، هاڙهي هوت پنهونء جا.

(11) هيڪر هئڻ ٽوڙ، ته ويجهي ٿين وصال کي

ٻيائي سڀا ٻوڙاهلل الصمد بي نياز ته جيئري ٿيئي جوڙ، هاڙهي هوت پنهونء سين.

Page 251: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 251

داستان چوٿون(2)

آء ڪانگا تو ڏيان نت ڪڍي نيڻ وڃي کاء والت ۾ جتي سڌر منهنجا سيڻ واري ڏين ويڻ، ته ڀانيان مون ڀال ٿيو.

(1)

آء ڪانگا تو ڏيان ترت ڪڍي تارا ڀال ٿيو. پرينء جي پارا، ڀانيان مون

(9)

رفاقت رڃن ۽ هادي ٿيو همراهه رات وٺي راهه، پهتيون سڀ پرينء کي.

Page 252: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 252

(9)

جيڏيون منهنجي جيء ۾ دردن ڪيو ديرو پنهونء جو پيرو، ڏسان تان ڏاهي ٿيان.

(1)

جيڏيون منهنجي جيء ۾، دردن ڪئي درٻار سورن سڀ ڄمار، ماريو مون معذور کي.

(9)

مهڻ ٿيو سورجاڳڻ جنجل ڀانيان س پرينء سندو پور، وسري ڪين وجود مان.

(2)

اديون ڙي اڻموٽ اصل ٻار ٻروچڪا ماري ويا معذور کي، ڏيئي چانگن چوٽ ڪيچي ڀڃي ڪوٽ، پنهون وٺي ويا پاڻ سان.

Page 253: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 253

(1)

پٻنئان پري ويا چانگن ڏيئي چوٽ پڇائينديس پنهون الء قلعا ڀڃي ڪوٽ

ڀنڀور ۾. آريء ري اوٽ، ٻيو ڀانيان ڪونه

(3) سکن سيڙائي، ڪيس پري پنهونء کان سورن سمجهائي، ڪيس حوالي هوت جي.

(20)

سورن سمجهاڻي، ڏني منهنجي ڏيل کي ڏکن ڏهاڻي، ڪيس حوالي هوت جي.

(22)

ڏک لڳو ڏونگر ٻريو سڙي سمنڊ سير منهنجو ساهه سرير، ٿيو حوالي هوت جي.

Page 254: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 254

(21) ڀورڏک لڳو ڏونگر ٻريو ڀينر کاڻو ڀن

گوندر ڪئي گور، جيڏيون منهنجي جيء ۾.

(29) ڏک لڳو ڏونگر ٻريو سريو سڀ جهان جيڏيون منهنجي جان، ٿي حوالي هوت جي.

(29)

ڏکن منهنجو ڏيل ڀڃي سڀ ڀورا ڪيو دوئي جا دليل، سورن سڀئي ساڙيا.

(21)

پرين وٺي ويا پاڻ سان، پنهون پهلوان انساجن بنا ساڻيهه ۾ ڀانيان ملڪ ميد

سيج مون سوريء ٿي تنبو توڙي طوالن ساڙينديس سقر ۾ سرتيون سڀ سامان وڻن ڪين وجود کي ٻڙيون ٻئي جهان هنيون ٿيو حيران، پنا قول قيام جا.

Page 255: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 255

(29)

پرين وٺي ويا پاڻ سين وسيلو والي ساجن بنان سرتيون ڀانيان خلق خالي پنهون ڄام پيالي، پياري ويو پريت جي.

(22)

ين وٺي ويا پاڻ سين وسيلو وينجهارپر ساجن ڌاران سرتيون سڃو ٿيو سنسار منهنجي قلب قرار، ناهي اديون ان ري.

(21)

ناهه جمعيت جان کي هوت پڇاڻا هيل موال سائين ميل، جن ساء چکايم سڪ جو.

(23)

ناهه جمعيت جان کي ساجن بنا سڀ ڄمار پنهونء جي پچار، ساء چکايم سڪ جو.

Page 256: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 256

(10)

ناهه جمعيت جان کي هوت بنا هر وار ڏاتر سي ڏيکار، جن ساء چکايم سڪ جو.

Page 257: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 257

ڪافي ڀلو ڪندوم ڀال، هيڻو حال سندوم پنهونء ڌاران پٻ ۾ ، ههڙا ٿيڙا حال سر صدقو ساجن تان مڏيون گهوريان مال پياديء کي پٻ مان لڪيون لنگهائيندو لعل

ج سنڀالجي راهه ۾ سائين ڪ“ راضي”

Page 258: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 258

ڪافي هوت سالمت سپرين، ويندا وٺي نال

پنهونء ڌاران پٻ ۾ ههڙا ٿيڙا حال آگا اگهائج عليل جو، سٻاجها هي سوال پاڙي رهي پرينء جي، ڪريان وحدة جو وصال

کي راحت ٿي، پسي جانب جو جمال“ راضي”

Page 259: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 259

وائي ڪيچ ڌڻيء ڪم، منهنجو ڪيو مڪران ڏي

ن کي، دوست اڳيان دمڏيان ماهه مر پسان پنهونء ڄام کي، ته گوندر لهن غم ٿيان حوالي هوت جي، وڃن سڀ وهم کائين ڪتا ڪيچ جا، لڱن سوڌ لحم

ٿيو هردم“ راضي”سرتيون پسي ساجن کي،

Page 260: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 261

سسئي ٽيهه اکري 02

اکر هڪڙو سسئي ڪيو سال الف:

ڏيرن مون سان ڏاڍ ڪيو نيائون نه نال

۾ ڪنديس پاڻ پئمالپنهون ڪارڻ پٻ

ڪيچين ڌاران ڪال، ڀانيان ٿي ڀنڀور ۾.

01

: ب

بيئون تنهن بلوچ جي ٻانڀڻ هئي ٻانهي ڏيکاري ڏکي کي پرين پيشاني

نيشاني ملي،هيء نينهن مونکي ميثاقان سان قرباني، ٿينديس هادي هوت تانڪلمي

Page 261: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 261

09

نوارتيئون تات تن ۾ توڏن جي ت ت: بر ۾ بلوچن الء نيڻ وهايم نار ڪيچن جي قطار، هادي مالء حب ۾.

09

ثيئون ثابت سور، اٿم آري ڄام جو :ث ڪهي ڪميڻيء کي ڪيچن ڪيو ڪلور هوتن جو حضور، ڏکن مون ڏيکاريو.

01

جيمئون جتن الء، روئي پڇان راهه ج : مون کان ور وٺي ويا، سختي ڏيئي ساهه

يلو ۽ واهه، ڀانيان ڪين بلوچ ري.وس

Page 262: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 262

09 حيئون حبيبن الء ڪهي ٿي ڪنگال ح :

سسئي کي ساجن جو نينهن اندر ۾ نال ڏکيء کي ڏنڀال، ويو لهي وڻن تان.

02

خيئون خان کڻي ويا ڀينر رات ڀنڀوران خ : ٿيس پوڄاري پنهونء جي هئين جي هوران

توران وڍيان هوند وجود کي تڪيان نڪي ڪپيان ۽ ڪوران، جي هوت مليم حب ۾.

01

دالئون درد جون ٿيون سسئي کي سارون د : ڪيم منجهان قلب جي ڪيچين ڪوڪارون ساجن منهنجي سور جو دوست ڪندو دارون توبهه جون تارون، ڏيندا مون ڏير ويا.

Page 263: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 263

03

ذالئون وڃي ذوق سان سسئي پسندي سيڻ ذ : ري نماڻيء نيڻوهايا واٽن تي ڀ

ولهي سڻي ويڻ، تل نه ترسي هيڪڙو.

20

ريئون رڙهي راهه ۾ ڪج پرين جي پچار ر : اٿي وڍ وجود کي ڪري ڪاسائڪي ڪار پنهون تنهن جي پار، هوت ملندو حب ۾.

22

زيئون زاريء سان هئين پر هليج ز : مدائي من جي، ڪوري سڀ ڪڍيج

پاکر پنهونء ڄام جي.جھولي پائي جھليج،

Page 264: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 264

21

سينئون اکر سچ جو سسئي سڃاتو س : هلي هوت پنهونء ڏي پير ڀري پاتو نڌر جو ناتو، هو پهرئين ڏينهن پنهونء سان.

29

شينئون ڪڍيو شڪ ٻانڀڻ ٻيائي جو ش : پياديء کي پنڌ ۾ پنهونء ڏني پڪ

چئي“ لشاري”وئي لنگهي لڪ، لطف سان

29

صادؤن صحي سنڀاري، سسئي تنهن ساجن کي ص : ڏاتر ڏيکاري، هيڪر هوت اکين سان.

Page 265: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 265

21

ض:

ضادون زال ضعيف، سسئي سڏ ڪري آء اوري عجيب، تون پنهون پير ڀري هئي جا هت مري، سا ڪر حوالي حق جي.

29

طوئيئون طالع تنهنجو آهي جيئري مٿي جن : ط ا منجھ لڪنماري ويا معذور کي ليڙ

پرور رکي پن، ڪج حوالي حق جي.

22

ظوئيئون ظاهر زاري ٻانڀڻ ڪئي ٻروچ لئه : ظ منجهه وندر ويچاري، ڪري هڪلون هوت کي.

Page 266: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 266

21

عينئون عشق آريء جو اٿي تون اجار : ع چوري رات چڙهي ويا، بوتن کڻي بار هوتن لئه هيڪار، ڏونگر وڃي ڏور تون.

23

غينئون غافل ڇڏ، سڀ سياڪا سسئي : غ هتان هاڻئي لڏ، ويهه وساري ڪينڪي.

10

فيئون مان فراق، هلي ڪج حشر : ف مٺي متان ڇڏئين دوستاڻو در ولهي توکي ور، ڪندو حوالي حق جي.

Page 267: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 267

12

ڪافئون ڪٺي ڪال، عشق آريء ڄام جي : ڪ نيندو پنهون نال، هوت نه ڇڏيندو هيڪلي.

11

قافئون قرب ڪٺي، آهيان آريء ڄام جي : ق پسڻ ڌاران پرينء جي هيء معذور مٺي جا لڪن منجھ لٽي، سا قادر ڪيچ رساء تون.

19

المئون ٿي الل، پسڻ مان پرينء جي : ل ساجن ڪئي سنڀال، سسئيء جي سڃ ۾.

Page 268: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 268

19

ميمئون محبت ۾ پئج منڌ مري : م ندي دوست دريمتان مٺي ڇڏئين س

وندر منجھ وري، ڪندء حوالي حق جي.

11

نونئون پنهنجي نينهن کي سسئي تون سڌار : ن پنهون ڪارڻ پٻ ۾ ووڙ سڀئي وڻڪار وحدت وائي وار، ڇڏي سانگا ساهه جا.

19

وائون ورق وصال جو سسئي سوايو : و پانڌي پرين پار جو اتاهون آيو

رازق رسايو ڪميڻيء کي ڪيچيء سان پنهون پسايو، هيڪلي کي حب ۾.

Page 269: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 269

12 هيئون هاڻي حضور، ٿيو ٻانڀڻ کي ٻروچ جو : هه

مليو سهاڳ سسئي، ٿيا ڏک مڙيئي ڏور نماڻيء تي نور، پيو پهرئين ڏينهن پرينء جو.

11 المؤن ڪري الت.پنهونء ڪارڻ پٻ ۾ : ال

ڏاتر ڏني ڏات، سسئي کي سڪ جي.

13 الف اکر عشق جو سسئي تون سڃاڻ : ء

کي. پهرين وڃائج پاڻ، پوء ڪج هڪل هوت

90 ييئون ياقي ٿياس، پنهونء ڪارڻ پٻ ۾ : ي

الهي سانگا ساهه جا پرينء پيش پياس قادر ڪيچ ڪياس، ڪلمي سان ڪريم جي.

Page 270: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 271

سر مومل راڻو داستان پهريون

(2) ڪاڪئون قاصد آيو راڻي پاس رهي

ڙهيو محمد مصطفي سردار صحيچ اڳيان خوف نڪي خطرو آيو واحد کان وحي هاشمي هنئي، هر جاء هڪل حق جي.

(1)

روء ناهي راڻي جي سوڍو سڀن سردار چئي مٿان ڏيهه ڏڪار“ لشاري”الٿائين

مينڌرو مهندار، آگي ڪيو اڳهين.

Page 271: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 271

(9) روء ناهي راڻي جي سوڍو سڀن سينگار

عالم تان آزارالٿائين لطف ڪري ڪانهي ٻي پچار، ٿيو مڙوئي مينڌرو.

(9)

روء ناهي راڻي جي سوڍا سو هزار چئي اونو ، انتظار“ لشاري”الٿائين

ڪانهي ٻي تنوار، ٿيو مڙوئي مينڌرو.

(1) مون وٽ محب مينڌرو، قربئون آيو ڪال راڻي جي رهاڻ مان ٿي ڀالئي ڀال سوڍي جي سنڀال، منهنجو جيء جياريو.

(9)

مون وٽ مور مينڌرو ريجهي آيو رات سوڍي جي صحبت جي وائي اٿم وات مون تن سدائين تات، راڻي جي رهاڻ ۾.

Page 272: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 272

(2)

مون وٽ مير مينڌرو، اديون اڄ آيو سوڍي جي صحبت جو سدا مون سعيو روح اندر رايو، راڻي جي رهاڻ جو.

(1)

مون وٽ مير مينڌرو اڃا ايندو اڄ ڻو ڏيندو اڄسوڍو مون سهاڳ جو را

منهنجي اوڻاين جي ٿي ڪاڪ سموري ڪڄ ڀئو ڏکندا ڀڄ، ڍوليو آيو ڍٽ ۾.

(3)

مون وٽ مرد مينڌرو سگهو ايندو سڀاڻ سوڍي بنان سرتيون ڀيال ڀانيان ڀاڻ راڻي جي رهاڻ، منهنجو جيء جياريو.

Page 273: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 273

(20) مون وٽ مير مينڌرو هميشہ هوندو راڻو منهنجي روح مان وسري نه ويندو

يء کي ڏيندو، ڪاڪ سموري ڪڇ ۾.ڏک

(22) ڪاڪ ڇڏيائون ڪنڊ تي پاسي ٿيا پاڻ موتو قبل ان تموتوا سدا کنيائون ساڻ تن کي ڪهڙي ڪاڻ، لڊاڻي لنگهڻ جي.

(21)

راڻي ڌاران رات، قيامت ڀانيان ڪاڪ ۾ ماري ويو مينڌرو سوڍو ڏيئي سڪرات ا.پرينء لئه پرڀات، ڪانگ اڏايم قرب ج

(29)

ويئي وهامي راتڙي تڪيندي تارا مل مران ٿي مينڌرا آء سوڍل سوڀارا پرتئون پيارا، کوڙ قناتون ڪاڪ ۾.

Page 274: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 274

(29)

ويئي وهامي راتڙي سوڍي ڌاران سڀ اللچ اٿم لب، راڻا تنهنجي روح ۾.

(21)

ويئي وهامي راتڙي سوڍي ريء ساري جا مينڌري ماري، سا ڪيئن وهي ڪاڪ ۾.

(29)

سوڍي الء سرتيون سڪندي ٿيم سال راڻي جي رهاڻ لئه ڪانگ اڏايم ڪال النگ ورائي الل، موٽ منهنجا ولها.

(22)

ڪتيون ڪاپار آيون، لڌا لڙيا لس سوڍي جا سرتيون ويٺي ڏسان گس راڻا اچي رس، مل مران ٿي مينڌرا.

Page 275: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 275

(21) ڪتيون ڪاپار آيون آئون ولهي بيوس

پڇان ڏسسوڍي جا سرتيون ويٺي پرين اچي پس، محب مران ٿي مينڌرا.

(23)

ڪتيون ڪاپار آيون ٽيڙو اڀريا ٽيل راڻو رات نه آيو ويئي وهامي ويل کهه سا، کاڻي ننڊڙي جنهن اڄ ڪرائي اويل سور ٿيم سيل، سوڍي ڌاران سرتيون.

(10)

ڪتيون ڪاپار آيون لڌا لس لڙيا ڳوڙها ڳل ڳڙيا، سوڍي ڌاران سرتيون.

(12)

هانڍيا ڪارڻ هل توکي ڌڻين ڌاريو پسون اڄ پرينء کي جودون ڪاهي جمل مومل هت محل، ڪرها رسون ڪاڪ ۾.

Page 276: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 276

(11)

ڪين ساڱا هيم سپرين جاڙون ڪيم جام سوڍا مونکي شام، موٽي آيون منهن ۾.

(19)

ڪين ساڱاهيم سپرين جاڙون ڪيم جو راڻا مونکي روء، موٽي آيون منهن ۾.

(19)

ان مير مينڌرو رسي ويو اڌ راتمون ک وهڻ مون وهه ٿيو قهري لڳم ڪات مون تن سدائين تات، تون سگهو موٽج سپرين.

(11)

آئون ڪانڌ ڪميڻي آهيان تون ڍوليا ڪج ڍڪ جتي ايندي سڀ خلق، اتي ڏيج پاند پناهه جو.

Page 277: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 277

داستان ٻيون

(2) ڍولئي ڍڪي آهيان نه ته هيس اوڳي اڻڄاڻ

ڏنم پاند پناهه جو. پرور ڌڻي پاڻ،

(1) ڍولئي ڍڪي آهيان نه ته هيس گولي گنهگار ڪري مينگهه مالر، ڪڪر ڪيائين قرب جو.

(9)

ڍولئي ڍڪي آهيان، نه ته هيس اگهاڙي اسير ڪري سارنگ سير، ڪڪر ڪيائين قرب جو.

(9)

ڍولئي ڍڪي آهيان نه ته هيس اگلي عيبدار رپسي مدايون منهنجون ٿيو شيطان شرمسا سوڍي سڀ ڄمار، ڏنم پاند پناهه جو.

Page 278: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 278

(1)

مومل کي مجاز جون تن ۾ تراريون هڻي ٿي حاڪمن کي ڪوٺيو ڪراڙيون چوٽ مٿي چاڙهيون، ماري ٿي ميدان ۾.

(9)

مومل گهڻيئي ماريا، ماري وڌي مير ڪئين ڪسي ويا ڪاڪ ۾ هزاري حمير سوڍي جا سرير ۾ تکا لڳس تير

ڪپار ۾.مينڌري مهمير، هنيس ڪان

(2) گجر گهڻيئي گهائيا گهائي وڌي گهوٽ ماري ويس مينڌرو چينچل ڏيئي چوٽ قربئون ڀڃي ڪوٽ، آئي اوالنڀي عشق جي.

Page 279: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 279

(1) گجر گهڻيئي گهائيا وحدة پيس ونگ راڻي بنان رتول ۾ روح نه وڻيس رنگ سوڍي جا سرير ۾ ڏاڍا لڳس ڏنگ نينهن وساريا ننگ، مومل جا ميدان ۾.

(3)

جر گهڻيئي گهائيا، گهائي وڌي غمگ راڻي بنان رتول ۾ دل نه ٽڪيس دم هتي ڪهڙو آهي ڪم، سوڍي بنان سرتيون؟

(20)

سوڍي جو سرير ۾ وڏو ٿيس وهم لڱن سوڌ لحم، ڏيل وڌائين ڏاگهه ۾.

(22)

راڻا ڪر نه ماڻا، ڏکيء ڏي م ڏنجھ ساهه مٿاهين صدقي، گهوريان مڙئي گنج

ج، مناسب نه مينڌرا.رسامان ۽ رن

Page 280: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 281

(21)

راڻا ڪر نه ماڻا، ڏکيء ڏي نه ڏول مون ۾ مٺاين جا، جانب اٿئي جھول ڍڪ مدايون مسڪين جون خطائون نه کول محبت مٺو ٻول، آهين اتم انسان ۾.

(29)

راڻا ڪر نه ماڻا، سوڍا مونکي م سٽ آئون ڪميڻي ڪاڪ ۾ مينڌرا تون م مٽ

اتي ڪاڻياري ڪام ٿئي.جتي ڍوليو هوندو ڍٽ،

(29) راڻا ڪر م ماڻا لنگهه م لڊاڻو ڌر قدم ڪاڪ ڪنڌئين پرين اچي پاڻون ٿي سوڍا سياڻو، مهڻي هاب متان ڪرين.

Page 281: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 281

(21) راڻي ڌاران راس، قلب نه آهي ڪاڪ ۾ وڻن ڪين وجود کي کٽون وهاڻا خاص وحدت ڏني واس، سوڍا منهنجي ساهه کي.

(29)

هاڻي اچن هول راڻي ڌاران روح کي مون من مينڌري سان ويا ڊهي سڀ ڊول تو جي ڪيا قول، سي پرين پارج پنهنجا.

(22)

جيڏيون منهنجي جيء سان راڻي ڪيو رحم سوڍي آئي سرتيون گوندر لٿا غم وڇوڙا، وهم، ويا راڻي ڏٺي روح مان.

(21)

راڻي ڏٺي رنگ، وڻي ٿو وجود کي مون من مينڌري سان اڳي لکيو انگ وحدت سندو ونگ، سوڍي وڌو ساهه کي.

Page 282: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 282

(23) ڍولئي اڳيان ڍار، نائي ڪنڌ نياز سان ڪين وهنديس ڪاڪ ۾ ساري سڀ ڄمار مون ۾ لک هزار، مٺاين جا مينڌرا.

(10)

راڻو آيو راڄ ۾ ڪنهن پر الهيان ڪاڻ سوڍي آئي سرتيون واسيا سڀ وٿاڻ پڌر ڪري پاڻ، ڪهان هوند ڪاڪ ۾.

(12)

ڪري سوڍو ڳالهه صحبت جيويو ڪالهه راڻو آيو راڄ ۾ پرتان پير ڀري سنت سر ڌري، پسان هوند پرينء کي.

(11)

ڪري ويو ڪال راڻو ڳالهه رمز جي سوڍي ڌاران سرتيون هيڻا اٿم حال سڪندي ٿيم سال، تولئه ميان مينڌرا.

Page 283: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 283

(19)

تو جا ڪالهه ڪئي راڻا ڳالهه رمز جي سامون ياد پئي ميثاقي من ۾.

(19)

ويو رات رهي راڻو جيڏيون راڄ ۾ مقابلو مومل سان سوڍي ڪيو صحي ويو ات وهي، جت ناهه نهايت نينهن جي.

(11)

ڍوليا وڃ م ڍٽ، ڪاڻياري ڪاڪ ڪري چندن جون چڪون ڪريو پرين لنبان ٿي پٽ آء مينڌرا مون وٽ، مهڻي هاب متان ڪرين.

(19)

هلو هلو ڪاڪ تڙ، جتي نينهن مقال ات ڪانهي ٻي ڳال، سڀ ڪا پسي پرينء کي.

Page 284: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 284

(12) هلو هلو ڪاڪ تڙ، جتي نينهن هڪل نه ڪي خوف خلل، سڀ ڪا پسي پرينء کي.

(11)

سوڍا جي سردار، سڀن سمن ڪاڪ تي هتان اچي ڪونه ڪو هتان لڏيا لک هزار ويندي پرين پار، ٻيو عذر ڪيائون ڪونه ڪو.

(13)

تيء کان ٻاڻسوڍي سان سرتيون اٿم ٻال ج راڻو رات رتول ۾ ويو پسائي پاڻ مومل مينڌري ساڻ، ٻڌو ٻول ٻروچ چئي.

(90)

سوڍي سان سرتيون هوم ٻال جتيء جو ٻول وساري ڪيئن وهان، قالو بلي جو قول هميشہ اٿم هول، پرين تنهنجي پسڻ جو.

Page 285: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 285

(92)

سوڍا سمر کڻ، اڳيان ڪهه سجھي ٿي ڪاڪ درويشاڻا ڌڻڦڙڪندا فقير ويا،

هت گهرجن مڻ، تو پاء نه کنيو پاڻ سان.

وائي راڻا جي رجپوت، مومل صحي پسندا سڀني سمن ڪاڪ تي، شاهه توڙي گدا رئندا مٿي راهه هتان هزارين هليا مٽي تن مقام ٿي، جي مورت ماهه هئا خاڪ تني کي کاء پاسا جن پانگين هئا هادي هڏ نه ڇڏئين مڱڻو مرشدا.

Page 286: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 286

ئيوا راڻا جي رجپوت، مومل صحي پسندا پاسا جني پلنگين اهي ڪيئن ڪيا قوت جن سڃاتو صاحب کي سي الهوتي ال يموت جن وساريو واحد کي، سي بر ۾ ٿيا ڀڀوت

چئي سائين رک ثابوت.“ لشاري”لطف سان

وائي نمازان پڙهڻ روزي رکڻ راتيان جاڳڻ اها فقيراندي چال

ن عشق لٽي بيحالمئين برهه لٽي بيحال، مئي حسن هر دم هوت پنهل دي اليا جلوه جوش جمال اڃان ڪن فيڪون ڪانه هئي، رهي ڳجھ اندر دي ڳال بحر هادي دي بکرا هليا، مليا نينهن نطارا نال

روز ازل دي ڪيتا، ڪيچي قرب ڪمال.“ راضي”

Page 287: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 287

سر جوڳ رامڪلي داستان پهريون

(2) سڏايم سرٿي داتا ڌرم دين پال

راجا سري ڪرشن الل،روشن روء زمين تي“ راضي”

(1) نڪا مڙسي مسلمانن ۾ نڪي هندن جو حال موذي ڇڏي مال، هلن نٿا حق ڏي.

(9)

واهه گروء تي وٺ، ڪلمه الء قهر آهي ڪا پهر، جا چئي سچ سڀن کي؟

Page 288: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 288

(9)

گيتا پڙهڻ گناهه، پوٿي پڙهڻ پٽ سانه سڃاڻن سٽ، جنهن مان پسن پرميشر کي.

(1)

پرور پرميشر هڪڙو، هادي آهي حق شرڪ الهي شڪ، سچن سڃاتو صاحب کي.

(9)

پرور پرميشر هڪڙو، ٻانهان ٻيو ٻولج ڪين وحده ال شريڪ لہ، تن کي ڏي تلقين رکي يار يقين، صاحب سڃاڻج سيگهه مان.

(2)

پرور پرميشر هڪڙو ٻانهان ٻيو نه ٻول لڳي چئي چورن جي، راول پاڻ نه رول

سڀئي ڊول، ٿي حوالي حق جي. ڊاهي

Page 289: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 289

(1)

گنگا ۾،گيم نه لهن نڪي مڪي مدايون ٿين معاف جن سينو ڪيو صاف، تن کان پاڻهي پاپ پري ٿيا.

(3)

گنگا وڃي گر نه ٿئي، نڪي مڪي ٿئي مقبول جتي ريجهي رب رسول، اتي هنڌ آهي حج جو.

(20)

گانڊو وڃن گنگا تي، مڪي وڃن مردود جنهن مان پسن پرين کي. سو نه ڪن سجود،

(22)

گيدي وڃن گنگا تي، مڪي وڃن مروان ڪمثل الحمار يحمل اسفار ڪڍي ڏس قرآن خانو بنايل خليل جو تو ۾ سر سبحان جتي راضي ٿئي رب رحمان،اتي هنڌ آهي حج جو.

Page 290: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 291

(21)

گنگا ۾ گلزار، آهيان مڪي ۾ منٺار اچي امرت سر ۾ ڪيم خالصا خبردار

ر، راضي روء زمين تي.نانڪ شاهه نروا

(29) گنگا ۾ گل گالب، آهيان مڪي ۾ مهتاب اچي عالم ۾، کوليم الستي آفتاب پڙهايم پرت مان قلبي قرب ڪتاب نيهي نر نواب، راضي روء زمين تي.

(29)

گنگا منجھ گام، منهنجو مڪي منجھ مڪان ڪٿي پڙهايم پوٿيون، ڪٿي پڙهايم قرآن

ومن مسلمانڪٿي سڏايم سري ڪرشن، ڪٿي م جڏهاڪون جڳ جهان،تڏهاڪون راضي روء زمين تي

Page 291: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 291

(21)

گنگا ۾ گام منهنجو، مڪي منجھ مقام ڪاٿي قرب قرآن سان ڪاٿي راتو ڏينهان رام ڪاٿي ماري مجوسين کي ڪيم ڪل قتالم ڪٿي بيٺڪ بغداد ۾ ڪٿي مسند مصر شام ڪٿي ڪل من عليها فان، نڪا صبح شام

وء زمين تي.محڪم مرد مدام، راضي ر

(29) مڪي ۾ موجود آهيان گنگا ۾ گئوپال اچي امرت سر ۾ ٿيس نانڪ شاهه ننگپال هر لعل هرپال، راضي روء زمين تي.

(22)

مڪي ۾ مقبول، آهيان گنگا ۾ گرپال اچي امرت سر ۾، ٿيس نانڪ نور نهال جوڳي جڳ پال، راضي روء زمين تي.

Page 292: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 292

(21) ڪي محو مڪي ۾ ڪي گنگا ۾ غرق ورائي ورق، الهوتي لعل ٿيا.

(23)

نڪا غرض گنگا جي نڪا مڪي جي ميار طالب ترت تيار، راضي روء زمين تي.

(10)

گنگا منهنجي گود ۾ ، مڪو من موجود صاحب کي سجود، ڪيو راضي روز ميثاق جي.

(12)

گنگا منهنجي گود ۾ مڪو من مدام ساريء خلق سالم، ڪيو راضي روز ازل جي.

(11)

نگا ۾ غالم منهنجا مڪي منجھ مريدگ خلق ڪل خريد، راضي ڪئي رمز سين.

Page 293: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 293

(19)

گنگا ۾ گوڙ ٿي آيو مهدي ڄام ڪري هڪل هاشمي ڪفر ڪندو قتالم روشن ٿيو راضي چئي عالم جو امام محڪم مرد مدام، هڻي نعرا حق جا.

(19)

گنگا ۾ گوڙ پئي آيو مهدي مير عرب عجم اجمير ڪڙڪيو منجھ ڪشمير

تنهن هاشمي کي ڏنو قادر رب قديرحڪم محڪم ماهه منير، هڻي نعرا حق جا.

(11)

گنگا ۾ گوڙ پئي آيو مهدي شاهه ڪري هڪل هاشمي رهبر وٺائي راهه محڪم مورت ماهه، هڻي نعرا حق جا.

Page 294: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 294

(19)

گنگا ۾ گرپال آهيان، هنگالچ ۾ هري ڪاشيء ۾ ڪرشن آهيان رشي رهبري

تار ايشوريتيرٿن ۾ تاج آهيان او بيشڪ برٿري، راضي روء زمين تي.

Page 295: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 295

داستان ٻيون(2)

مڪي ۾ موجود آهيان مديني منوري پيرن ۾ پڳدار آهيان عاشق انوري مستن ۾مهندار آهيان ابدال اڪبري سرتاج سروري، راضي روء زمين تي.

(1)

هنگالچ منهنجي هنجھ ۾ گنگا منهنجو گهر ڳ مدينو منوربيٺڪ منهنجي بيت اهلل ۾ ما

ربات منهنجي روم ۾ شام منهنجو شهر رحمة اللعالمين خاتم االنبياء ٿيو پاڪ پيغمبر عنايت العالمين خاتم االولياء مونکي ڪيو پاڪ پرور سخي سرتاج سرور، راضي روء زمين تي.

Page 296: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 296

(9) گنگا وڃن گودڙيا ساڌو سناسي سدا وتن سک ۾ عاشق اداسي

تان جيان. جي پورب پياسي،سي جوڳي ڏسان

(9) گنگا وڃن گودڙيا سامي سو هزار هلن وڏي حب سين بابو بي شمار جي سڪن سڀ ڄمار،سي جوڳي ڏسان تان جيان.

(1)

گنگا هليا گودڙيا ويراڳي وير پرينء جي پسڻ لئه نت وهائن نير پورڀ جن جو پير، سي جوڳي ڏسان تان جيان.

(9)

گنگا وڃن گودڙيا ساڌو سڀ سڌير سين الک جي اندر منجھ اڪيرآدي

جي محبت ڪيا منير، سي جوڳي ڏسان تان جيان.

Page 297: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 297

(2) گنگا هليا گودڙيا آديسي اڻموٽ پيهي ويا پورڀ ۾ چنگ وڄائي چوٽ الک جن جي اوٽ، سي ڏسان تان ڏاهي ٿيان.

(1)

گنگا وڃن گودڙيا ساڌو سڀ سچار هلن وڏي محبت سين ڪري قرب قطار

ان تان ڏاهي ٿيان.پورب جن جو پار، سي ڏس

(3) گنگا وڃن گودڙيا آديسي اڙٻنگ پرينء جي پسڻ الء ڪن راول رتو رنگ جي محبت ڪيا ملنگ، سي ڏسان تان ڏاهي ٿيان.

(20)

گنگا هليا گودڙيا راول رنگ رتول سناسي سر تي مانجهي ٻڌن مول جن جو ڪرشن سان قول،سي جوڳي ڏسان تان جيان

Page 298: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 298

(22) سامي ڪري سڪ گنگا هليا گودڙيا

پيهي ويا پورب ۾ لوڪان الهي لڪ اندر جن عشق، سي جوڳي ڏسان تان جيان.

(21)

سامي سفر هليا بابو رنگ ڀڀوت

پيهي ويا پورڀ ۾ سناسي ثابوت قرب جني جو قوت، سي جوڳي ڏسان تان جيان.

(29)

سامي سفر هليا کڻي نفيلون ناد عشق الک جي ڪيا آديسي آباد

چئي ٿيو الستي ارشاد.“ لشاري”الهوتين

Page 299: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 299

(29)

سامي سفر هليا جوڳي ڪري جوڙ سناسي سر تي مانجهي ٻڌن موڙ جن کي واحد جي ووڙ، سي ڏسان تان ڏاهي ٿيان.

(21)

سامي سفر هليا ساڌو سڀ سڄاڻ پيهي ويا پورب ۾ پڌر وڃائي پاڻ جن کي صاحب جي سڃاڻ، جوڳي ڏسان تان جيان.

(29) ڙيا ساڌو سڀ ذاتگرنار هليا گود

آديسي الک جي ڪن وائي سدا وات جي پورڀ هليا پرڀات،سي جوڳي ڏسان تان جيان.

(22)

ڪوڙا سامي ڪوڙي سامين راهه هوت هتيئي آهه، هو ٿا وڃن هنگالچ ۾.

Page 300: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 311

(21)

سچا سامي سچي سامين راهه هوت هتيئي آهه، پر هنن ڏٺو هنگالچ ۾.

(23)

سدا وهن سامهان عاشق اتر جهل هوتين لشاري چئي کامي ويئي کلال

مٽي جن محل. هلو ته آسڻ پسون ان جا.

(10) جي حاصل ٿيا حبيب سان، سمهڻ تن سينگار نيڻ هيرائي ننڊ تي ستا سڀ ڄمار تن تان ڏيهه ڌڻي ڏاتار، ڏک مڙيئي ڏور ڪيا.

(12)

جي اٿئي حب حبيب جي، ته شوق شريعت ڪر وٺ تلقين طريقت جي حقيقت ۾ هر

ت ۾ مر، ته پوء ملين محبوب سان.معرف

Page 301: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 311

(11) شريعت جي شوق سان طريقت کي تاڻ حقيقت جي حال سان ماڳ معرفت ماڻ

اکين اوڏو ڄاڻ د ي ہ من حبل الور ي ونحن اقرب ال نه اوڏي آڻ، ته راول رسين رام کي.“ آئون”

(19) جي اٿئي شوق شفيع جو ته ڇڏ طمع جي تات

ود جا قهري هڻي ڪاتوڍ وهم وج راول توکي رات، پوي وڃي پورڀ ۾.

(19)

جي اٿئي شوق شفيع جو ڏي طمع کي ترڪ وڍ وهم وجود مان وراء وحدت ورق مدامي مرڪ، الهوتي المڪان ۾.

(11)

نه رکج من“ ميم”کي “ الف”اوڏو نه وڃ ڪنبي ڪجانء ڪن،عاشق ان اکر کان.

Page 302: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 312

داستان ٽيون(2)

ڪوئي سڌ ڪريطمع تي تنگ سڀ پسي رواجي رنگ، هزارين حيران ٿيا.

(1)

طمع تي تيئن سڀ ڪوئي سڌ ڪري قابو ڪيا ڪيئن دالسي دوئيء جي.

(9)

طمع تي تيار سڀ ڪو ئي سڌ ڪري مولي جي ميار، ويئي تن کي وسري.

(9)

دالسي دوئيء جي ڪيا ڌڻيء کان ڌار پرين جو پار، ويو تن کي وسري.

Page 303: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 313

(1)

وسامي کامي ٿيا خاڪسامي ويا جهڙو ڏسن ڏوهه کي تهڙو پسن پاڪ عشق جو ادراڪ، سر ڏيئي سکيا.

(9)

عاشق اوتارن ۾ اوطاقن ۾ امير سي وڏا آهن پير، جن جي محبت موال سان.

(2)

عاشق اوتارن ۾ الهوتي للهنگ پيهي ويا پورڀ ۾ مستانا ملنگ پائي قرب ڪلنگ، راول رچي راس ٿيا.

(1)

ن ۾، اوطاقين امراءعاشق اوتار سي وڏا آهن شاهه، جن جو قرب ڪريم سان.

Page 304: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 314

(3) اڄ به اوتارن ۾ الهوتين لباس پيهي ويا پورڀ ۾ مڙهيون ٻاري ماس وحدت جن جو واس، سي راول سڀ رمي ويا.

(20)

اڄ به اوتارن ۾ بابو رنگ ڀڀوت پيهي ويا پورڀ ۾ سناسي ثابوت قرب جن قوت، سي الهوتي لعل ٿيا.

(22)

اڄ به اوتارن ۾ آديسي اڻموٽ پيهي ويا پورڀ ۾ چنگ وڄائي چوٽ الک جن اوٽ، سي الهوتي لعل ٿيا.

(21)

اڄ به اوتارن ۾ بابو بيراڳي آديسي اٿي ويا جن ري وتان ويراڳي جانب لئه جاڳي، الهوتي لعل ٿيا.

Page 305: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 315

(29)

اڄ نه اوتارن ۾ بيراڳي بهير آديسي اٿي وياجن لئه نيڻئين وهن نير

رڀ جن جو پير، سي الهوتي لعل ٿيا.پو

(29) جي پاسي چئن پنجن کان، ڀڳوان تن نه ڀيڙو مڪتي جو ميڙو، ڪڏهن پسندا ڪينڪي.

(21)

جي پاسي چئن پنجن کان ڀيڙو تن نه ڀڳوان صاحب رب سبحان، مور نه مرهيندو تن کي.

(29)

چڱو چاهه چئن ڏي پورو پنجن سان پيار ٺو سين ڪونه ڪو.ڪيوسون هڪ يار، ٻيو ڏ

Page 306: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 316

(22)

تيسين ساڻن ڏور جيسين آهن اوتارن ۾ ڏهه لک ڀيرا ڏينهن ۾پاڻ مٿانئن گهور هو جي ويا شهمور، سي ڪرمين ملندا ڪاپڙي.

(21)

تيسين ساڻن ٽور، جيسين آهن عالم ۾ ڏهه لک ڀيرا ڏينهن ۾ پاڻ مٿانئن ڀور هو جي ويا ڪشمور، سي ڪرمين ملندا ڪاپڙي.

(23)

جي ڏونگر گام جي جن سئي پچارگن ڇڏي سڀ ويچار، الهوتي لعل ٿيا.

(10)

گنجي ڏونگر گام، جي پيئي جن کي پڪ شرڪ الهي شڪ، راول رچي راس ٿيا.

Page 307: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 317

(12) گنجي ڏونگر گام، جي پيئي جن پياس ڪري قرب قياس، راول رچي راس ٿيا.

(11)

راتيان ريجهن رام سين ڏينهان ڏورين ڏيل الهوتي لعل ٿيا. آديسي اصيل،

(19)

گنجي ڏونگر گام جي سڻي جن مقال ڇڏي خام خيال، الهوتي لعل ٿيا.

(19)

گنجي ڏونگر گام ۾ ٿيا الهوتي لعل کاهوڙين خيال، آهي اڳين پنڌ جو.

Page 308: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 318

داستان چوٿون

(2) جي ڀانئين پرين پسان ته وڃڻ الء وڃ موتو قبل ان تموتوا مام سدائين مڃ

ته راول رسين راز کي. ڀوال مڙيئي ڀڃ،

(1) جي ڀانئين پرين پسان ته جالء پنهنجو جيء وحدت وڏو ويء، جن پيتو سي پر ٿيا.

(9)

جي ڀانئين مڪتي ملي ته دل دوزخ جھل حاوي منجھان هل، ته راول رسين راهه کي.

(9)

جي ڀانيئن مڪتي ملي ته وٺ ڀڳوان جي ڀر ڏک نڪو ڏر، پاسي پرميشر جي.

Page 309: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 319

(1)

جي ڀانئين مڪتي ملي ته ڪر پرين جي پچار، چڱيء طرح چئن ڏي پر پنجن جي پار، هوائون هنگالچ ڏي، ڌرئون رکج ڌار، نانگا ٿي نروار، ته راول رسين رمز کي.

(9)

جي ڀانيئن پرين رسان پهرين وڃائج پاڻ جو، کڻ نه سناسي ساڻ“آئون”اکر

ته قادر جي ڪاڻ، مٿان تو معاف ٿئي.

(2) جي ڀانئين جوڳي ٿيان مڙهي مور م ٺاهه سپيريان جي سڏ تي رمي وٺج راهه

صدقو ڪري ساهه، راول پسج رام کي.

Page 310: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 311

(1)

جي ڀانئين جوڳي ٿيان ته پاسي ڪر پاڻ واعدو وحدت جو کڻ سدائين ساڻ احد جا اهڃاڻ، نانگا پسين ناهه ۾.

(3)

جي ڀانئين پرين پسان ته اکيون ڪن م ڌار ٿي گذار، ته راول رسين رام کي.گنگو

(20)

جي ڀانئين پرين پسان ته ڪر زاريء جو ذڪر فنائي جو فڪر، راول رکج روح ۾.

(22)

جي ڀانئين جوڳي ٿيان ته ڪر وحدت جو وصال من ۾ محبت جو مانجهي رکج مال صاحب ري سوال ڪج، نه ڪاپڙي ڪنهن کي.

Page 311: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 311

(21) خاڪجي ڀانئين جوڳي ٿيان ته ڪر خوديء کي

وڍج وهم وجود جا تاڙيون ڀڃي تاڪ هلي هنگالچ ڏي پورب پسين پاڪ جسي ۾ جبار جي اڏ سدائين اوطاق سندي محبت ماڪ، سدا وسائج سر تي.

(29)

جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته وجھ سيني اندر سير منجهئين تيرٿ تڪيو منجھئين پورب پير منجهئين بابو بکيا منجهئين کنڊون کير

ام گروء جو منجهئين سناسي سڌيرمنجهئين گ منجهئين گنگا منجهئين جمنا منجهئين گوبند گير منجهئين ڪاشي منجهئين هنگالچ متان ٿين دلگير منجهئين مڙهي منجهئين مسجد منجهئين مورت مير منجهئين ديا منجهئين ڌرم منجهئين ايشور امير منجهئين راجا منجهئين رعيت منجهئين وهن سڀ وزير

ين نارائڻ سر منجهئين ڦيري دار فقيرمنجهئ ونحن اقرب اليہ من حبل الوريد ويجهو آهي وير بستي ڏور م بير، تو ۾ اٿس تڪيو.

Page 312: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 312

(29) جي ڀانئين جوڳي ٿيان ته ڪوڙي ڪر نه بات راول پڇندو روبروتوحيد جي تات

ڏينهان رات، ڪنبج در قهار جي.“ راضي”

(21) سونهن جي صالح جي ڀانئين رسان رمز کي ته وٺ

حڪم هاديء جا، هنئين منجهه هالء امر ڌاران اهلل، ڪڏهن پسندين ڪينڪي.

(29)

جي ڀانئين جوڳي ٿيان من ماري ڪرمات هج تون هنگالچ ڏي نانگا ڇڏي نات راول توکي رات، پوي وڃي پورب ۾.

(22)

جي ڀانئين جوڳي ٿيان ڪر ڪسڻ جي ڪار جي آر انهي راهه ۾ رک اندر“ راضي”

پرين سندو پار، نانگا پسين ناهه ۾.

Page 313: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 313

(21)

جي ڀانئين جوڳي ٿيان ته جيئري ڇڏ جهان اندر ۾ اهلل جو مانجهي اڏ مڪان موتو قبل ان تموتو رک نظارو نيشان ته سڌر ٿين سلطان، مٿانهون مڙني جي.

(23)

جي ڀانئين جوڳي ٿيان ته هٿ ڪر پنهنجو حال جو خيالوڍي وهم وجود جا کاء خوديء

پري ناهي پاڻ کان صاحب جي سنڀال جذب جمال، ماڻي ڏس محبوب جو.“ راضي”

(10) جي ڀانئين جوڳي ٿيان ته اکين ٿي انڌو ويڙهي ڇڏ وجود تان کاڻا هي کنڌو نفس کي نابود ڪر ڪامل ڏيئي ڪنڌو ٻاري ڇڏ ٻيائيء جو ٻوڙا تون ٻنڌو قادر ڪرم ڪندو موڳا انهيء مام سين.

Page 314: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 314

(12)

ڀانئين رسان رمز کي ته ٻيئي ڪن ڪپاءجي سندي سپيريان ڳالهڙي هنئين ساٿ هنڊاء ٻي کي ڪين ٻڌاء، ته ويجهو ٿئين وصال کي.

(11) سڻي سڏ سيگهه ۾ راضي ٿئي رب پر جي حرفت حڪمت سان ڪڍين ڪوڙ قلب هوڙها هئڻ وڃائي جي اچين ساڻ ادب

هر سين.ته موڳا تو مطلب، ڪري ڀورا موال م

(19) مولي ڪري، مهر سان ، صاحب سڏ سڻي رمز رکج روح ۾ ڌريان ئي تون ڌڻي

وحدتي ويو وڻي“ پيء پيالو پرينء سين” رازق رب ڌڻي، آجو ڪريئي عيبن کان.

Page 315: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 315

(19) جي ڀانئين جوڳي ٿيان پاڻ وڃائي پور نانگا اڳيان ناٿ جي هر دم هوئج حضور

يء طورويراڳي وجود کي ڪر تون تجل نت نظارو نور، راضي پسين روح ۾.

(11)

جوڳي کي جڳ ٿيا، اڀي الک پار الهوتي لعل لشاري چئي نت وسائي نار سامي سڀ ڄمار، اڀو آهي ادب ۾.

(19)

جن اجھو تن ٻجھو ويٺن ٿيو واپار لٿو تن لشاري چئي اندر جو آزار ڏوري ڏٺائون ڏيل ۾ گنگا ۽ گرنار

وحدت سين جيء جو جنجاروڍي وڌائون ڪونه ڏٺو جو ڪاپرين ڪابل ۽ قنڌار پورب جن جو پار، تن گر ويٺي گڏيو.

Page 316: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 316

وائي

سامي سو هزار جوڳي بيشمار منهنجو لکيو الهوتين سين

سين هنيائون سڃ ۾ ٿيا پرينء در پينار آئون اداسي ان الء جي ڪابل ويا قنڌار هلن هو هنگالچ ڏي پرن پورب پار بابو ٿا برن ۾، ڏورين در ڏاتار.

ڪافي جوڳي ٻيا به جال، سامي ٻيا به جال

منهنجو لکيو الهوتين سين .الفت آديسين جي شوقا پسان شال2 . مانجهي مون ماري ويا، قربئون ڪهي ڪال1 .ويراڳي واحد سين، ڪن وحدت جو وصال9 .پيهي ويا پورڀ ۾ ، پسي جانب جو جمال9

Page 317: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 317

ونداستان پنج(2)

جوڳي ڀوڳي ڪاپڙي سامي ڏٺم سڀ عالمن عابدن کان، راهه پڇايم رب بنا اللچ لب، ڏٺم ڪونه ڏيهه ۾.

(1)

جوڳي ڀوڳي ڪاپڙي ڏٺم آديسي عام عالمن عابدن کان پڇيم پر اسالم ڪن جو نينهن نماز سان ڪي عيش ڪن آرام ڪن جي محبت مولي سان، ڪي تازا طلبين طعام

تک رکن تمامڪن جو زور ذات تي

ويچارا وهم جي سانڊي جهليا سام پرينء جي پسڻ جي، ڪي مرد پروڙين مام جوڳي گهمن جام، ڪو ڪو منجھن ڪاپڙي.

Page 318: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 318

(9) جوڳي ڀوڳي ڪاپڙي سامي سو هزار هلن ٿا هنگالچ ڏي بابو بيشمار جي سڪن سڀ ڄمار، هلو آسڻ پسون تن جا.

(9)

جوڳي ڀوڳي ڪاپڙي، ڪنوٽيا ڪن ڦار نهنجي رام کان دم نه ٿين ڌارراول پ

جن کي پورڀ جي پچار، هل اڱڻ پسون تن جا.

(1) جوڳي ڀوڳي ڪاپڙي، ڪر وحدة جو واپار عهد سدائين الست جا پورا پرينء سان پار ته محشر جي ميار، مٿان تو معاف ٿئي.

(9)

جوڳي ڀوڳي ڪاپڙي وحدة ڪي م وسار قول قالو بلي جا سامي سڀئي سار

جو واپار، ته مهند موچارو ٿئين. ڪر وحدة

Page 319: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 319

(2)

ڏٺا مون ڏيهه ۾ الهوتي لعل هادي تن جي حاضريء ۾ رکيا مڏيون مال صاحب ريء سوال، ڪڏهن ڪن نه ڪاپڙي.

(1)

الهوتي لعل ٿيا، ڏيئي سناسي سر وحدة ڌاران وجود ۾، رکن ڪين ڪو تر بيراڳي جھاڳي بر، وڃي رسيا راهه کي.

(3) انگن ٻڌي نينهن جيڪاڇوٽي ڪال، ن

جهڙا آيا جڳ ۾ هليا تهڙي حال سک نه ستا ڪڏهين وساري وصال تن جي قال مقال، پورڀ ٿيندي پڌري.

Page 320: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 321

(20)

اڃ الفت آديسين جي بک ڀانئين ڀاڳ سدائين سڪ جي اندر دکائين آڳ پڻ هليا پرينء کي مانجهي ڇڏي ماڳ پيهي ويا پورڀ ۾ وصل واري واڳ

ربئون ڪندا ويا ڪاپڙي.وحدت جو ويراڳ، ق

(22) جي“ ڪن ف ”الهوتين النگ ڪڍي روز

تن رکيائون تانگهه ن یان اهلل مع الصابر ويراڳي ويسانگ، راول رسيا رام کي.

(21)

لنگ ڪڍيائون لعل، موٽي ڪن نه مسحو سدا سناسين قال“ مذکر ي طالب المول”

ڪري حقيقت حال، راول رسيا رمز کي.

Page 321: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 321

(29)

لنگ ڪڍيائون لس، موٽي ڪن نه مسحو سناسي صاحب جي ويراڳي ٿيا وس گنگا وٺي گس، راول رسيا راز کي.

(29)

لنگ ڪڍيائون الم، موٽي ڪن نه مسحو الهوتي لعل لشاري چئي جوڳي هليا جام ريجھائي رام، راول رسيا راز کي.

(21)

لنگ ڪڍيائون لعل موٽي ڪن نه مسحو ن رام ڏي ڇوها ڏين ڇالراتو ڏينها

سناسي صاحب جي رکن سڪ سنڀال نانگا ڪري نال، راول رسيا راز کي.

Page 322: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 322

(29)

ٿيا الهوتي لعل، راتوڏينهان رام سان سناسي صاحب ڏي هليا چڱي چال ويراڳي واحد سين ڪن وحدت جو وصال قربئون ڪهي ڪال، راول رسيا راز کي.

(22)

ج جاوحدة جن وصال، تن تان لٿا حق ح مڪي ٿيا مثال، سڀ ڪو مرڪزسمجهي ان کي.

(21)

بدن جن بيت اهلل، تن تان لٿا حق حج جا قائم ڪعبة اهلل، کنيو گهمن خيال سان.

(23)

ڪيڏانهن ڪري نيتيان ڪعبو ٿيو ڪل لٿي سڀ ڀل چوڌاري پسڻ پرينء جو.

Page 323: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 323

(10)

منهن محراب پرينء جو جامع سڀ جنسار ندائون اعتبارفرقان جي ڦرهي تي آ

اڳ ۽ پوء ستار، ڪيڏانهن ڪري نيتيان.

(12) مونا طور سينا سدا بيراڳين بات ٿي طلب تني جي طاريء ساري رات ٿي صحبت ساهه کي جيء ۾ جني جي جهات هي هنيون هاديء الء قاف ڪرب جي ڪات ميم جن جي من ۾، الهوتي جي الت اتوالتين جن جي وجود ۾ والضحي تني جي و

مونکي به لڳي لنئون الهوتين تن اندر ۾ تات راول انهيء راهه ۾ سدا پڙهن صلواة جي پورڀ ويا پرڀات، سي جوڳي ڏسان تان جيان.

Page 324: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 324

(11)

مونا طور سينا بيراڳين ڀيرو پرينء جي پسڻ کان منهن نه ڪيائون ميرو سنجهي مون نه سنڀاليو ابيس اويرو

ڪهڙو ڪاپڙي ڪيڏانهن ويا قبلو وٺي ڏيئي وڃ ڏيل ۾ جانب جالئي جيرو الئي ويم آگ اندر ۾ جالئي جيرو اڄ تن آديسين جو ڪٿي پڇايان پيرو راهه ۾ هن راضيء تي ڪج فضل جو ڦيرو ديوانن ديرو، ڏسان تان ڏاهي ٿيان.

Page 325: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 325

(19)

مونا طور سينا آديسين اهڃاڻ سکن جا سڀ پرئين ڀڃي ڇڏيائون ڀاڻ

اذا سجي ڄاتئون اهو ڄاڻ والضحي والليل تن اندر ۾ تاڻ“ مذکر ي طالب المول” سدا سناسين ساڻ“ ڪل من عليها فان”

ڪاپڙي قلب مان ڪوري ڪڍن ڪاڻ جسي منجھ جبار جو ڪن ويراڳي وٿاڻ قل هو اهلل قلب ۾ آڌوتي تون آڻ جي پورڀ هليا پاڻ، سي جوڳي ڏسان تان جيان.

Page 326: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 326

(19)

الممونا طور سينا سناسين س آديسيــــــــــــــــن انجـــــــــــــــــــــــام اذکرکم يفاذکرون

ڄاپندي ئي ڄام، ٿيا جوڳيئڙا جهان ۾.

(11) مونا طور سينا پهرئين ڏينهن پيا

و نحن لہ عابدون ويراڳي ويا ةمن احسن من اهلل صبغ و ڪاپڙين ڪيا، هاالڻا هنگالج ڏي.

(19)

مونا طور سينا سدا سناسين سڪ ڪيئي الهوتين لڪ“مذکر ىطالب المول”

آديسين عشق، سدائين سبحان جو.

Page 327: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 327

(12)

مونا طور سينا سناسي سنوارين ويراڳي وارين الحب لللہ والبغض لللہ

توحيد تنوارين، آديسي عشق مان.

(11) مونا جن مڪان، جسو جامع تن جو

حقيق جي تڪبير سان رکيائون دل ڌيانت اڳواڻ عاشقن جو رهبر ٿيو رحمان سڀوئي سبحان، ڪيڏانهن ڪري نيتيان.

(13)

هادي جن حنان، جسو جامع تن جو تحقيق جي تڪبير چئي آندائون ايمان امام عاشقن جو باري ٿيو برهان مڙوئي منان، ڪيڏانهن ڪري نيتيان.

Page 328: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 328

(90)

مع تن جوهادي جن حنان، جسو جا ڪن کان اڳي ڪن پئي عشق جي آذان توحيد جي تڪبير چئي ڪسي ٿيا قربان بر مڙئي ڀڳوان، ڪيڏانهن ڪري نيتيان.

(92)

ٻانگون ٻوڙن الء، عاشقن الستي آذان اهڙا جن نيشان، سي الهوتي لعل ٿيا.

Page 329: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 329

ڪافي

جوڳي ٻيا به جام، منهنجو لکيو الهوتين سان وڙئون طلب تماموحدت ويراڳين کي، ت

مانجهي مون ماري ويا، ڪري ڪالهه قيام

روز ميثاق جي، جھلي سناسين سام“ راضي”

ڪافي

مهندان محشر ماڳ ۾ سيد جھليندو سام، اڙين جي اڌر ٿي، ولهين جي واهر ٿي اجاريندو اسالم ڪنڌ نمائي ڪيترا، سوين ڪندا سالم مولي تنهن کي مهت ڏيندو، ڪندو قرب ڪالم

روز ازل کان ، گولو تنهنجو غالم“ ضيرا”

Page 330: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 331

داستان ڇهون

(2) وچين ويراڳين جي مٿي دونهين ڌڌڪار ساڙي سور سنهان ڪيا سامي سڀ ڄمار نانگا ٿي نروار، راول رسيا راز کي.

(1)

پسي قدرتون ڪريم جون، عاشق ٿيا ابدال الهوتي لشاري چئي، وڍيا واحد جي وصال

رکي ٿيا رجال موتواموتوا قبل ان ت عشق جو احوال، پڙهان تان پورو نه ٿئي.

(9)

سڃ وسندي تن کي جن وٽ محبت مڏ ساڙي سڪ سنهان ڪيا حب وارن جا هڏ سامي ڪري سڏ، ويراڳي واٽ ٿيا.

Page 331: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 331

(9)

رڻ راحت تن کي جن وٽ محبت مال ساڙي سور سنهون ڪيو جوش وارن کي جال ي.ويراڳي وصال، سدا ڪندا سبحان ج

(1)

سنياسي سبحان کي ڪن سدائين سجود الهوتي لعل ٿيا وڃائي وجود مدامي موجود، لڪا گهمن لوڪ ۾.

(9)

ڪشف ڪرامت ڪاني ٽيئي پنڻ جا ٽول هڙ وڃائي هول، ٿج حوالي حق جي.

(2)

ڪشف ڪرامت ڪاني ٽيئي ڪفر جي ڪار وڃائي سڀ ويچار، الهوتي لعل ٿيا.

Page 332: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 332

(1) ڪفر جو ڪمڪشف ڪرامت ڪاني ٽيئي

وڃائي سڀ وهم، الهوتي لعل ٿيا.

(3) الف اهلل ميم محمد عين علي ٿي آيا اکر احمد ڄام داميڪون پرور پاڪ پڙهايا هير ملي ماهي نون ٿيا اليا سجايا جڏهان رانجھن رب ماليا، تڏهان لٿي حاجت حج دي.

(20)

اسان رانجھن نال اهسي جڏهان رات نه ڏينهن جيوين وسن بادل مينهناکيان آگم اليا

ننڍي الڪون نينهن، ميڏا ماهي نال مشهور ٿيا.

(22) اسان رانجهن نال تڏهان اهسي جڏهان ڏينهن نه رات لکئي دي لشاري آکي، هي بيحد باري بات وحدت وائي وات، ميڪون ماهي يار دي.

Page 333: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 333

(21)

بير ڏٺي ساهه سڌير ٿيا، چڙهي وير وحدت والي ي فقير ٿئي تراب تخت دي واليعشق ڪئين امير ڪيت

عشق ڪئين شاهه ڪيتي گدا ٿئي مست موالي آکي لشاري لک ڏٺم سي، صاحب در سوالي.

(29)

سوال ڪنون ڪال ڀال، ستت نڪالي ساهه جي هو وين طالب حق دا، منگ مول نه کا.

(29)

درويش دعوي ڇوڙ ڏي دعوي دن گهار نه ڪسي سي دشمني، نه ڪسي ڪا يار.

(21)

دائم دعوي ڇوڙ دي ريء دعوي دن پور نه ڪسي ڪي دوستي نه ڪسي ڪا سور.

Page 334: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 334

(29)

درويش دعوي ڇوڙ دي ري دعوي دن گذار نه ڪسي ڪي دوستي نه ڪسي ڪا آزار.

(22)

ايزدي امر کان گهڙي پري نه گهار سدا ويٺو سار، سري رام سڪ مان.

(21)

سري رام سڪ مان، آديسي اورين دعوي دوئي جي ڏيهه مڙئي ڏورين ڇڏي

گنگا ۾ گهورين سناسي پنهنجي سر کي.

(23) ڏيئي سنياسي سر، ٿيا الهوتي لعل ڪاپڙي ڪرشن سان ڳجھهي رکن ڳال وحدت جن وصال، سي جوڳي ڏسان تان جيان.

Page 335: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 335

(10)

متان مرڪي ڪاپڙي مٿي کڻي ڪنڌ هنئين ۾ هنگالچ جو، پري نهارج پنڌ

هلي ڳولج هنڌ ن اال ھويالدار يال مقصود ف رمي پڇائج رند، راتو ڏينهان رام جو.

(12)

رام تنهن جي روح ۾ پڇين ٻيا پار نانگا پنهنجي نفس کي ٻيائي سوڌو ٻار هوائون هنگالچ جون هئين منجھان هار تو ۾ آهي تار، راتو ڏينهان رام جي.

(11)

راتوڏينهان رام جي تڪين منجھ تنوار هليو هنگالچ ڏي پورب ڪن پچار نانگا ٿي نروار، راول رسيا راهه کي.

Page 336: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 336

داستان ستون

(2) نه گدا نه گودڙي نه النگوٽي لب جيڏانهن ڪن طلب،تيڏانهن صاحب سامهون تن کي.

(1)

نه گدا نه گودڙي النگوٽي نه لعل جيڏانهن رکن خيال، تيڏهن صاحب سامهون تن کي.

(9) النگوٽي نه الم نه گدا نه گودڙي

جيڏهن ڪن سالم،تيڏهن صاحب سامهون تن کي

(9) وياسي وينجهار ڏوٿي ڏوڙا ڏک جا ڪانهي پنڌ پچار، مئا کاهوڙي ماٺ ۾.

Page 337: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 337

(1)

آسڻ باسڻ پاڻ سان کاهوڙي نه کڻن ويراڳي ووڙن، سدائين سڃ ۾.

(9)

آسڻ باسڻ پاڻ سان، کنيا نه کاهوڙين ۾.وحدت ويراڳين سدائين سونهي سڃ

(2)

ٻه ٻرن ڪين ٽي ٽمڪن، چار ڪن چاهيون بيراڳين باهيون، سدا سونهن سڃ ۾.

(1)

ريشم لب دلبر جا صحي سرخ لعل لب تنهنجي لبن سان لڳي ٿيا لعل ماهتاب ڇا مجال، رکي مشابهت محبوب سان.

Page 338: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 338

(3)

محبوب محمد ڪريم ٻيو مڙوئي عشق مجاز نور نوراني ناز، پسڻ آهي پرينء جو.

(20) مجازي محبت، رکن ڪين رند شيخاني جو منڌ، جي پين سي پر ٿين.

(22)

ڪئين ڪنگ ڪينجهر ۾ هنجھن لک هزار ٻگهن ٻولي ٻروچ چئي طائوسين تنوار اهي ٻئي پار، هوندا قائم قيامت تائين.

(21)

جوڳي هن جڳ جا کاڌي جي کڏ پوريو پالئن سان من رکن مڏ

آديسي اٿي ويا. جي سڃاڻن صاحب جو سڏ، سي

Page 339: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 339

(29) جوڳي هن جڳ جا کاڌي جا کوهه پورين پالئن سان راضي رکن روح جي رئن سنجھ صبوح، سي الهوتي لڏي ويا.

(29) جوڳي هن جڳ جا مانين جا مل پورين پالئن سان خوب ڀرين کل جي رب ريجهائين راول، سي نانگا ئي نڪري ويا.

(21)

جوڳي هن جڳ جا، پنڻ جا پل جي حقيقت ۾ حل، سي اديسي اٿي ويا.

(29)

گوال جي گراهه جا، ڀليا سي ڀوڳي رليا سي روڳي، جسا جن سانڍيا.

Page 340: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 341

(22) تون صاحب ڌڻي سگهه جو آء ڪنيز ڪمزور هٿان هڏ نه ڇڏيان ڏاتر تنهنجي ڏور مونکي ترازي نه تور، معافي ڪر مهر سين.

(21)

اتتون صاحب ڌڻي سڀ جو آء ڪنيز ڪم ذ هٿان هڏ نه ڇڏيان وحدت وائي وات ڏاتر ڏينهان رات، ڏجان پاند پناهه جو.

Page 341: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 341

ٽيهه اکري الهوتي

(02) الف آديسين من ۾ چيو جن چٽو الف:

پڃريء مان پرينء کي ڏوران تن ڏٺو ن ڪيئون ڦند ڦٽورجعو ي فھم ال ي صم بکم عم

ڪري محب مٺو، راول رسيا رمز کي.

(01) بيراڳين جي ڪيم پهرئين ڏينهن پچار :ب

وجهي وحدت وجود ۾ نانگا ٿيا نروار الئي خاڪ لڱن کي هليا پورڀ پار

تن رکيائون تار بي نصر من اهلل و فتح قر مانجهي الهي ميار، راول رسيا راز کي.

Page 342: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 342

(09) نيهي ت توحيد ۾ نانگا ٿيا :ت

هليا هنگالچ ڏي پورڀ ويا پيهي التائب من الذنب سناسي سيئي وحدت ۾ ويهي، الهوتي لعل ٿيا.

(09) ث ثابت رکي سير جوڳي هليا جي :ث

پيا وڃي پورڀ ۾ سرها ٿيا سي تان سر ڪري صدقي یما زاغ البصر وما طغ

مز کي.النگها سڀ لنگهي، راول رسيا ر

Page 343: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 343

(01) جيم جبار ڏي هليا الهوتي لس :ج

هلن هنگالچ ڏي گنگا وٺي گس ويراڳين وڏي وس اذکرکم يفاذکرون

ڏاتار پڇي ڏس، راول رسيا راز کي.

(09) حي هلن حب سان نانگا ڇڏي نات :ح

پسڻ خاطر پرينء جي رمن ڏينهان رات ڪن وائي سدا وات اهلل ةطوا من رحمال تقن

ڪري چپ چپات، غازي گڏيا گر کي.

Page 344: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 344

(02) خي خوديء کي ٿا کاهوڙي کائين :خ

پڙهي سبق سبحان جو الهوتي الئين آديسي آهين ن ي ان اهلل مع الصابر

رازق ريجهائين، گر کي گڏيا گودڙيا.

(01) دال درد فراق جا سامين کي سينگار :د

ڪري خاڪ خوديء کي جوڳين ڪياجنسار موتوا قبل ان تموتوا تن رکيائون تار جتي ليل نه نهار، اتي گر کي گڏيا گودڙيا.

Page 345: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 345

(03) ذال ذڪر ذات جو ڪن سامي سڀ ڄمار :ذ

ويراڳي وحدة ۾ سنياسي سچار دائم رکن درڪار حب الوتر ي ان اهلل وتر

جتي پريون پار، اتي راول رسيا راهه ۾.

(20) راضي روح ۾ پرميشر پڇن :ر

هلندي هنگالچ ڏي ڪنهن سان ڪين ڪڇن سدا لعل لڇن ف بعبادہ ي اهلل لط

منجهان قرب ڪسن، راول رسيا رام کي.

Page 346: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 346

(22) هد مان رويو وٺن راههزي ز :ز

هلندي هنگالچ ڏي سامي ڏين ساهه ويراڳين وهواهه الحب لللہ والبغض لللہ

جتي شمس نه ماه، اتي راوت رسيا راهه ۾.

(21) سين سمهڻ سيج تي،سامين ڇڏيو ساء :س

هلندي هنگالچ ڏي ڏين ساهه پساهه ڪڏهن نه ڪن مان الهه ن ي حب الفرح ي وال

جتي پنڌ نه پاء، اتي الهوتي لعل ٿيا.

Page 347: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 347

(29) شين شريعت جا تابع ٿيا تيار :ش

طريقت تن ۾ ڪن حقيقت هيڪار واصل ٿيا وصال ۾ معرفت مدار

نت گهمن نروار ن منوا وعملوا الصالحات ي الذ ان عل ٿيا.ڪري پرين جي پچار، الهوتي ل

(29) ص :

صاد صاحب ڏي هليا جوڳي ڪري جود پسيائون پرينء کي وڃائي وجود

د مانجهي ٿيا وجودي ہ من حبل الور ي ونحن اقرب ال نانگا ٿي نابود، غازي گڏيا گر کي.

Page 348: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 348

(21) ض :

ضاد ڇڏي ضد کي پري ڪيائون پاڻ جو سمر کنيو ساڻسناسين سڪ

من عرف نفسہ فقد عرف ربہ اهو ڄاتئون ڄاڻ ڀري ڇڏيائون ڀاڻ، جوڳي هليا هن جڳ مان.

(29) ط رکن طلب، آديسي الک جي :ط

پيهي ويا پورڀ ۾ راهه سڃاڻي رب هت ڇڏيائون سڀ ا واجب ي ترک دن

ل ٿيا.هئين رکي حب، الهوتي لع

Page 349: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 349

(22) ظ ظاهر زهد ۾ نانگا ڪن نياز :ظ

اٺئي پهر آديسي، پڙهن نينهن نماز ٻاري ڇڏيائون ٻيائي کي، ٻڌي الستي آواز وتعز من تشاء وتذل من تشاء صحي سڻائين ساز رمز سڃاڻي راز، الهوتي لعل ٿيا.

(21) ٿيا آديسي ابدالعين عشق ۾ :ع

الهوتي لشاري چئي وڍيا واحد جي وصال رچي ريٽا ٿيا رجال ةومن احسن من اهلل صبغ

بيراڳي برحال، غازي گڏيا گر کي.

Page 350: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 351

(23) غين ڪڍي غير کي نانگا رکن نينهن :غ

آديسي اداس ۾ رمن راتوڏينهن محبت وسائن مينهن راياکث بکو ي وال ل ي ضحکواقل ي فل

ڇڏي شرڪ شينهن، راول رچي راس ٿيا.

(10) في فڪر فراق ۾ رئن سڀ ڄمار :ف

آديسي اڪير ۾ نت وهائين نار ، پڙهن استغفارنسوحا ة توب اهلل توبي و

وڏي سڪ سچار، الهوتي لعل ٿيا.

Page 351: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 351

(12) ق اهلل جيڪاف ڪٺا ڪل آديسي عش :ڪ

لو لو والمرجان ٿيا آديسي امل بابو ڇڏي ڀل، غازي گڏيا گر کي.

(11) الم ال مڪان ۾ سامي ويا سڀ :ل

اداسي عشق سين روئي ريجهائين رب من الخوف والجوع، رکن تات طلب اللچ ڇڏي لب، غازي گڏيا گر کي.

(19) ا قربان نانگا اڳيان ناٿ جيقاف ٿي :ق

ماڻيائون ميدان رہ و شرہ ي والقدر خ جوڳي گهوري جان، راول رسيا رام جي.

Page 352: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 352

(19) ميم محبت من رکي، مانجهي ٿيا مستان :م

راتوڏينهان روح ۾ پڙهن درد جو داستان نٿيا ڀيڙا سين ڀڳوا ن اال ھوي الدار يال مقصود ف

ريجهائي رحمان، غازي گڏيا گر کي.

(11) نون ٿيا نيشان آديسي اڳيان الک جي :ن

ڏي ڇڏي تنبو طوالن جهليا ويا هنگال رکيائون ڌيان درس يھا فان ي کل من عل

جوڳي ٿيا جوان، غازي گڏيا گر کي.

Page 353: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 353

(19) و جهانواء وحدت وصال ۾ جوڳين ڇڏي :و

اندر ۾ اهلل جو مانجهين اڏيو مڪان رکن نظارو نيشان ب ي خشون ربھم بالغ ي

ساراهي سبحان، الهوتي لعل ٿيا.

(12) هي هلڻ حق ڏي سامين سدائين :هه

ڪن اڪنڍ اوڏاهين ماني حب الوطن من االا طالب تيڏاهين، الهوتي لعل ٿيا.

(11)

ال الهوت جو آديسين عشق :ال هاهوت هلڻ جي سدا سنياسين سڪ

پاڪ پيتائون پڪ وسقاھم ربھم شرابا طھورا طالب ڏيئي تڪ، الهوتي لعل ٿيا.

Page 354: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 354

(13) ء آديسي اوڏا ٿي الف کي ميم رکيائون من :ء

ون ڪڪنبي ڪيائو ڪنحزن ي والھم ھم يال خوف عل توبهه ڪري تن، راول رسيا راز کي.

(90) يي ٿيا ياقي ويراڳي منجھ ورونهن :ي

لنگهي ويا الحد ۾ جتي تون هي تون ڀون آئين ڀلي یانا موالک و انت محبوب

جتي آئون نه مون، اتي راول رسيا راز کي.

Page 355: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 355

چنيسرسر ليال (2)

داغ تنهنجو داسڙا جيري مٿي جال تون ڪهڙي خيال، ٿو چنيسر چاهه کڻي؟

(1)

داغ تنهنجو دائما جيري مٿي جام تون ڪيئن تمام، ٿو چنيسر چت کڻي؟

(9)

سوين صغيرا ڪوڙئين ڪبيرا مون ڪوجھا ڪم ڪيا هٿان مون ٿيا، تون معافي ڏي مهر سان.

(9)

ڪوجھا ڪيم ڪم سوين صغيرا ڪوڙئين ڪبيرا مون ٿي راضي ڪر رحم، معافي ڏي مهر سان.

Page 356: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 356

(1)

سوين صغيرا ڪوڙئين ڪبيرا مون عصيان ڪيا اپر ٿي راضي رحم ڪر، معافي ڏي مهر سان

(9)

سک ٿورا سنڀران ڏک ڪئي ڏٺام طعنا مهڻا تنڪا ماکيء کان مٺام سر تي سڀ سٺام، چمي چنيسر ڄام جا.

(2)

ليال کيچلي چنيسر ڄام، لوڌ م آئون دوست تنهنجي دامن ۾ لڳس ڌرئون الم سا جهلجه سام، جنهن ورتو هار هٿن سان.

(1)

جنهن ورتو هار هٿن سان سا نڀاڳي نار هيء پٽيل تنهنجا پار، جو مٽيئي محب مڻئي تي.

Page 357: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 357

(3)

مون مٽيو محب مڻئي تي تون پرين پاڻ سڃاڻ آئون ليال لچي لوڪ ۾، ڄم وڃايم ڄاڻ

مونتي ڪاڻ، حرف رکي وئين حق جو.ڪانڌ!

(20) حرف مون تي حق جو اصل کان آهي لطف سان لشاري چئي الئق من الهي چنيسر چاهي، وير وهاري وچ ۾.

(22)

وير وهاري وچ ۾ ڪونرو جهڙي ڪنوار تون ليال لچي لوڪ ۾ کاڻي ٿينء خوار هٿين وٺي هار، مڙس مٽيئي مڻئي تي.

Page 358: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 358

(21)

مڻئي تي، تون چنيسر شاهه مون مٽيو مڙس لوڌ م ليال ڪوٽ مان قرب ڪونروو ڏي ڪاهه آئون دامن نه ڇڏيان داسڙا، تون وسيلو واهه مون تابن پنهنجي مهر جو، پرين پاند م الهه ريجهي ڏس تو راهه، ليال کي لطف جي.

(29)

ليالن لوڌائي ڪڍيو ڪونروء کي ڪال جي. هئيء تنهنجي حال، جنهن حرڪت ڪئي هار

(29)

ڪونروء کي ڪال، ليال لوڌائي ڪڍيو هئي تنهنجي حال، جنهن مٽيو مرد مڻئي تي.

(21)

نڪا لچائي ليال جي، نڪا ڪونروو ڪچائي جيڪا واحد وهائي، سا آئي انگ ٻنهي جي.

Page 359: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 359

(29)

آئي انگ ٻنهي جي، اصل ڳجهي ڳال رکو الفت اهلل سين، سمجهي ڪريو سنڀال

ئڻ ٻين کي.مورئون ناهي مجال، ٻڌا

(22) تون منهنجي، آئون تنهنجو، توکي ڪڍان ڪوهه توتي رکيم ڏوهه، ته سکن مر سهاڳڻيون.

(21)

سڀئي سهاڳڻيون، الئق مڙئي لعل پسڻ ڪارڻ پرينء جي خوش ڪيائون خيال ويچارين ورهه ٿيا، سڪندي ڪيئي سال وهلو تن وصال، هيٺاهيون هلن جي.

(23)

سچيسڀئي سهاڳڻيون سڀني سڪ سي وييون راس رچي، هيٺاهيون هلن جي.

Page 360: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 361

(10)

سڀئي سهاڳڻيون، هليون جوپ جمال پسڻ ڪاڻ پرينء جي ڪثر ڪيائون ڪمال نياز جني نال، تن کي وير وهاري وچ ۾.

(12)

سڀئي سهاڳڻيون هليون جوپ جمال پسڻ ڪارڻ پرينء جي سوين ڪيائون قال چنيسر وڻي چال، هيٺاهين هلڻ جي.

(11)

ئي سهاڳڻيون جملي جوپ جامسڀ پسڻ الء پرينء جي طلب رکيائون تمام نياز جن جو نام، سي وير وهاري وچ ۾.

Page 361: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 361

(19)

سڀيئي سهاڳڻيون، سڀني سڪ سنڀال پسڻ الء پرينء جي ڳجهي ڪيائون ڳال هادي تن جو حال، هيٺاهيون هلن جي.

(19)

سڀئي سهاڳڻيون، سڀني سچي سڪ هليون، لوڪ الهي لڪپسڻ الء پرينء جي

اندر جن عشق، سي وير وهاري وچ ۾

(11) سڀئي سهاڳڻيون، هليون ڏي جوپ جوان پسڻ الء پرينء جي ڪچي ڪيائون ڪان مهندان لهن سي مان، هيٺاهيون هلن جي.

Page 362: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 362

(19)

نڪو جن جهان ۾ نڪو عزازيل نڪو عزرائيل ھا فان ي کل من عل

مان ڪل دليلپسڻ سان پرين جي ويا دل رهيو رب جليل، ٻيو ڏسان ڪونه ڏيهه ۾.

(12)

نڪو جن جهان ۾ نڪو خام خيال تن ۾ طريقت جو، ٿيو حقيقت حال منجهان شوق شريعت جي معرفت ٿيو مال رهيو رب جالل، ٻيو ڏسان ڪونه ڏيهه ۾.

(11)

نڪو جن جهان ۾، نڪا سور سنڀال پسڻ منجھان پرينء جي ٿي ڀالئي ڀال

ب رهيو نال، ٻيو ڏسان ڪونه رهيو ڏيهه ۾.صاح

Page 363: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 363

(13)

داتا دالسي جي پرين ڪر پچار تون منهنجو وارث ولهو آئون تنهنجي ڪنوار الئق لڄادار، ميٽ مدايو منهنجون.

(90)

تو در آيس داسڙا ڇڏي در هزار سائين ڪارڻ سپرين کڻي نيڻ نهار ڏيهه ڌڻي ڏاتار، ميٽ مدايون منهنجون.

(92)

در آيس داسڙا بيحد کڻي بارتو لکڻ ليکو ناهه ڪو مون ۾ عيب انبار امن ڏي عليل کي سٻاجھا ستار جاني لڳ جبار، ميٽ مدايون منهنجون.

Page 364: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 364

(91)

تو در آيس داسڙا هيڻا وٺي هڏ اونائج عليل جا تون سٻاجھا سڏ گوندر الهي گڏ، ميٽ مدايون منهنجون.

(99)

در توبهه جي تنوار، اٺئي پهر اهلل ڏاڍو ڏيهه ڌڻي آھ، قادر رب قهار

در رحمان جي.“ راضي”نيڻين وهائي نار،

(99) توبهه جي تاس، اٺئي پهر اهلل در عبادت عزازيل جي رب نه آندي راس ڪونه ڪيائين قياس، ڏنئينس طوق لعنت جو.

Page 365: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 365

(91)

توبهه جي تات، اٺئي پهر در اهلل جي تعبادت عزازيل جي رب نه وڻي هڪ را

ڏاتار ڏمر جو قهري هنيس ڪات وحدت وائي وات، رکج سدائين روح ۾.

(99)

ور سين وجھو وير، کر سين کلون پائين اوڳي ڪيئه انڌير، مٽيئه محب مڻئي تي.

وائي

نمازان پڙهڻ، روزي رکڻ،راتيان جاڳڻ اها فقيران دي ڪار مئين برهه لٽي بيشمار، مئين عشق لٽي بيشمار

من الموت رهي تن اندر وچ تارالفراق اشد اڃا ڪن فيڪون ڪانه هئي، اڳي سڻيم محب ميهار

روز ازل ڪنون ڏٺا هادي هر دم تخت هزار“ راضي”

Page 366: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 366

سر ڌناسري داستان پهريون

(2) استاد عبداللطيف کي نينهن ڪيو نيڙو اچي ويٺو ارواح ۾ وسائي ويڙهو موال هن مسڪين کي پسائج محمدي ميڙو

ٿيون راضيء کي راهه ۾. ڀٽ ڌڻي ڀيڙو،

(1) استاد منهنجو عبداللطيف الست کان آهي ڏئي جوڙ جماعت سين قرب منجهان ڪاهي سيد سانباهي، وٺي ويندو واٽ سان.

Page 367: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 367

(9)

آهي عبداللطيف تي رضامندو رحمان پڙهيائين پرت مان باريء جو بيان جوڙي جنهن قرآن، سنڌيء ۾ صحي ڪيو.

(9)

ونگ،تن تمر، روح راضي الستان اڳيلڱ لطيف، لحم ل قلب ڪريم ڏي وحدة منجھ وڳي سبيا هڪ سڳي، هاديء پنهنجي هٿ سان.

(1)

لعل لطيف، لونگ، تمر جي تنوار چار ئي چڱا يار، هاديء ڪيا هٿ سان.

(9)

بدن ٿي باز، اڏام عبداللطيف ڏي رحماني راز آهي بيشڪ ڀٽ تي.

Page 368: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 368

(2)

ٽائي تي ڀرجي آسائو آهين ته ڪر ڀ سونهاري سيد جو ديک هلي در قرب منجهان ڪر، تنهنجا مطلب مڙيئي ٿين.

(1)

الفت عبداللطيف جي اندر ڪئي اوطاق تاڙيون ڏيئي طاق، جانب ويٺو جيء ۾.

(3)

الفت عبداللطيف جي ڪيا اندر اوتارا نت هڻي نعرا، جانب ويٺو جيء ۾.

(20)

راالفت عبداللطيف جي ڪيا اندر آکي درس اڏي ديرا، جانب ويٺو جيء ۾.

Page 369: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 369

(22)

الفت عبداللطيف جي سبق سيکاريا سي ڏيهه ڏيکاريا، جي اڳ نه ڏٺم ڪڏهين.

(21)

الفت عبداللطيف جي سيکاريا سبق سي ڏيکارئين طبق، جي اڳ نه ڏٺم ڪڏهين.

(29)

الفت عبداللطيف جي رنگ پسايا رات ئي.سا سيکارئين تات، جا آدم کان اڳي ه

(29)

الفت عبداللطيف جي رات پسايا رنگ سي ڏيکارئين دنگ، جيڪي آدم کان اڳي هئا.

Page 370: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 371

(21)

الفت عبداللطيف جي رات پسائي روء سا ڏيکاريئين جوء، جا آدم کان اڳي هئي.

(29)

آدم کان اڳي هئي، نه آئون نه مون تن ۾ تون هي تون، ڪن کان اڳ ڪريم جي.

(22)

داللطيف کي ڪيو پيدا پاڻ ڌڻياسان ۽ عب

پرور پاڻ کڻي، وڌو پساهه هڪ پڃري ۾.

(21) آئون بدن ڀٽ ڌڻيء جو، پاڻ منهنجو پساهه ڄاڻي هڪ اهلل، ته رتي ناهه رواز جي.

Page 371: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 371

(23) اسان ۽ عبداللطيف جو ڌريئون هڪ دڪان ڄاڻي رب رحمان، ته رتي ناهه رواز جي.

(10)

واحد ڪيو وجودآگي عبداللطيف جو، مون ۾ مالڪ ڄاڻي موجود، ته رتي ناهه رواز جي.

(12)

آگي عبداللطيف، جيئن مونکي ڪيو قبول ڄاڻي رب رسول، ته رتي ناهه رواز جي.

(11)

آگي عبداللطيف، جيئن مونکي صاحب ڪيو سڀ رازق ڄاڻي رب، ته رتي ناهه رواز جي.

(19)

آگي عبداللطيف ،جيئن مونکي عشق ڪيو عليل ڻي رب جليل، ته رتي ناهه رواز جي.ڄا

Page 372: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 372

(19)

جتي آسڻ عبداللطيف جا اتي راضيء جي رهاڻ پرور ڄاڻي پاڻ، ته رتي ناهه رواز جي.

(11)

جتي آسڻ عبداللطيف جا اتي راضيء جا رتول مونکي ماروء ڍول، ڪيو حوالي حق جي.

(19)

جتي آسڻ عبداللطيف جا،اتي راضيء جي رجعات ان رات، وحدت وائي واحد جي.مونکي ڏينه

Page 373: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 373

داستان ٻيون

(2) سڏايم سرٿي، الئق لطيف لعل ڄاڻي رب جالل، ته رتي ناهه رواز جي.

(1)

سڏايم سرٿي، لطيف لڄادار ڄاڻي رب ستار، ته رتي ناهه رواز جي.

(9)

سڏايم سرٿي، جيالني جمال رکيم روز ازل جي ڪل تي قدم ڪمال

رب جالل، ڪيو محي الدين ملڪ ۾.موکي

Page 374: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 374

(9) سڏايم سرٿي، جيالني جوان راضيء کي رب رحمان،ڪيو محي الدين ملڪ ۾.

(1)

سڏايم سرٿي، جيالني جناب واحد وڏا ڪيا منهنجا خوب خطاب

راضيء کي رب تواب، ڪيو محي الدين ملڪ ۾.

(9)

سڏايم سرٿي ، جيالني جنسار يو رازق روز ميثاق جيمونکي محي الدين مهندار،ڪ

(2) سڏايم سرٿي، محي الدين مقبول ڄاڻي رب رسول، ته رتي ناهه رواز جي.

Page 375: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 375

(1) سڏايم سرٿي، ميران محي الدين ڄاڻي رب راحمين، ته رتي ناهه رواز جي.

(3)

سڏايم سرٿي، محي الدين محبوب مونکي خاوند خوب، ڪيو دادلو دستگير جيئن.

(20)

القادر قطب ربانيسڏايم سرٿي، عبد مونکي محبوب حقاني،ڪيو رازق روز ميثاق جو.

(22)

سڏايم سرٿي، حضرت پيران پير مونکي داتا دستگير، ڪيو رازق روز ميثاق جو.

(21)

سڏايم سرٿي، جيالني جاگير مونکي رب ڪبير، ڪيو محي الدين ملڪ ۾.

Page 376: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 376

(29)

سڏايم سرٿي، سخي سرتاج سرور ناهه رواز جي.ڄاڻي پاڪ پرور، ته رتي

(29)

سڏايم سرٿي سورهه سخي سرتاج مدامي معراج، راضي رندن ڪيو روح ۾.

(21)

سڏايم سرٿي، سخي سرور جو ساالر مونکي مرسل مهندار،ڏني مبارڪ روز ميثاق جي

(29)

سڏايم سرٿي، قربدار ڪريم ڄاڻي رب رحيم، ته رتي ناهه رواز جي

Page 377: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 377

(22)

سڏايم سرٿي، ڪريم قربدار اڻي رب ستار، ته رتي ناهه رواز جيڄ

(21) سڏايم سرٿي، مدامي موجود ڪري صاحب کي سجود، هنيم نعرا حق جا

(23)

سڏايم سرٿي، مولي مشڪل ڪشا علي عاشقن روز ازل کان جودون منهنجي دامن جهلي ڄاڻي رب جلي، ته رتي ناهه رواز جي

(10)

سڏايم سرٿي، مشڪل ڪشا مٿير لير، راضي روء زمين ۾داناء مرد د

Page 378: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 378

(12)

سڏايم سرٿي، اسد اهلل غالب علي ابن ابي طالب، راضي روء زمين تي

(11)

سڏايم سرٿي، حسيني حيدر کٽيو مون خيبر، هڻي نعرا حق جا

(19)

سڏايم سرٿي، سرمد سوڀارو عاشق اوڀارو، راضي روء زمين تي.

Page 379: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 379

داستان ٽيون

(2) ني جهانگيرميران مرشد منهنجا جيال

مدد ڏئي مريد کي، دليئون دستگير پازي اڪارج پير، مهابي محمد مير جي.

(1)

ميران مرشد منهنجا جيالني جبر مدد ڏي مريد کي، لهه کهين جي خبر بغدادي ڀر، وٺائج وصال جي.

(9)

دليئون دستگير کي ڪيو مون قبول تون دادلو درگاهه جو مولي وٽ مقبول

رسول، تيئن ولين ۾ محي الدين. جيئن نبين ۾

Page 380: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 381

(9)

ميران شاهه مدد ٿي واهر ڪجانء وير اسين تابع تنهنجا، تون اسان جو پير سيد اڪارج سير، لطف سان لشاري چئي.

(1)

ميران شاهه مدد ٿي واهر ڪج وريام دستگير تنهنجي دامن ۾ هي سائل آهي سام لللہ لڳ لشاري چئي لڳس تنهنجي الم

محمد ڄام، اڪارج عميق مان. مهابي

(9) ميران شاهه مدد ٿي جيالني جنسار آهين عاشقن جو مرشد تون مهندار پانڌي اڪارج پار، مهابي محمد مير جي.

Page 381: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 381

(2)

ڏٺم ساري ڏيهه ۾ داتا دستگير قادر رب قدير، خلقيا خوب خوشيء سان.

(1)

بيٺڪ منهنجي بغداد ۾ آهيان مشهور محي الدين ة ساڻ واسيو راضيء روء زمينوحد

ڄاڻي رب العالمين، ته رتي ناهه رواز جي.

(3) چوڏهين ۾ چوٽ ڪري ٿيا الهوتي لعل جوڳي جنگ جالل، راضي روشن روء زمين تي.

(20)

چوڏهينء ۾ چوٽ ڪري ڪئي الهوتين الت هميشه حيات، راضي روء زمين تي.

Page 382: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 382

(22) مورچوڏهينء ۾ چوٽ ڪري مانجهي مرڪن

شهيد شهه زور، راضي روشن روء زمين تي.

(21) چوڏهينء ۾ چوٽ ڪري مانجهي ٿيا مهندار پارس پتنگ پڳدار، راضي روشن روء زمين تي.

(29)

چوڏهينء ۾ چوٽ ڪري عاشق ٿيا اظهار راضي رمزدار، هميشه هسوار حسن جو.

(29)

چوڏهينء ۾چوٽ، ڪري نيهي ٿيا نروار ي روشن روء زمين تي.ڪامل قربدار، راض

(21)

تيرهين تاء ڦٽو ڪيو، چوڏهين ڪئي چوٽ جيئن گل گالبي گهوٽ، راضي روء زمين تي.

Page 383: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 383

(29) تيرهين تاء ڦٽو ڪيو، چوڏهين ٿيو چٽو مولي ڪيو مٺو، راضي روء زمين تي.

(22)

شريعت ۾ شاهه آهيان الست کان اعلي .بلند بخت بالي، راضي روشن روء زمين تي

(21)

شريعت ۾ شهباز آهيان، ازل کان انسان سارو سرسبحان، راضي روشن روء زمين تي.

(23)

شريعت ۾ شهزور آهيان اول کان آدم خلق ڪل خادم، راضي ڪئي رمز سان.

(10)

شريعت ۾ شينهن آهيان، اصل کان عالم سارو سر سالم، راضي روشن روء زمين تي.

Page 384: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 384

(12)

لست کان اثباتشريعت ۾ شهيد، آهيان ا ازلي آب حيات، راضي پيتو رمز جو.

(11)

شريعت ۾ شير، آهيان ازل کان اظهار قديمي قربدار، راضي روء زمين تي.

Page 385: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 385

داستان پنجون

(2) اول آخر ظاهر باطن مي مدامي موجود ڪري صاحب کي سجود، الهوتي لعل ٿيا.

(1)

اول اخر ظاهر باطن آهي مدامي مقبول ب رسول، الهوتي لعل ٿيا.ريجھائي ر

(9)

عاشق اوتارن ۾ اوطاقن ۾ امير سي وڏا پير، جن جي محبت موال سان.

(9)

عاشق اوتارن ۾ اوطاقن ۾ امراء سي وڏا شاھ، جن جو قرب ڪريم سان.

Page 386: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 386

(1)

هستيء کي هضم ڪري ٿي مستيء ۾ مختيار ريجهائي رب ستار، هڻج نعرا حق جا.

(9) ي ٿي مستي ۾ موجودهستيء کي هضم ڪر

ڪري صاحب کي سجود، هڻج نعرا حق جا.

(2) هستيء کي هضم ڪري ٿي مستيء ۾ مقبول ريجھائي رب رسول، هڻج نعرا حق جا.

(1)

هستيء کي هضم ڪري ٿي مستيء ۾ منظور ماڻي حق حضور، هڻج نعرا حق جا.

Page 387: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 387

(3)

هستيء کي هضم ڪري ٿي مستيء ۾ مهندار هڻج نعرا حق جا. رکي ڪات ڪاپار،

(20)

همہ کي حق چئو غازي ڇڏ غرور قلوب المؤمنين بيت اهلل ، رک نظارو نور ته هاديء جي حضور، ڏسين ساري ڏيهه ۾.

(22)

همہ کي حق چئي، دئي ڇڏي ٿي ڌار و نحن اقرب اليہ من حبل الوريد، عالم ۾ اظهار ته پرينء جو پار، ڏسين ساري ڏيهه ۾.

(21)

ق چئي غازي ڇڏي غيرهمہ کي ح و في انفسکم افال تبصرون سارو تو ۾ سير پرينء سندو پير، ڏسين ساري ڏيهه ۾.

Page 388: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 388

(29)

ويا نه مور مري، آهن هنجھ حيات جي رهين رندن وٽ رات،ته پويئي سڌ سنسار جي.

(29)

هنجھ هميشہ هوء ۾، ويا نه مور مري وطن ٿيو وري، اصل عقابن جو.

(21)

ير، هنجھ هزارن ۾ هڪڙوڍانڍي پکي ڍ غازي ڪڍي غير، پس مشاهدو محبوب جو.

(29)

پکي ڪري پرواز ويا اڏامي الک ڏي الست جا آواز، ويچارن وسريا ڪينڪي.

Page 389: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 389

(22)

ڪئين ڪنگ ڪينجهر ۾ هنجھن لک هزار ٻگهن ٻولي ٻروچ چئي، طائوسين تنوار اهي ٻئي پار، هوندا قائم قيامت تائين.

(21)

ٿن تي سي سڳا مون سيڻکاريون جن م گانگٽ گوجون گندڻيون ککي اسان کيڻ. نوريء کڻي نيڻ، اجاري اڇا ڪيا

(23)

ڄارا کارا چٽڪا اهي سڀ صفل ساڄ گانگٽ گوجون گندڻيون . ککي اسان جو کاڄ ريجهي ويٺا راڄ، سمي جي سهاڳ ۾.

Page 390: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 391

(10)

تڙ تماچي آيو لٿي منڌ ميار عيب اپار گندريء تان گناهن جا ٿيا معافي

مالحن کي مرڪايو تنهن جي طلب تنوار سمي ڄام سردار، مياڻيون سڀ معاف ڪيون.

(12)

تون تماچي تڙ ڌڻي آء گندري گنهگار ڏسي ميء ڪي ڪار، متان مانگر مٽئين.

(11)

تون سمون آئون گندري مون ۾ عيب عليل ڪارڻ رب جليل، متان مانگر مٽئين.

(19) ي مون ۾ عيبن ڍيرتون سمون آئون گندر

پسي مدايون مير، متان مانگر مٽئين.

Page 391: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 391

(19)

نه ڪنهن ڄائو ڄام کي ، نڪي ڄام عيال ننڍي وڏي گندري، سڀئي سندس سيال

اي نجابت نهال ولدي لد ولم ي لم ڪبر يا قرب ڪمال، تخت تماچي ڄام جو.

(11)

تون تماچي تڙ ڌڻي مون ۾ عيب انبار ان مانگر مٽئين.ڪارڻ رب جبار، مت

(19)

تڙ تماچي آيو، نوري ٿي نهال دايون ٻايون ٻانهيون ڪن تنهن جي محض مقال ڏنيس رب جالل، معافيء جي مهر هڻي.

Page 392: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 392

(12)

سڀ محتاج منهنجي پرينء جا آگا توڙي عالي سڀئي درصاحب جي سدائين سوالي مولي مڙئي مرڪايا خاوند نه ڇڏيا خالي

قت ۾ هڪ ٿيا.مالن ۽ موالي، حقي

ڪافي

توکي لطيف لڄادار چوان صاحب سنڌ سردار چوان توکي قلندر ڪلنگي دار چوان، صاحب سنڌ سردار چوان توکي پارس پريمي پڳدار چوان، رهبر رندي رمزادر چوان توکي محبوب سبحاني مختيار چوان، عاشق اڙين جو آڌار چوان

ار چوانرب غفار چوان، توکي لطيف لڄاد“ راضي”توتي

Page 393: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 393

ڪافي

موجود حق مدامي آهيان مست قلندر لعل ڪن فيڪوني قرب جا سڻايم الستي احوال دائم ديدار دروني ڪيم واحد جو وصال

ڪافي

دل ڦري دلدار ويو من ۾ مدامي ماتام آهي پسڻ ڌاران پرين جي نه اکين ۾ آرام آهي هميشہ حشر هئين ۾ نه اهڙي ڪا ٻي قيام آهي

Page 394: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 394

تان ڇهونداس

(2) بت پرستي کان آھ ، خود پرستي خراب جا دنيا آخرت ۾ ڪري سخت عذاب.

(1)

بت پرستي کان آهي خود پرستي خوار جا ڪري دنيا توڙي آخر ۾ شرمسار.

(9)

خوبي آهي خودپرستي ۾، ٿي بت پرستي کان بيزار جي گهرين وصال واحد جو ته چئو انا الحق اظهار.

Page 395: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 395

(9) انحد جو احوالنت نظر نفيء ۾

روحي رمز رندن جي سري سرت سنڀال قلبي قرب ڪمال، ڪيو عاشقن اثبات اندر ۾.

(1)

قلبي منجھ ڪمال آهي سدائين عاشقن کي عجب رنگ اخفي ۾ نفي نت نهال روحي ڪئين رچايا ڪيا سري سوين سال ذاتي ذڪر ذوق سان ٿيا الهوتي لعل

.رب جالل، ڪيو عاشقن اظهار اندر ۾“ راضي” (9)

الحمدهلل چئو حمد هادي کي بندا بيشمار رب العالمين روشن روء زمين تي پاڪ پرور پالڻهار الرحمن الرحيم رزاق رحم سين باري بخشڻهار مالک يوم الدين مالڪ محشر ۾ خود مختيار اياک نعبد و اياک نستعين الئق عبادت جو اظهار

اھ ستاراهدنا الصراط المستقيم جن کي سنئين وٺائي ر

Page 396: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 396

انعمت عليهم ڪن کي عبادت امن جي ڏياري ڏاتار غير المغضوب عليهم جن تي ڪاوڙ ڪري قهار آهيان ثناگر صاحب جو مدامي مڱڻهار دائم والضالين کان ڌار، رب رکين راضي کي.

(2)

ديسي مان پرديسي ٿيو پرديسيء ۾ پاڻ ونحن اقرب اليہ من حبل الوريدسڻ آگي جا اهڃاڻ

ب توئي ساڻ، جنهن الء ڏورين ڏيهه ۾.سوتان صاح

(1) ديسي مان پرديسي ٿيو پرديسي مان جڳ جهان و في انفسکم افال تنصرون ٻڌ نوريء جا نيشان سڀ ۾ مالڪ منان،ٻيو ڏسين ڪونه ڏيهه ۾.

(3)

اسين سڪون جنهن الء سو پرين اسان جي پار قلوب المؤمنين بيت اهلل اندر ۾ اظهار

صحي سڃاتو سپرين.هاڻي وڃ ويچار،

Page 397: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 397

(20) اسين سڪون جنهن الء سو پرين اسان جي پاس االنسان سري وانا سره روح اندر ٿيو راس هاڻي وڃ وسواس، صحي سڃاتم سپرين.

(22)

اکيون علي الپرڀات دوس ديکڻ آيون اٿنديون ارداس ۾ ٻي وائي نه ڪنديون وات رچنديون ري رنگات، پوڄنديون پرينء سان.

(21)

ن ابڙو وڏ وڙو جيئن سپڙ سخي سردارتو سڄڻ سانوڻ مينهن جيئن ڪري طاماعو تار جي اچين ڪنهن وار، ته بخشي بور ڀٽ ڌڻي.

(29)

تون ابڙو وڏ وڙوجيئن سورهه سخي سلطان سڄڻ سانوڻ مينهن جيئن ٿو نوازي نادان نيهي نر نيشان، الهوتي لعل ٿيو.

Page 398: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 398

(29) حقيقت هيڪار منهنجو جيء جياريو

نحن اقرب ويجهڙو پلپل اها پچارو رهبر روح ۾.“ راضي”صاحب رب ستار

(21)

کر ٿو کرايون ڪرين، هچارا هنبس پورا پوريئي پرين جا گيبتي گس ناالئق نجس، سڙين شال سقر ۾.

(29)

سڙين شال سقر ۾ ساري سڀ ڄمار هميشه حاويء ۾ ٿيندين کر خوار ناالئق، نار، ساڙينديئه سرير کي.

(22)

کر کرايون ڪرين هچارا حيوان سڙين سقر ۾ شرمندا شيطان منهن ڪارا مروان، جلين شال جهنم ۾.

Page 399: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 399

(21) سڻ منهنجا سڏڙا سٻاجھا ستار تنهنجي آهي تار، ٻي ڪنڌي ساريان ڪانه ڪا.

(23)

سڻ منهنجا سڏڙا سڀني جا سائين اجهو تون آهين، ٻي ڪنڌي ساريان ڪانه ڪا.

(10) ا ملڪن جا مهندارسڻ منهنجا سڏڙ

آهيان تو آڌار، ٻي ڪنڌي ساريان ڪانه ڪا.

(12) سڻ منهنجا سڏڙا ملڪن جا مير تون واهر ڪر وير، ٻي ڪنڌي ساريان ڪانه ڪا.

(11)

سڻ منهنجا سڏڙا ملڪن جا مولي تون ڪر ڪم سوال، ٻي ڪنڌي ساريان ڪانه ڪا.

Page 400: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 411

(19)

سڻ منهنجا سڏڙا تون سخي سرور ڄام سام، ٻي ڪنڌي ساريان ڪانه ڪا.آهيان تنهنجي

(19)

سڻ منهنجا سڏڙا قادر رب قدير ڪارڻ محمد مير، عصيان عفو ڪرين.

(11)

ڏٺم سارو ڏيهه مولي وٽ مڱڻهار پائي پاند ڳچيء ۾ ٿيان پرينء در پينار ڏيهه ڌڻي ڏاتار، پينو سڀ پرڪيا

(19)

شيعن ۾ شور گهڻو ، سنين ۾ ساڙو ڏ ته ڇٽين ڇيهن کان.پٽين جو پاڙو، ڇ

Page 401: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 411

(12)

شش شيطان شيعن ۾ سنين ۾ ست پٽين وڃائي پت، اوڏا ٿيا ابليس کي.

Page 402: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 412

سر ماروئي داستان پهريون

(2) اول نام اهلل جو، سڀني سوايو آئون نه قبوليان عمر کي چٽو مون چائو قلم منهنجي قسمت ۾ واليء وهايو جيڪي هاديء هاليو، سو قبوليم ڪوٽن ۾.

(1)

قضا آنديس ڪوٽ ۾، وطن مون ولهار قيد الماء اشد من قيد الحديد،آهي انتظار فليضحکوا قليال و اليبکوا کثيرا رئان زاروزار والي واڳ وطن ڏي وار، ته مالن ماروء ڄام کي.

Page 403: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 413

(9) الست بربکم جڏهن پيئي تن تنوار تڏهن قالو بلي قرب سين ورندي چيم وار

ٿم روح ۾.سانگي سڀ ڄمار، رهيا ا

(9) الست بربکم جڏهن پيو ڪن ڪالم تڏهن قالو بلي قرب سين چيم ترت تمام تهان مارو من مدام، رهيو آهي روح ۾.

(1)

ميثاقان مهند هئي مونکي مارن جي مقال الست بربکم ڪنين ٻڌو مون ڪال ڳجهي سڻايم ڳال، قالو بلي قرب سين.

(9)

بارجڏهن چئي ڪن فيڪون جوڙيا روح ج جتي گڏ گذران هو اتي، تن لڳي مون تار اها وائي وار، رهي آهي روح ۾.

Page 404: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 414

(2) ڪن فيڪون ڪانه هئي، نڪا اللچ لب قالو بلي ڪونه هو، نڪا الست برب تهان اڳي تار طلب، مونکي ماروء ڄام جي.

(1)

ڪن فيڪون ڪانه هئي نڪا هڪل هونگار سڄڻ تنهن ساعت ۾ مارو ڏٺم مهندار

تڏهانڪو تار، ملي مالقات ڪئي.مون تن

(3) ڪن فيڪون ڪانه هئي ، نڪا هونگ هڪل رهي آهي روح ۾ توڙئون جي توڪل تهان مارو مون مهل. ڀينر ڀاڱي آئيو.

(20)

قضا آنديس ڪوٽ ۾، اچي نه جيء جٽا مون جيڏيون ملير ۾ گهمائين گهٽا کاهڙ پاس کٽا، پيان شال پرينء سان.

Page 405: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 415

(22) ۾ هڏ نه جيء جٽي قضا آنديس ڪوٽ

سانگين جي سومرا وڌيس سور سٽي پٽ نه پائي پنهوار ري، ويٺي منهن مٽي

ملير ويندي مارئي، قادر قيد ڪٽي کاهڙ پاس کنڀيون پرين ساڻ پٽي منهنجو لوڙهه لٽي، ماروء جي مقام ۾.

(21)

ماروء جي مقام ۾ پورج پنهواري ٿڌي مٽي ٿرن ۾ وسائج واري

ون تان سڀ معاف ٿئي.مانه مياري، م

(29) سانگين جي سڃاڻ، مون اڻ ڏٺي اڳي هئي ڪن فيڪون ڪانه هئي نڪا قيدن ڪاڻ نڪو جن جهان ۾ نڪو پسڻ پاڻ رهيا آهن روح ۾ سدا محبت ماڻ اتي ريجھ رهاڻ، ڪيم مارن سان ملير ۾.

Page 406: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 416

(29)

ڪن فيڪون ڪانه هئي نڪو آفتاب نڪو جن جهان ۾ نڪو ماهتاب

اهه جي، نڪا سڌ ثوابنڪا غرض گن منهنجو روح رباب، مهند ماروء مير سين.

(21)

ڪن فيڪون ڪانه هئي نڪو ڏينهن نه رات بني نه هئي بت ۾ ڪا سبحاني صفات الست بربڪم پوء باريء ڪئي بات قالو بلي قلب سين اتي ڪيم اثبات رحماني راز سين ظاهر ٿي ذات ميثاقان مهند هئي توحيد جي تات

وحدت وائي وات، مونکي ماروء مير جي. تهان

Page 407: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 417

(29)

ميثاقان مهند هوم، پنوهارن سان پيار الست بربڪم توڙئون ٿيو تيار قالو بلي قلب تان لٿي منڌ ميار اکين آگم الئيا وسي مينگهه مالر تهان سانگي سڀ ڄمار، ساريان ويٺي سومرا.

(22)

ميثاقان مهند هئي، مونکي مارن مالقات بڪم تن سئي مون تاتالست بر

قالو بلي قرب سين وائي چيم وات اکين آگم الئيا بادل ڪئي برسات رئان ڏينهان رات، مارن جي مقام الء.

(21)

خبر نڪا چار، نڪو اوٺي آئيو هتيجن هتيجن ڏي، مڪا ڪونه ويچار پنوهارن پچار، ڪوهه ڄاڻان ڪيهي ٿي؟

Page 408: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 418

(23) سپنو نه سنڀال، نڪو اوٺي آئيو

تيجي هت اچي ڪنهن نه ٻڌائي ڳاله ويچارن وصال، ڪوهه ڄاڻان ڪيهو ٿيو؟

(10)

تند نڪا تار نڪو اوٺي آئيو وڃي ويٺا ويڙهه ۾ گوء ڇڏي گفتار ويچارن واپار، ڪوهه ڄاڻان ڪيئن ٿيو؟

(12)

نڪو خواب خيال، نڪو اوٺي آئيو هتيجن هتيجن ڏي، مڪو ڪونه احوال

ڻان ڪيهو ٿيو؟هميرن جو حال، ڪوهه ڄا

(11) اٺي کان اوٺي آئيو جنهن خبر ڪئي خاصي

اٺا مينهن ملير تي ويڙهه مڙئي واسي آهيان اداسي، رهنديس ڪو دم ڪوٽ ۾.

Page 409: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 419

(19)

نڪو اوٺي آئيو، نڪي سنيها سالم هتيجن هتي جن ڏي، مڪا ڪين پيغام وڃي ويٺا ويڙهه ۾ گنگا ڇڏي گام مهتان هليا همير ويا هزارين هشا

رڙندا ويا روح ۾ جي ڄاپندي ٿيا ڄام من ۾ ماري مام، مونکي ماروء مير جي.

(19)

پنڌ نڪو پار، نڪو اوٺي آئيو هتيجن هتي جن الء مڪو ڪونه آچار ويچارن وهنوار، ڪوهه ڄاڻان ڪهڙو ٿيو؟

(11)

اٺي کان اوٺي آئيو مڪو پيغام پرين ٽارم ٽيهن کي، رهه پورو ساڻ پنجن

ڏنا ڏيج ۾ لکين ساڻ لطفنڏيهه اباڻن الفت جي رکي لوئي سر لڱن

Page 410: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 411

پٽ نه پايان سومرا مونکي سڪ سنگهارن فاتح هن فقير جي پڙهي پنهوارن وڃان ويڙهيچن ڏي جتي مارو روز رهن مونکي محبوبن، مرهيو ڏينهن ميثاق جي.

Page 411: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 411

داستان ٻيون(2)

مون سبيو ماروء سين، ريء سئي روح ن سومرا سانگي سنجھ صبوحسدا ساريا

هتي کڙي مٿي کوهه، هت قضا آندي ڪوٽ ۾.

(1) قابو ڪيئي قيد ۾ سومرا صحي اٿم آس اهلل ۾ وينديس ويڙهه وهي محبت جي مهي، پيان شال پنهوار سان.

(9)

مون سبيو ماروء سين ابر ريء ارواح سدا ساريان سومرا سانگي سنجھ صباح

هت قضا آنديس ڪوٽ ۾نهنجو چاهه، هت چت م

Page 412: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 412

(9 ) سومرو آيو سيگهه مان ، ڏيل ڪيو ڏهڪار

قادر لکي ڪار الموت ةکل نفس ذائق وٿي نه ڇڏيندو وار، پرور پول پساهه جو.

(1)

سومرو آيو سيگهه مان ، پيهي پکن پار روئي روئي رت ڦڙا نيڻين وهايم نار

نڏهحيال ڪرين هزار، ته به ڪال نه ڇڏيندو ڪ

(9) سومرو آيو سيگهه مان پهرئين ڏينهن پکي ماهه لڱن ڇڏيو ڏسيو ڏيل ڏڪي چيو ٿي چکي، پنا قول قالو بلي جا.

(2)

سومرو آيو سيگهه مان پهرئين ڏينهن پکن ماهه لڱن ڇڏيو ڏسيو ڏيهه ڏڪن چيو ٿا چکن، قول قالو بلي جا.

Page 413: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 413

(1)

سومرو آيو سيگهه مان ڪام کڻي ڪاهي آسرو مون آهي اهلل ةنطوا من رحم ال تق

ويندو وهائي، قادر ڪين ڇڏيندو ڪڏهين.

(3) سومرو آيو سيگهه مان، ڪاهي کڻي ڪام رهيو آهي روح ۾ عربي احمد ڄام

ڪڏهنلڳيس جنهن جي الم، سو ڪين ڇڏيندو

(20) سومرو آيو سيگهه مان، پکي منجھ پهي

يو واحد کان وحي آ الموت ةکل نفس ذائق صاحب ڪيو صحي، پرور پول پساهه جو.

Page 414: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 414

(22)

سک تنهنجا سومرا ڀانيان سور سزا آڻي عمر ڪوٽ ۾ قسمت ڪئي قضا

وڻي ڪين وجود کي تنهن جي گت غذا منهنجو پساهه پکن ۾ هت ماڻيان ڪيئن مزا

يروح رضا، ڪريان منهن مارو ڄام ج“ راضي”

(21) نهن ڪاڻسڪان ٿي سومرا مارن جي م

مارن جي منهن ڪاڻ، رهي اٿم روح ۾.

(29) سڪان ٿي سومرا پنوهارن الء پاڻ وڃي سانگين ساڻ، ڏٿ چونڊينديس ڏيهه ۾.

Page 415: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 415

(29)

صبر شڪر سومرا حمد جن جو حق اهدناالصراط المستقيم سدا پنوهارن پڪ مون جيڏيون ملير ۾ ميڙيو اچن مڪ ڪهڙو نيئي نڪ، مالن مارو ڄام کي.

(21)

صبر شڪر سومرا مارو مون منٺار وسقاهم ربهم شرابا طهورا پين سانگي سڀ ڄمار ڏيهه ڌڻي ڏاتار، مونکي مارن ميلئين.

(29)

صبر ۽ شڪر سومرا سمر جن صحي مارو ملڪ ملير ۾ ويٺا راڄ رهي پکن منجھ مهي، پيان شال پرينء سان.

Page 416: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 416

(22)

صبر ۽ شڪر سومرا سدا ماروئڙن مرڪ ڪيو توڙئون تن ترڪ مخنث ایدنطالب ال

وارين وحدة ورق مذکر ىطالب المول ڪري غير غرق، لڏي ويا الهوت ڏي.

(21)

صبر شڪر سومرا تنهنجو سون ڀانيان سرٽ باهه ڏيان بنگلن کي ڪوٽن وجهان ڪرٽ ماري ٿي مرٽ، مونکي ماروء ڄام جي.

(23)

صبر شڪر سومرا قرب جن جو ڪل ڪن توڪل لحم لبن گڏ ڪيو، ثمر

باري الهين ڀل، ته مالن ماروء ڄام کي.

Page 417: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 417

(10)

صبر شڪر سومرا سانگي سيڻ سندام ڪوٺي قرب ڪندام اهلل ةال تقنطوا من رحم

وٺي ويڙهه ويندام، مارو ڄام ملير جا.

(12) صبر شڪر سومرا، سانگي مون سچار وسرن ڪين وجود مان، ويڙهيچا وينجهار

ح ۾ اٿم پرين جي پچارراتوڏينهان رو ڪين وهنديس ڪوٽ ۾ ساري سڀ ڄمار نت وهايم نار، بر جي بدوين الء.

(11 )

صبر شڪر سومرا سانگين سڃاتي ونهين ويڙهيچن سان اصل عرفاتي صاحب صفاتي، منهنجا مٽ ملير ۾.

Page 418: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 418

(19 )

صبر شڪر سومرا سدا منهنجي سونهن سنڀالي صاحب کي دل تان الٿيم دونهن

۾مون ورونهن، ڪين وساريان ڪوٽ وحدت

(19) صبر شڪر سومرا حمد جن جو حال اهدنا الصراط المستقيم سدا ڪل سوال وڃي ويڙهيچن سان، ڪريان وحدة جو وصال مون جيڏيون ملير ۾ ميڙيو اچن مال پسي پنوهارن کي ڪنديس قرب ڪمال قادر ڪندو شال، آجي عمر ڪوٽ کان.

(11)

مون پرڀاتصبر شڪر سومرا پڙهيو ميسر ملير ۾ جيڏين جي جماعت ماري ٿي مرجات، مونکي مارو مير جي.

Page 419: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 419

(19 ) صبر شڪر سومرا پختو ٿي پايان ونهين ويڙهيچن کي لقب ڪيئن اليان؟ ويٺي واجهايان، مارن جي ملڻ الء.

(12 )

صبر شڪر سومراسدا ٿي ساريان بازو بند باهه ۾ ٻانهين وجهي ٻاريان

ساريان، مارو جي ملير جا.ويهي ڪيئن و

(11) صبر شڪر سومرا تنهنجو رپو ڀانيان رت الفراق اشد من الموت کوليو پڙهان خط ماروء جي مدت، آجي ٿيان عمر ڪوٽ کان.

(13 )

صبر شڪر سومرا رحماني رضا ڪڍ ڪنگالڻ قيد مان قادر الهه قضا محبت جا مزا، ماڻيان مارو مير سان.

Page 420: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 421

(90) مرا سانگي رهن صفاصبر شڪر سو

ڪڍي ڪنگالڻ ڪوٽ مان خاوند الهه خفا مونکي مصطفي، ڪلمي ساڻ ڪوٺائيو.

Page 421: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 421

داستان ٽيون(2)

زمر زخرف سومرا وٽان مون ويئي مونکي مارو مير جي ڪوڪ ڪنين پيئي ڏسنديس مان ڏيهي، ڪوٺيون ڇڏي ڪڏهين.

(1)

کڙي هئي کوهه تي عمر ٿي آيو ت هٿن مان جنهن روئي رت وهايوويس ور

تنهن چڙهندي چوايو، ته ڇنو سڱ سرتيون.

(9 ) ويچاريء جو وس، ڪونهي رب ڪريم ري مون جيڏيون ملير ۾ ڪوڙئين الهين ڪس روز جن جو رس، آئون نه جيئندي ان ري.

Page 422: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 422

(9 ) عمر تنهن جي عيد اسان سوء ورتي سنڀال ويئي ويچارن وسري خوشي ۽ خيال

ڻ ڪيا سال، مارو ڄام ملير جا.سڪ

(1) عمر اباڻن جون، ڄام پسان ڄاريون سي سدا مون سومرا سڪ منجھان ساريون اسين پنوهاريون، پهن کي چاهه منجھان چاريون ولر ڪريو واريون، ڦوڳن پاس ڦرن کي.

(9)

عمر اباڻي پار جي مٺي ٿئي مکڻي وڃي کينديس کيت سان کاهڙ پاس کڻي

ي، وينديس منهه ماروئڙن جي.ويڙهيچين وڻ

Page 423: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 423

(2) عمر اباڻي پار جي، اٿم حب گهڻي سي ساريان ٿي سومرا، آهيان جن ڄڻي ڪندو شال ڌڻي، ته وينديس منهه ماروئڙن جي.

(1 )

عمر اباڻي پار کان آئين کوهه مٿان کڻي هت سڳر ساهيڙين جا هت آهيان هڪ ڄڻي

جيئڙن توڙي ڪرين پڻي،ته به وينديس منهه مارو

(3) عمر اباڻي پار جي ڀانيان کهه کٿوري خاڪ الئي سا لڱن کي چمي ٿينديس چاڪ تاڙيون ڀڃي طاق، وينديس منهه ماروئڙن جي.

(20)

عمر اباڻي پار جي ڀانيان کهه کٿوري الئينديس لڱن کي، نيڻن ۾ نوري پت ٿئي پوري، منهنجي ماروئڙن سين.

Page 424: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 424

(22)

الڪعمر اباڻي پار جو اچي ڪو او سو نه وساريان سومرا لڌو جنهن لوالڪ ڪنديس روح رفاق، منهه ماروئڙن جي

(21)

عمر اباڻن جو اٿڻ ويهڻ آمين سدا رهن صبر ۾ درس مٿي دين ماروئڙا مسڪين، ڪنهن در ڏين دانهئڙي

(29 )

عمر اباڻي پار جا ساريان ٿي سنگهار وسرن ڪين وجود مان ويڙهيچا وينجهار

پچار،سا ڪيئن وهندي ڪوٽ ۾؟جنهنکي پکن جي

Page 425: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 425

(29)

عمر اباڻي پار ڏي ساوا ٿيا سر مون جيڏيون ملير ۾ وارين روز ولر

تي رحم ڪرين پاڪ ڌڻي پرور“ راضيء” ڦوڳن پاسي ڦر، سدا سنگهارن جا.

(21)

هاڃو مير همير جو جڏهن ٻڌو جن تڏهن موٽي ملير ۾ توبهه ڪئي تن ويچارن ويڙهه کان ڪنبي ڪي ڪن

ت رکي من، ويا رئندا راهه ۾.محب

(29) هاڃون مير همير جو جن ٻڌو جام تن موٽي ملير کان توبهه ڪئي تمام ويچارن ويڙهه ۾ آيو نه آرام ناتر چائي نام، پيا پنهوار پنڌ ۾.

Page 426: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 426

(22)

هاڃو مير همير جو ٻڌو جن جال تن ڪنبي در قهار جي هيڻا ڪيا حال موٽي ملير کان کنيائون سڀ خيال

ارن ويڙهه مان مارن ڪاهيا مالويچ ڳجھي ڪيائون ڳال، حجت ناهه همير سان.

(21)

ستي لڌم سهڻو لوئيء ۾ لس اٺا مينهن ملير تي ڪن رهاڻيون رس ڪونهين منهنجو وس، جسو زنجيرن ۾.

(23)

ستي لڌم سهڻو، لوئي ۾ لعل اٺا مينهن ملير تي ڪالهوڻي ڪال سرتيون ڪيم سنڀال، ته جسو زنجيرن ۾.

Page 427: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 427

(10)

ستي لڌم سهڻو منجهان ڳجهي ڳال اٺا مينهن ملير ۾ ويا مارو ڪاهي مال آئون هت قابو ڪوٽن ۾ هت منهنجو حال جنهن جي مارن ۾ مقال،ساڪيئن وهندي ڪوٽ ۾؟

(12)

قاصد چئج قريب کي سالمن سؤ هزار حب الوطن من االيمان آهيان ۾ انتظار ارقيدالماء اشد من قيد الحديد رئان زاروز

والي واڳ وطن تي وار، ته پسان منهن پنهوار جو.

Page 428: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 428

داستان چوٿون(2)

پانڌي پرين پنهنوارکي چئج بندگيون بيشمار قابو ٿيس قيد ۾ آئون نماڻي نار سانگي سڀ ڄمار،ساريان ويٺي سرتيون.

(1)

منهنجا پرين پنهنوار کي پانڌي چئج پيغام قياماالنتظار اشد من الموت ڪاري ڀانيان ”

“.ويڙهيچا وريام، ساريان ويٺي سومرا

(9) سونهن وڃايم سرتيون منهن ٿيو ميرو حسن ريء هيرو، متان سانگي ڏين ساڻيهه ۾.

Page 429: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 429

(9)

سونهن وڃايم سرتيون منهن ۾ رکي مير حسن ڌاران هير، پسان ڪيئن پنوهار کي؟

(1)

سونهن وڃايم سرتيون پسان جي پنڌ ڪنڌ؟ پکي پنهنوارن جي ڪيئن کڻنديس

حسن ڌاران هنڌ، جي مارو ڏين ملير ۾

(9 ) سونهن وڃايم سومرا هاڻي اچي هت حسن ڌاران هت، پسان ڪيئن پنهنوار کي؟

(2)

هو پکا هو پيهيون هو مارن جا مال سي پٽ ساري سومرا لڙڪ وهايم الل پنهنوارن پال، وڃي کوڙيا ويڙهه ۾.

Page 430: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 431

(1)

هو پکا هو پيهيون هو مارن جا ماڳ پٽ ساري سومرا اندر لڳيم آڳسي

والي وارين واڳ، ته پسان منهن پنهنوار جو.

(3)

هو پکا هو پيهيون هو مارن جا محالت سي هنڌ ساري سومرا رنم ساري رات ساڻيهه بنا سرتيون قهري ڀانيان ڪات پرهه ڦٽي پرڀات،اٺي ويا اڪري.

(20)

جي اٺي ويا اڪري سي واريندو والي يان صاحب کي سواليسدائين سومرا آه

خاوند کان خالي، ڪڏهن تان ڪونه ويو.

Page 431: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 431

(22)

جي اٺي ويا اڪري سي آيم ويڙهه وري پسي تن پرين کي پيم نيڻ ٺري جن الء آئون چري، سي مولي مارو ميڙيا.

(21)

هو جهنگل ۾ جھوپڙاهو ٿر سندن ٿاڪ سي پٽ ساري سومرا کامي ٿيس خاڪ

ئيان.ماروء جي اوطاق، مرڪي شال ملها

(29) هو جھنگل هو جهوپڙا هو مارن جا ميدان سي هنڌ ساري سومرا، هنيون ٿيو حيران ڀاڻ ڪري بيران، اٺي ويا اڪري.

(21)

هو ڀٽون هو ڀاڻا، هو ٿاڻا سندن ٿر پوڃاڙيء جو پٽن تي ڦيرا ڏين ڦر

Page 432: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 432

بزون چرن بر، مارن جون ميلر ۾. هو ڀٽون هو ڀاڻا، هو جوء سندن جال

انگي ساريان سومرا چڱي جن جي چالسي س وطن هي نه وساريو قرب تني جي قال اکئين ڏسان شال، منهه مارو ڄام جو.

(22)

ڀٽن پاسي ڀاڻا ڪن، ٿاڻان سندن ٿر سي هنڌ ساري سومرا جال وهايم جو پنهوارن جي پر، وساريان ڪيئن وجود مان؟

(21)

ڀٽن پاسي ڀاڻا ڪن، ٿاڻان سندن ٿل د مان مٺو مير مرسل؟وسري ڪين وجو

قيامت جو ڪرڳل، الهيندو سڀ لوڪ تان.

(23) بندي ٻيا خوش حال اسين ڏوريون ڏيل ۾ مٿي ساهه سنڀال،سدائين سنگهارن جي.

Page 433: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 433

(10 )

کپ نڪي کج نڪي هيڻا ڪر حال سرا ســـــــــــــدا سور سنڀـــــالي ان مع لعسر

پالپسندينء پنهوارن جا پکا پيهيون لهندء لوهه لشاري چئي، ڪج وحدة جو وصال مون سان ماروء ڪئي روز ميثاق ملڻ جي مقال ڪندو رب جالل، ته ملير ويندينء ماروئي.

(12) ڪنجھ نڪي ڪرڪ نڪي ڪر هنگامان هل باري الهيندء ڀل، ملندينء ماروء ڄام کي.

(11)

ڪنجھ نڪي ڪرڪ نڪي ڪر هل هنگام ه لڱن کي ال الہ اال اهلل جو لگام الئي ويه

مارو مير مدام، متان وسارين وجود مان.

Page 434: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 434

(19) مارو ڄام ملير جا، سڀيئي مون سردار محشر ويل ميدان ۾ ٿيندا محب مهندار لوين وارا لک هزار، پر منجهن مارو هيڪڙو.

(19 )

مارو ڄام ملير جا پرکيم ڪل پنهوار ب ستارسوکيء سڄڻ سڀ ڪو اوکيء تون ر

مون تان ڏيهه ڌڻي ڏاتار، الهه م پاند پناهه جو.

(11) مارو مٽ ملير جا پرکيم سڀيئي سيڻ سوکيء سڄڻ سڀ ڪو،اوکيء ڏين ويڻ نوري مون تان نيڻ، هادي الهه حق جا.

(19)

اسين کٿا ڪريون خوشيء مان پٽ نه پاڙيون سون تنهنجو سومرا سڀوئي ساڙيون

ميشه الک جون.لڱن تي الڙيون.لويون ه

Page 435: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 435

(12) اسين کٿا ڪريون خوشيء مان پٽ نه پايون سون تنهنجو سومرا لڱين نه اليون سدائين سايون، لويون ڍڪيون الک جون.

(11)

اڌ لوئي انگ تي، اڌ ۾ گوڏ غريبت ونهين ويڙهيچن ۾ مدامي محبت آڻين چاڙهين سومرا ڀرن ڀليء ڀت عمر هي امانت، پهچائي ڏي پنهوار کي.

(13)

اڌ لوئي انگ تي اڌ ۾مريڙو مڪ هميراڻا حق، ثابت رکج سومرا.

(90)

صبر شڪر سومرا رهنمائي رضا ڪڍ ڪنگالڻ قيد مان،قادر الهه قضا محبت جا مزا، ماڻيان مارو ڄام سين.

Page 436: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 436

داستان پنجون(2)

اسين چڀڙ کائون چاهه مان چانور نه چاڙهيون پسيء نه پاڙيونٻن ٻوڙ تنهنجا ٻروچ چئي پالء

لقمان الڙيون، وحدة جا وجود ۾.

(1) پاڙيان نه پالء سين کاهڙ جا کنڀور

وڻن ڪين وجود کي تنهنجا چورمان ۽ چور مهي مون منظور، وڃي کينديس کيت سان.

(9)

آئون ڪيئن سمهان سيج تي مون ور گهاري پٽ کٿيريء کي کٽ، عمر آڇ م ڪڏهين.

Page 437: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 437

(1)

ن سيج تي مون ور گهاري ٿرآئون ڪيئن سمها هت ولهيء کي ور، ٻيو آڇ م ٻروچ چئي.

(9)

ماڻهو گهرن مينهن، آئون سدا گهران سپرين دنيا دولت دوست تان گهوريان هٿن سين مونکي راتوڏينهن، محبت ماروء مير جي.

(2)

ماڻهو گهرن مروار،آئون سڀ ڏينهن گهران سپرين ڄمار دنيا دولت دوست تان گهوريان سڀ

ڪيو نينهن نروار، مونکي مارو مير جي.

(1) ڪڍي ڇڏ قلب مان ٻيائيء جي ٻولي هيڪڙائي جي هولي، رک سدائين روح ۾.

Page 438: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 438

(3)

جو قيدالماء ڪهن سو مون ڪمند ڪار ٻانهين ڀڃي ٻاريان، ساڙيان هسي هار سدائين سنگهار، ساريان ويٺي سومرا.

(20)

گهڻوقيدن ڪنباياس، مارن الء مران سانگين جي سومرا ساڙي سور وڌياس پرين کي پسندياس، ڪوٺيون ڇڏي ڪڏهين.

(22)

قسمت ڪيس قيد، نه ته ڪير اچي هن ڪوٽ ۾ سورن جا سرتيون نير ڀانيان پيد محبت ڪيو ميد، مونکي مارو ڄام جي.

Page 439: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 439

(21)

قيدالماء ٿيوم هت اڙانگي گهاريان ئي هنجهون هاريانه را يبکوا کثيوال ل يضحکوا قليفل

نيڻين نهاريان ماذاغ البصر و ما طغي سڪان ۽ ساريان، مارو مٽ ملير جا.

(29)

قيدالماء ٿيوم هت اڙانگي آهيان ٻڪو ٻاباڻن جا، ڪام کنيو ڪاهيان اديون آس نه الهيان،ملندس ماروء ڄام کي.

(29) جهڙو قيدالماء تهڙي باهلل آهيان بند ۾

رد منهنجي جي دانهنسڻي ڪونه سومرا، د هي جا تو هت جهلي ٻانهن، سا آهي اباڻن آسري.

Page 440: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 441

(21) قيدالماء ٿيوم هت آهيان اڙانگي رهيا اٿم روح ۾ سدا مند سانگي هوجي جيء اندرجهانگي، تن سوا ساعت سري ڪينڪي.

(29)

ڪارا ڪاراين ۾ سون اسانکي سور پنهوارن پور، سا ڪيئن پائيندي ڪوٽ ۾.

(22)

مر ڪوٽ کان ڪندو پاڻ ڪريمآجي ع ڏيندو معافي مسڪين کي رازق رب رحيم جنهن جو اعلي شان عظيم،سو مالئيندو مارن سان.

(21)

بقر، فاتح سومرا آل عمران الفت طہ ياسين تن ۾ الرحمان راحت محمد جي مصلحت، مونکي مارن ميڙئين.

Page 441: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 441

(23) بقر فاتح سومرا مارو مؤمن پار

۾ رهن سانگي سڀ ڄمارويڙهيچا وتين ڏيهه ڌڻي ڏاتار، مونکي مارن ميلئين.

(10)

سکر سيئي روز، جي قابو هيس ڪوٽ ۾ وسايم وڏ ڦڙا مٿي سورن سوز اندر منهنجو اعوذ، اجاري اڇو ڪيو.

(12)

سکر سيئي وار، جي قابو هيس ڪوٽ ۾ وسايم وڏ ڦڙامٿي سارنگ سڀ ڄمار نير منهنجي نار،اجاري اڇو ڪيو.

(11)

مٿو ڌوء نه مارئي محلين مارن دور پائڻ ميٽ مٿي ۾ سرتين سواء سور جنهن کي پنهوارن جا پور،سا ڪيئن وهندي ڪوٽ ۾؟

Page 442: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 442

(19)

چرن چڻڪن چت ۾ تن تني جي تات فاذڪروني اذڪرڪم اٿم وائي وات مونکي ڏينهان رات، محبت ماروء ڄام جي.

(19)

روئي لکيم رات، ڪاغذ قريبن ڏي ڙهيچن الء ٿيم پرهه ڦٽي پرڀاتويٺي وي

ال تقنطو من الرحمة اهلل وائي اٿم وات مون تن سدائين تات، مارن جي ملڻ جي.

(11 )

مارن جي ملڻ جي، تن ۾ اٿم تانگھ اهلل اهي آڻ تون جن الء اڏايم ڪانگ عمر آيو اوچتو ڪري ساڳيو سانگ ڊوها! تو ڊوهه ڪيو، جيئن نپٽ کائي نانگ

من جهانگ، موال سي ميلئين.جي جهانگي گه

Page 443: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 443

داستان ڇهون(2)

ڏٺي جن کي ڏينهن ٿيا سي ڏيکارين ڏاتار صاحب رب ستار، گڏجي گوندر الهيان.

(1)

هر مند سانگي سنرا، ويڙهيچا ولهار وٺا مينهن وڏ ڦڙا گاهن ڪيا گلزار آئون قضا آنديس ڪوٽ ۾ هت نماڻي نار ستيء جي سومرا پکن منجھ پچار

هه ڌڻي ڏاتار، مونکي مارو ميلئين.ڏي

(9) سڀ مند سانگي سنرا، کاهڙ ۾ خوشناڪ وڃي ويٺا ويڙهه ۾ اڏي سي اوطاق وينديس وطن سامهون تاڙيون ڀڃي طاق پرور ڌڻي پاڪ، مونکي مارن ميلئين.

Page 444: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 444

(9)

سدا مند سانگي سنرا وطن منجھ وصال سرتين الء سومرا سڪندي ٿيم سال

ن وحدة جو وصالوڃي ويڙهيچن سان ڪريا مارو بيمثال، وسرن ڪين وجود مان.

(1) هر مند سانگي سنرا، ساڻيهه منجھ سڌير سرتين الء سومرا سڪي ٿو سرير مارن جي اڪير، هڏ منهنجا وڍيا.

(9)

اندر منجھ اڪير، مدامي مارن جي وڃان وطن سامهين وٺي ذوق زهير سانگين الء سومرا نت وهايان نير

مير، عيبن کان آجو ڪيو. مونکي ماروء

Page 445: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 445

(2)

اندر منجهه اداس، مدامي ماروء مير جي قلب منهنجو ڪوٽ ۾ رتي ناهي راس جنهن کي پکن جي پياس،سا ڪيئن وهندي ڪوٽ ۾

(1) پهرين ڪيا پٽن تي وڄن وڇاڻا سور انهن جا سومرا سڌر ساماڻا وڃي ويٺا ويڙهئين اڏي ڀر ڀٽن ڀاڻا

ملير ۾.ڏوٿي ڏاڏاڻا، پسان ملڪ

(3) سنمک سانگي سهڻا ويڙهيچا وير پهون پيارين پنهنجون بر ۾ کڻايو بير عمر ڄام امير، ڪڍ بندياڻي بند مان.

Page 446: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 446

(20)

سنمک سانگي سهڻا ويڙهيچا وينجهار مارن پاسي مينهن اٺا ٿيا ٿر بر باغ بهار ستيء کي سومراپرين جي پڪار صاحب رب ستار، مونکي مارو ميلئين.

(22)

نمک سانگي سنرا ويڙهيچا وريامس سي پٽ ساريو سومرا ڪاري ڀانيان قيام ماروء جو مقام، مون نماڻيء نصيب ٿئي.

(21)

سنمک سانگي سنرا ويڙهيچار وينجهار سي پٽ ساروي سومرا نت وهايان نار پرينء جو پار، شل مون نماڻيء نصيب ٿئي.

Page 447: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 447

(29)

هٺ نه ڪجي هيترو هٺ نه ڪن وينجهار تان هزار“ هئڻ”ي پيا ڪيترا ڪر

ملڪن جا مهندار، نؤڙت کڻي نهال ڪيا.

(29) عمر اسان جي ڏيهه وسي سارنگ سڀ ڄمار مون جيڏيون ملير ۾پنوهاريون پرهيزگار وڻن ڪين وجود کي سرتين ري سينگار قضا آنديس ڪوٽ ۾ ساريان ٿي سنگهار مولي مددگار، ورتو راضي روزميثاق جي.

(21)

سومرا گام سندن گجرات صبر شڪر ويڙهيچا وطن ۾ هلن منجھ هرات هميشه هيهات، سانگي ڪن سفر ۾.

Page 448: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 448

(29)

تنهن جي مس تنهنجو جو قلم تون ئي دفتر دار تو لکيو مون پاريو، آئون تنهن الء عيبدار.

(22)

ٿر ٿوهر گهر جهوپڙاسانگين جا سينگار وڃي ويٺا ويڙهه ۾ وڏي سونهن سچار

رهي اٿم روح ۾.تنهين جي پچار،

(21) آخر نام احمد جو مڙني موچارو مونکي محمد مير جو آهي ازلي اشارو اندر ڪيو آرو، پرين جي پسڻ جو.

(23)

صبر ۽ شڪر سومرا، سانگي مون صفا ڪڌ ڪنگالڻ قيد مان خاوند الهه خفا مونکي مصطفي،ڪلمي ساڻ ڪوٺائيو.

Page 449: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 449

(22)

ٿر ٿوهر گهر جهوپڙاسانگين جا سينگار وڃي ويٺا ويڙهه ۾ وڏي سونهن سچار تنهين جي پچار، رهي اٿم روح ۾.

(21)

آخر نام احمد جو مڙني موچارو مونکي محمد مير جو آهي ازلي اشارو اندر ڪيو آرو، پرين جي پسڻ جو.

(23)

صبر ۽ شڪر سومرا، سانگي مون صفا ڪڌ ڪنگالڻ قيد مان خاوند الهه خفا

ائيو.مونکي مصطفي،ڪلمي ساڻ ڪوٺ

Page 450: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 451

وائي مٺا مارو سگهو موٽ، منهنجي دل توکي ٿي ساري باري مون تان بند بدا ڪرين چينچل ڏيئي چوٽ وڃي ويڙهيچن ۾ روز ورهايان روٽ اجهو عاصين احمد ڪارڻي مير مديني گهوٽ اهلل لڳ لشاري چئي ڀڃ قضا جو ڪوٽ

ڪافي

رسان شال روئي،پري پنڌ پيوئي و هم هماٿم رايو اهوئي، پسان مار

اباڻن ڏي وينديس وڙهيچن سان وهنديس مارن ساڻ ملنديس گوندر لهن غم غم

روز ريهون ڪري قرب ڪيهون“ راضي” اندر عشق ايهون، ڪريان ڪونه ڪم ڪم

Page 451: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 451

ڪافي ڪوٺيون ڀانيان قيام،ملڪ مارن جو ويهي ڪيئن وساريان ماڙين تي نه مٽينديس ويڙهيچا وريام مسانگين جا سومرا دل تي اٿم دا

پکي پنهنوارن جي وڃي گذاريان گام راضي چئي روز ازل کان رهيا مارو من مدام

وائي قابو ڪيئه قيد ۾ڇڏ نڌر نماڻي موڪل ڏي ته ملير وڃان پيان پنهنوارن جو پاڻي کاڄ مارن جو کنڀيون للر لنب الڻي سدا ساريان سومرا آئون مهي اباڻي

Page 452: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 452

وائي

عمر پو پون ٿا پنوهارن جا دم روز هاريان سدا سانگي ساريانهنجون

رويو نت نهاريان ڇپر وسن ڇم ڇم

وائي منهنجو ملڪ ملير، هت گهاريان ڪين گهڙي قضا آنديس ڪوٽ ۾پيم قيد ڪڙي وينديس ويڙهيچن ڏي کاهڙ پاس کڙي پيرون چونڊينديس پاند ۾ مٿي چوٽ چڙهي فاتح هن فقير جي پنهنوارن پڙهي.

Page 453: Razi Faqir Jo Risalo

عبدالجبار شيخ :ڪمپوزنگ ............................................راضي فقير جو رسالو

www.sascitysukkur.com 453

ٿيوپورو